• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي
نه هتي حڪمرانن کي ملال آهي
دور اسانجو پنج پڪوسال آهي
اسانجو ڇا جي آيو زوال آهي

ناهي هتي عدل ۽ انصاف ڪوئي
غريب کي سزا امير کي معاف آهي
عدل انصاف نه ڪو احداف آهي
حيوانن کي پاتل سلطاني لحاف آهي
ڏيو جواب ڏاڏل جو سوال آهي
COLOR="red"]
رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

ڀاڳئي کي ملي آ چور جي سزا
حق هر طرف آهي جو رُسوا
دنيا جي محبت تان قربان خدا
ڪوڙي لاءِ هت جا وهواه
خاص پهري ۾ عام جو قتال آهي
رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي


چورن وٽ آهي شهر جي رکوالي
ان کان بهتر اسانجي ڳوٺ جا موالي
ڏسو هي غيرن جي در جا سوالي
ڪن ٿا خون اسانجي جي دلالي
اڃان اچڻو ڪهڙو زوال آهي
رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

آخري ترميم ڪندڙ ڏاڏل شينو; 28-05-2011 وقت 12:15 AM.
[/COLOR]​
 
جواب: رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

ڏاڏل جي جذبن جو قدر آهي

هتي ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏاڍ کي حيران آهيون ته انتظاميه ۽ قانون جي رکوالي ڪندڙ ڪٿي گم آهن۔ چڪرا ڳوٺ تي فائرنگ ٿئي پئي، لاش ڪرن ٿا پر رينجرز ۽ پوليس خاموش آهي۔

ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾
 
جواب: رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

سائين هتي نه حڪومت آهي نه حڪومتي ادارا آهن هتي دللي ڪندڙ دلال آهن جن کي پنهنجي پاور جي ضرورت آهي ۔
وسلام
 
جواب: رت ۾ ريٽو ٿيو شهر لعل آهي

سائين بلڪل حقيقت به اها ئي اهي جا اسان کي سمجھ ۾ آئي آهي ۔
وسلام
 
Back
Top