• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پـريـــن نيڻ پنهنجـــا الارڻ ڇـــڏي ڏي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل
پـريـــن نيڻ پنهنجـــا الارڻ ڇـــڏي ڏي
عقابي نظر سان نهارڻ ڇڏي ڏي

ٿيندا خون ڪيئي اٿيا جي امر مان
امر مان انهن کي اٿارڻ ڇڏي ڏي

ڏسن توکي ماڻهو جيڪي واٽ ويندي
پرين تون انهن ڏي نهارڻ ڇڏي ڏي

گهڻو وقت ٿـيو آ اڪيلو ئي آهين
پرين وقت اڪيلو گذارڻ ڇڏي ڏي

ڇڏي وئين اڪيلو حياتي جي رڻ ۾
چوين ٿو ته تون ساه کڻڻ ئي ڇڏي ڏي

ملڻ جي ٿو چاهين هلي آءُ مون وٽ
اٿئي وقت ٿورو پڪارڻ ڇڏي ڏي

روئي حال اهڙا ڪري ڇو ڇڏيا ٿئي
پرين تون به مزمل کي سارڻ ڇڏي ڏي

مزمل چانڊيو
 
جواب: پـريـــن نيڻ پنهنجـــا الارڻ ڇـــڏي ڏي

پـريـــن نيڻ پنهنجـــا الارڻ ڇـــڏي ڏي
عقابي نظر سان نهارڻ ڇڏي ڏي


يار اهي نيڻ ئي ته ماريندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نيڻن کي ڇا ڪجي

اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا
سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا ۔۔۔۔۔۔۔

اوهان جي بهترين شاعري آهي
 
جواب: پـريـــن نيڻ پنهنجـــا الارڻ ڇـــڏي ڏي

ادا عاشق سولنگي
۽ سائين سليمان وساڻ
مهربانيون اوهان جون لک ٿورا
 
Back
Top