نثارابڙو
نائب منتظم
چڪرا ڳوٺ تي حملي سبب سمورا رهواسي يرغمال، ڇتي فائرنگ، گاڏين کي باهيون
ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪورنگي ۾ چڪرا ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي سبب ڳوٺ جا رهواسي رات دير تائين يرغمال بڻيل رهيا، هٿياربندن هٿيار تاڻي ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهڙي گهرن تي سڌي فائرنگ ڪئي ۽ گهٽين ۾ بيٺل گاڏين جا شيشا ڀڳا ۽ باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ تي دهشتگردن جي شديد فائرنگ بابت ڳوٺاڻن پاران پوليس، رينجرز ۽ وزيرن کي موبائيل فون تان ايس ايم ايس موڪلڻ باوجود چڪرا ڳوٺ واسين جي ڪنهن به سار نه لڌي، ٽپهري جي وقت هٿياربندن مورچابند ٿي جيئن ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي ته اُتي موجود پوليس ۽ رينجرز فرار ٿي وئي، ٻن ٽن ڪلاڪن بعد فائرنگ ۾ ٿوري گهٽتائي ٿي ته پوليس ۽ رينجرز چڪرا ڳوٺ ۾ پهچي وئي پر ٻيهر فائرنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پوليس فائر برگيڊ جي عملي کي وچ ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي ۽ رينجرز به غائب ٿي وئي. فائر برگيڊ جي عملي جو چوڻ آهي ته پوليس 7 وڳي کان گاڏين جي باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جي هڪ گاڏي چڪرا ڳوٺ کڻي وئي پر رات دير تائين گاڏيءَ جو ڪو پتو نه پئي پيو. چڪرا ڳوٺ جي رهواسين ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته هٿياربندن روزي کان اڳ مورچا بند ٿي فائرنگ ڪئي ۽ جڏهن ماڻهو سخت خوف واري صورتحال ۾ گهرن تائين محدود ٿي ويا ته هٿياربند فائرنگ ڪندا ڳوٺ جي گهٽين ۾ داخل ٿي ويا ۽ هڪ سرڪاري ڪار سميت 2 گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ۽ ٽرڪن، بس، موٽر سائيڪل ۽ ڪار کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽرانسفارمر ۽ پي ايم ٽي تباهه ٿي ويا جنهن کانپوءِ چڪرا ڳوٺ ۾ بجلي هلي وئي، اوندهه ۽ فائرنگ جي ٻٽي عذاب ۾ ڳوٺ جا رهواسي يرغمال بڻيل رهيا پر ڪنهن به سرڪاري عملدار سندن واهر نه ڪئي. چڪرا ڳوٺ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ڳوٺاڻن هڪ هٿياربند کي شارٽ گن سميت سوگهو ڪري ورتو هو پر رات دير تائين ان جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو هو. چڪرا ڳوٺ تي هٿياربندن جي فائرنگ کانپوءِ ڳوٺ واسين قومپرستن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي پڻ فونون ڪري بار بار چڪرا ڳوٺ جي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني، پوليس جي وين تي پڻ هٿياربندن فائرنگ ڪئي،هوڏانهن چڪرا ڳوٺ واقعي جي زخمي ۽ مقتولن جا لاش جناح اسپتال پهچڻ کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ جو صدر ڊاڪٽر صفدر سرڪي اسپتال پهتو جتي هن زخمين جي عيادت ڪئي ۽ سندن علاج بابت اسپتال انتظاميا سان ڳالهايو. ان موقعي تي هن رابطو ڪرڻ تي ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪريون ٿا پر انهن ڌرين کي چتاءُ به ڏيون ٿا ته جيڪي 2 ڏينهن تائين بلوچن کي ڳولي ڳولي ماري رهيا هئا هاڻي وري هنن پنهنجو ٽارگيٽ سنڌين کي بڻائڻ شروع ڪيو آهي. هن الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم هڪ سازش تحت سڀ ڪارروايون ڪري رهي آهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌار صوبي جا نعرا هنيا پيا وڃن ۽ ساڳي وقت سنڌين توڙي بلوچن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي. صفدر سرڪي چيو ته هن وقت سنڌي ۽ بلوچ عدم تحفظ جو شڪار آهن پر نااهل انتظاميا ۽ حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هاڻي صورتحال اها آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن جنهن لاءِ انهن کي منظم ۽ مسلح ٿيڻو پوندو. هن چيو ته چڪرا ڳوٺ ۾ پرامن سنڌي ماڻهن تي حملي کانپوءِ نه پوليس پهتي نه رينجرز ڪا ڪارروائي ڪئي. صفدر سرڪي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت اڃا تائين ايم ڪيو ايم آڏو گوڏا کوڙي ويٺل آهي، جڏهن ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ماريا پيا وڃن.
The Kawish Group of Publication