• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ڪارڊ تي پنجابي جرنلسٽ نذير ناجي جا زهر ۾ ٻُڏل تير

Sindhi Media

سينيئر رڪن
mon on Friday, August 19, 2011 at 8:30pm
سنڌيڪار ـ عبدالرزاق ميمڻ
سنڌي ميڊيا فريلانس جرنلسٽ، ايڪٽر، ليکڪ ۽ ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر ، سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)

جيڪي ماڻهو صدر زرداري ۽ انھن جي حامين جي هڪ سياسي غلطيءَ جي بُنياد تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا . .آهن، شايد اُنهن کي اهو اندوزو ئي ڪونهين ته اُنهن جي غلطي آصف زرداري جي غلطيءَ کان وڌ نُقصان واري ۽ سنگين ثابت ٿيندي . آصف زرداريءَ کي اهو ضروري ناهي ته هُو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي سامهون آڻي سنڌي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
هو خانداني ۽ تاريخي اعتبار سان سنڌي آهي ۽ سنڌ ۾ آباد وڏين قومن مان هڪ سان هو تعلق رکي ٿو. هُن ڄاڻي واڻي سنڌين کي نُقصان پُهچائڻ واري ڪا حرڪت ڪانه ڪئي آهي. اقتدار جي ران ۾ سياسي جوڙ ٽوڙ ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو سڀني ڪيو، سڀئي ڪن ٿا، سڀئي ڪري رهيا آهن. آصف زرداريءَ پوئين ساڍن ٽن سالن دوران هن راند ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ورتيون آهن ۽ پنهنجي مُخالفن کي اڪيلائيءَ ۾ ڌڪيليندو ويو.
ايم ڪيو ايم جي سياسي مزاج جو موسم ايتري ته تيزاءَ سان بدلجندو رهندو آهي جو آصف زرداري ان تيز رفتار تبديلين کي مُنهن ڏيندي _يندي ٿورڙو لڙکڙائجي ويو ۽ سنڌي قوم پرستن جا اُهي گُروه جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي سياست جي سامهون بيوس بڻيا پيا هُئا هڪدم آس مارندي اُٿيا ۽ هن موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا. هُنن جو خيال آهي ته هُو پيپلز پارٽيءَ جي خلاف سنڌ ڪارڊ کيڏي هُن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا ۽ سنن صوبي ۾ قوم پرستن جي بقول پنجابين کي تقويت ڏيڻ واري جماعت کي نُقصان رسائي پنهنجي سياست چمڪائي وٺندا.

پيپلز پارٽيءَ جي دعوي آهي ته هو پاڪستان جي سڀني صوبن جي نمائنده جماعت آهي، پنهنجي اها دعوي سچ ٿابت ڪرڻ لاءِ کين اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻيون پون ٿيون جيڪي پاڪستان جي مڙني صوبن ۾ رهندڙن لاءِ قابلِ قبول هونديو.

ظاهر آهي پنجاب جي آبادي وڌيڪ آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اندر پنجاب جو اثر رُسوخ به ٻين صوبن جي مُقابلي ۾ وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ٿو. وفاقي حُڪومت جي ذميدارين جي مُطابق جيڪي حُڪومتي پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون، اُنهن ۾ مڙني صوبن جي مُفادن کي سامهون رکڻو پوندو آهي. جڏنهن ته سنڌي قوم پرست هن توازن جي حق ۾ ناهن، انهن جا گهڻي ڀاڱي ليڊر ٻين صوبن ۽ خُصوصا” سنڌ ۾ غير سنڌين لاءِ مُختلف تعصب رکن ٿا.

ذوالفقار مرزا، ڪڏنهن ڪڏنهن قوم پرستن جي تنقيد کان تنگ اچي اُنهن جي ئي زبان ۾ ڳاله ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هڪ ٻن جملن ۾ هو قوم پرست سنڌي ليڊرن کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻي وڃي ٿو پر قومي ذميوارين ۽ تمام صوبن جي سياسي نمائندگيءَ جو حق ادا ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي ذوالفقار مرزا جي زبان بندي ڪرڻي پوي ٿي. ان کي سنڌ ۾ آباد ٻين لساني ۽ سياسي طاقتن سان به سمجهوتا ڪرڻا پون ٿا، جن م ڪي سمجهوتا سنڌين کي نٿا وڻن ، اهڙو ئي هڪ فيصلو بلدياتي نظام جي باري ۾ ٿيو. ان ۾ خود پيپلز پارٽي ۾ اندر جا ماڻهو به مُضطرب ٿي پيا. هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنڌي قوم پرستن کان ڊڄن ٿا ۽ اُنهن کي پنهنجي پارٽيءَ جي ان طاقت جو علم ئي ناهي، جنهن جو مُظاهرو ذوالفقار مرزا به ڪڏنهن ڪڏنهن ڪندو رهندو آهي. انهن کي اهو به اندازو ناهي ته، سنڌي قوم پرست ڪيترا به کڻي طاقت ور ٿي وڃن، پيپلز پارٽيءَ جي سياست جي سامهون هُنن جا ڏيئا نه ڪڏنهن روشن ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وري روشن ٿي سگهن ٿا.

سنڌي عوام کي چڱيءَ طرح سان خبر آهي ته پاڪستان ۾ صدارت يا وزارت عُظما جو منصب قائد اعظم کان پوءِ جڏنهن به سنڌ جي حصي ۾ آيو، اهو پيپلز پارٽيءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿيو جيڪا پنهنجي عوامي حمايت ۽ سياسي طاقت جي زور تي اهو منصب حاصل ڪندي آهي. ورنه اگ ڪنهن سنڌيءَ کي ڪو وزير اعظم يا صدر ٺاهيو به ويو ته اُهو محمد خان جوڻيجي وانگر ڪنهن فوجي آمر جي ماتحت هوندو ۽ جيڪڏنهن ان ٿورڙو به ڪنڌ مٿي کنيو ته گهر ڀيڙو ٿي ويندو.
سياسي طاقت صرف پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي ۽ انهيءَ طاقت جو حصو بڻجي سنڌ پنهنجن جائز جهموري حقن کي حاصل ڪري سگهندي. جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي سياسي طاقت ۾ گهٽتا.ي آڻائڻ لاءِ سنڌي قوم پرستن جي مدد وٺڻ چاهين ٿا اُنهن کي شايد اهو اندازو ئي ڪونهين ته هو ڪهڙو خطرناڪ آڙاه ڀڙڪائندا؟ مُهنجي نظر نواز شريف تي آهي، هن تحرير کان اڳ تائين هن ان معاملي تي انتهائي ذميداري ۽ هوشمنديءَ جو ثُبوت ڏنو آهي. حالنڪه اُن کي بهڪائڻ جون ڪئين ڪوششون ٿي رهيون آهن ته هو موقع مان فائدو وٺي سنڌي قوم پرستن سان ملي وڃي.
آصف زرداريءَ خلاف سنڌي قوم پرستن جي هاڻوڪي ناراضگي کان پهرين نواز شريف معمول جي سياسي سرگرمين دوران سنڌي قوم پرستن سان به رابطا رکيا هُوا. هڪ قومي جماعت جي سربراه جي حيثيت م هي آون جو حق هو ۽ آهي به تهو پوري صوبن جي عوام سان رابطا قائم ڪري پنهنجي سياسي طاقت ۾ اضافو آڻي پر هُن علائق تعصبن جي مُبني قوم پرستيءَ جي نالن تي سياست ڪرڻ وارن طالٿ آزمائن جي حالي ناراضگيءَ مان فائدو وٺڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي، جڏنهن ته پيپلز پارٽي جي اتحادي جماعت اي اين پي جي شاهي سيد سياسي نا پُختگيءَ جو ثُبوت ڏيندي، هُن سنڌي قوم کي ڀاڪر پاتو، جنهن کي پيپلز پارٽي بي اثر ڪري چُڪي آهي. شايد شاهي سيد کي خبر ئي ناهي ته اُن جي نام نهاد قوم پرست سنڌي ليڊرن ۾ ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي پناهگيرن، سنڌين ۽ پنجابين ڱي غاصب ۽ قورو تصور ڪن ٿا ۽ انهن سڀني کيسنڌو ديش مان ٻاهر ڪٺي ڦٽي ڪرڻ جو عزم رکن ٿا.
نواز شريف پنهنجي سياسي تجربي جي بنا تي ڄاڻي ٿو ته جڏنهن سنڌي قوم پرستن زور ڀريو هو ته پنجابي آبادگارن جي خلاف ڪهڙيو ڪهڙيو ڪاروايون ڪيون ويون هُيون؟ ڪيئن اُنهن جي گهرن ۽ ڪاروبارن کي اُجاڙيو ويو هو؟ ڪيئن اُنهن جو زرعي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪوششون ٿيون هُيون؟ اندون سنڌ۾ به وسڻ وارن پٺاڻن کان شاهي سيد رابڀي ۾ ناهي جيڪي هُن کي ٻُڌي سگهن ته جن سنڌي قوم پرستن کي هو ڀاڪر پائي رهيو آهي هو پٺاڻن لاِ ڪهڙا جذبا رکن ٿا؟ ايم ڪيو ايم کي ان جو چڱيءَ طرح تجربو آهي.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ئي هڪ اهڙي سياسي طاقت آهي جيڪا هن صوبي ۾ آباد تمام زبانن ۽ نسلي گروهن کي امن ۽ برابريءَ جو ماحول ڏئي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ته اهڙي سياسي طاقت آهي ئي ڪونه جيڪا قومي يڪجهتي جي وڌاءَ لاءِ سنڌ ۾ ڪو موثر ڪردار ادا ڪري سگهي. جيڪي ماڻهو به سنڌي قوم پيستن جي ناراضگيءَ جو فائدو وٺي پنهنجو داءُ لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اُهي پنهنجن پيرن تهي پاڻ ڪُهاڙي هڻي رهيا آهن. هن تنگ پرست سنڌي قوم پرستن کي خود سنڌي عوام جي مُفادن جو به اندازو ناهي نه ته اُنهن کي ڄاڻ آهي ته سنڌ جي نمائندن کي جڏنهن به وفاقي حڪومتن مان ڪڍيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ قابض ٿي اهي جنهن ۾ اڪثر آمرن جون حُڪومتون آيون يا آمرانا ڀاقتن جا ايجنٽ بر سر اقتدار آيا، ٻنهين صورتن ۾ سنڌي عوام تي جيڪا گُذري اُن جا تفصيل پُرڻي سنڌين جي حقيقي نمائندگن کان پُڇجن.
سنڌين جي سياسي طاقت صرف پيپلز پارٽيءَ جي حمايت سان ئي وفاق ۾ جائز حيثيت حاصل ڪري سگهي ٿي. سنڌي قوم پرست ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ ويندا ته ته آُن جي قيدت غير سنڌين وٽ هوندي ۽ سنڌ ۾ رهڻ وارن تمام ماڻهن جي سياسي قيادت جڏنهن تائين سنڌين وٽ نه ايندي پوري صوبي جي سياسي طاقت يڪجا نه ٿي سگهندي. گستاخي معاف! نه ڪو پناهگير ليڊر پوري سنڌ جي سياسي نمائندگيءَ جو دعويدار ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪو پٺان . پوري سنڌ جي نمائندگي صرف پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪري سگهي ٿي. بهتر اهوئي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي انهيءَ تاريخي ڪردار کيص مجروح ڪرڻ کان هٽيو وڃي . پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ڪارڊ پوري پاڪستان جي حق ۾ استعمال ٿئي ٿو. هي ڪارڊ جي ٻئي ڪنهن جي هٿ چڙهي ويو ته خود سنڌ جي خلاف به استعمال ٿيندو.
 
جواب: سنڌ ڪارڊ تي پنجابي جرنلسٽ نذير ناجي جا زهر ۾ ٻُڏل تير

بس سائين ادي سليمان جي ڳاله وانگر سڀني جا ڪم لٿا پيا آهين
 
Back
Top