• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو محمد خان ۾ برسات سٽيلن تي لاٺي چارج ۽ آنسو گيس شيلنگ جي خلاف ريلي

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران برسات سٽيلن تي انتظاميه پاران لاٺي چارج ۽ آنسو گيس شيلنگ جي خلاف احتجاجي ريلي​

رپورٽ: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون نثاراحمدناز: سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اڄ ٿوري دير پهرين ٽنڊو محمد خان ريلوي اسٽيشن کان ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان تائين هڪ ريلي برسات سٽيلن جي واهر ڪريو ڪڍي ويئي هن ريلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جا سمورا عهديدار ، وڏي تعداد ۾ پارٽي جا ڪارڪن، ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جون ناريون ۽ وڏي تعداد ۾ برسات سٽيلن ۽ عام شهرين شرڪت ڪئي . ريلي جڏهي ڊي سي او آفيس پهتي ته هڪڙي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي . جلسي کي خطاب ڪندي هاري تحريڪ جي محمد جمن سمون چيو ته ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا امداد صرف پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ جيالن ۾ ورهائي رهيا آهن حقيقي حقدارن کي امداد جو ذرو به ناهي مليو، ان ڪري پرزور مطالبو ڪجي ٿو ته فوري طور تي حقدارن ۽ برسات سٽيلن جي واهر ڪئي وئي وڃي. ان کان پوءِ ناري تحريڪ جي ضلعي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته برسات کان پوءِ ٿيل صورتحال جي ذميوار ٽنڊو محمد خان جي نااهل انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا آهن، اهي هاڻي رڳو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن ، مستحقين تي آنسو گيس جي شيلنگ ۽ لاٺي چارج کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو پوري دنيا ۾ ٻوڏ سٽيلن ۽ برسات سٽيلن جي پرگهور انهن جا ڏُک سُور ختم ڪري انهن کي امدادون ڏيئي لهي ويندي آهي پر هتي جي ظالم انتظاميه ۽ نااهل حڪمران عوام تي لٺيون وسائي ۽ آنسو گيس جا شيل وسائي غريب ۽ مستحق سنڌي عوام جي سُورن ۾ وڌيڪ اظافو ڪري رهيا آهن جيڪڏهن هنن غريبن کي امداد ڏيئي مدد نه ڪئي ته سنڌ جو ن ناريون خاموش ڪونه ويهنديون ، ظالم حُڪمرانن کي من مستيون ڪري ڀڀ ڀرڻ ڪونه ڏينديون. منظور عادل سومرو چيو ته اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو بجاءِ غريبن کي آباد ڪرڻ جي غريبن برسات سٽيلن جي واهر ڪرڻ جي انهن مٿان لٺ بازي ۽ آنسو گيس جا شيل هنيا وڃن ، ڌرتي ڌڻين ۽ مظلومن تي ايڏو ظلم ڪريو جو سڀاڻي توهان سهي به سگهو. رضا خاصخيلي سنڌ صدر ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان چيو ته اسان سنڌين جي ووٽن تي من مستيون ڪرڻ واري هي ظالم حڪومت ۽ ان جا ڪارندا جيڪڏهن انصاف پسندي کان ڪم وٺي برسات سٽيلن جي مدد ۽ واهر نه ڪندا ته سنڌ ترقي پسند جو هر ڪارڪن نه صرف ڊي سي او آفيس جو پر پوري ٽنڊو محمد خان ضلعي جا روڊ بلاڪ ڪري جڳه جڳه تي ڌرڻا هڻڻ جي طاقت رکي ٿو، رضا خاصخيلي وڌيڪ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ٽنڊو محمد خان ضلع جي ٻوڏ سٽيلن جي واهر نه ٿي ته عيد جي چوٿين ڏينهن کان اسان جي زبردست تحريڪ شروع ٿي ويندي جنهن کي روڪڻ هتي جي نااهل انتظاميه ۽ پي پي جي غدار نمائندن جي وس جي ڳالهه ڪونه هوندي. آخر ۾ هي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته اسان جي هن اڄوڪي ريلي جو مقصد ڪو شهر جو امن امان خراب ڪرڻ ڪونهي اسان ته ڊي سي او ٽنڊو محمد خان کي صرف اهو ياداشت نامون پيش ڪرڻ ٿا چاهيون جنهن ۾ کيس يادگيري ڏياري اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ها ته ٽنڊو محمد خان ضلع ۾ برسات جي هاڃيڪارين سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو آهي ، ان ڪري اهو چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه جو فرض آهي ته فوري بنا ڪنهن مت ڀيد جي هرڪنهن جي واهر ڪئي وڃي، امداد تي حق صرف بوڏ سٽيل عوام جو آهي ، هتي امدا د صرف جيالا بدديانتي ڪري کائي رهيا آهن ، مستحق عوام صرف لٺون ۽ آنسو گيس جا شيل کائي رهي آهي ، اسان پوري انتظاميه بشمول رينجرز جي اهلڪارن کي ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌي قوم امن پسند قوم آهي، هي شهر ٽنڊو محمد خان اسان جو پنهنجو شهر آهي اسان پنهنجي شهر جي امن امان کي ڪڏهن به ڪونه چاهينداسين ته ڪو خطرو ٿئي، اسان هن ضلعي جي سنڌي قوم جيڪا برسات جي ڪري بلڪل بي حال آهن انهن جي مدد جي واسطي گڏ ٿيا آهيون ان ڪري ڊي سي او کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور برسات سٽيلن جي عزت ڀري واهر ڪري انهن جي ڏُکن ۽ سُورن جو مداوو ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ٿيو رڳو جيالن جا پيٽ ڀريا ويا ته اسان صبر ڪري ڪونه ويهنداسين ، پوءِ اسان تي ميار ڪانه هوندي پوءِ اسان گهٽي گهٽي ۾ هنن ظالم حُڪمرانن جو گهيراءَ ڪنداسين انتظاميه جو گهيراءَ ڪنداسين ۽ برسات سٽيلن جي واهر وڙهي به ظالم حڪمرانن کان ڪرائينداسين . پيش آهن انهي ريلي جو ن تصويرون دوستن کي سُڌ هجي ته هي تصويرون هڪ ڪلاڪ پهرين جون آهن
19 آگسٽ 2011ع​

300997_10150295957468216_794048215_7824480_61548_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري تقرير ڪري رهيو آهي

185381_10150295947438216_794048215_7824311_505837_n.jpg

منظور عادل سومرو انتظاميه ۽ پي پي جي چونڊيل نمائندن کي خبردار ڪري رهيو آهي

294869_10150295950833216_794048215_7824384_4869367_n.jpg

رضا خاصخيلي خطاب ڪري رهيو آهي

297759_10150295951278216_794048215_7824392_4180351_n.jpg

هن ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون به شريڪ هيون

299252_10150295954583216_794048215_7824449_3233900_n.jpg

هن ريلي ۾ ناري تحريڪ جي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي به نمايان آهي

298353_10150295955598216_794048215_7824467_2138958_n.jpg

عورتن کان علاوه عام ماڻهن جو به چڱو خاصو انگ شريڪ ٿيو

223700_10150295956043216_794048215_7824469_7318202_n.jpg


185291_10150295956943216_794048215_7824476_6596181_n.jpg


295892_10150295958828216_794048215_7824493_261622_n.jpg


299057_10150295959353216_794048215_7824499_4397753_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جا مرڪزي عهديدار جنهن ۾ ڊاڪٽراحمد نوناري ، رضاخاصخيلي، محترما ثمينه خاصخيلي ، محترما امبر شاهه ۽ فرزانه شاهه نمايان آهن​
 
جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ برسات سٽيلن تي لاٺي چارج ۽ آنسو گيس شيلنگ جي خلاف ريلي

سائين نثار ناز سلام ۔۔۔۔

تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا۔ ڪنهن در ڏجي دانهڙي ۔۔۔ نه حڪومت ٿي ٻڌي نه وري اسان ۾ ئي ڪو اهو دم آهي جو ڪا تحريڪ هلايون۔ پوء به مان ٽنڊي محمد خان جي دوستن ۽ ڀينرن کي سلام ٿو پيش ڪيان جيڪي هر وقت ٻه قدم اڳتي وڌي جدوجهد ۾ شامل آهن۔ برسات جي تباهه ڪارين سبب ماڻهن جي زخمن تي پهو رکڻ بجاء حڪومت ۽ انتظاميه لوڻ برڪي رهي آهي۔

اسان اوهان دوستن سان گڏ آهيون ۽ انتظاميه جي اهڙي ڪُڌي ڪم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اهو مطالبو ٿا ڪيون ته متاثرين جي پرگهور لهي انهن جي جلد مدد ڪئي وڃي۔

.....................................

سائين نثار ناز سلام ۔۔۔۔

تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا۔ ڪنهن در ڏجي دانهڙي ۔۔۔ نه حڪومت ٿي ٻڌي نه وري اسان ۾ ئي ڪو اهو دم آهي جو ڪا تحريڪ هلايون۔ پوء به مان ٽنڊي محمد خان جي دوستن ۽ ڀينرن کي سلام ٿو پيش ڪيان جيڪي هر وقت ٻه قدم اڳتي وڌي جدوجهد ۾ شامل آهن۔ برسات جي تباهه ڪارين سبب ماڻهن جي زخمن تي پهو رکڻ بجاء حڪومت ۽ انتظاميه لوڻ برڪي رهي آهي۔

اسان اوهان دوستن سان گڏ آهيون ۽ انتظاميه جي اهڙي ڪُڌي ڪم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اهو مطالبو ٿا ڪيون ته متاثرين جي پرگهور لهي انهن جي جلد مدد ڪئي وڃي۔
 
جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ برسات سٽيلن تي لاٺي چارج ۽ آنسو گيس شيلنگ جي خلاف ريلي

تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا۔ ادا ھن ملڪ ۾ اھڙن لاچار ، بيوس ۽ برسات سٽيلن ماڻھن تي لاٺي چارج ۽ آنسو گيس شيلنگ نه ٿيندو ته چا ٻيو گلن جاھار پارائيندا
 
Back
Top