• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسان گھور ويٺو هوائن جي مستي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل

ڏسان گھور ويٺو هوائن جي مستي
هوائن جي مستي ادائن جي مستي

جڏهن ذلف ڪارا سجايئي ڪلهن تي
تڏهن کان سڃاتم بلائن جي مستي

ڏسي هو کلي ٿو خدا تون آن واهي
چڙهيل آهي چوٽي عطائن جي مستي

ڏسي روز توکي جفائن جي پاسي
آئي ياد مونکي وفائن جي مستي

ڪري ڏاڍي ڪوشش ڏٺي مون آ جاني
نٿي گھٽجي مونکان جفائن جي مستي

صدا ڪين ڪنهن ڇو ٻڌي آ ”مزمل“
نٿو ڪوئي سمجھي صدائن جي مستي

مزمل چانڊيو
 
Back
Top