ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم
سنڌ سلامت جا عزير دوستو مان اوهان کي اڄ بيڊ سيڪٽرس جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندس بيڊ سيڪٽرس ٻن قسمن جا هوندا آهن
1. لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس
2. فزيڪل بيڊ سيڪٽرس
هاڻي ان ٻنهي طريقن جي بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ جا الڳ الڳ طريقا آهن اچو ته اسان هاڻي لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٿا سکون لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس گهڻو ڪري وائرس ، بجلي جي جهٽڪن يا وري بجلي جي گهٽ هئڻ ڪري سسٽم بار بار ري اسٽارٽ ٿئي يا وري سسٽم ۾ حد کان وڌيڪ وڏا سافٽ ويئر هلائڻ جي ڪري ڇو جو اهو سافٽ ويئر جيستائين لوڊ ٿئي تيسيتائين اهو هارڊ ڊسڪ کي متحرڪ رکندو آهي .
سڀ کان پهريائين ته مان اوهان کي اهو ٻڌايان ته سي ميپ سافٽ ويئر استعمال سان هارڊ ڊسڪ جا تمام پارٽيشن ختم ٿئي ويندا آهن ان کان علاوه سي ميپ سافٽ ويئر بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ لا۽ مختلف قسمن سان استعمال ٿيندو آهي پر مان اوهان کي سڀ کان سٺو ۽ آسان طريقو ٻڌائيندس
سي ميپ سافٽ ويئر هلائڻ وقت توهان کي سڀ کان پهريائين هي اسڪرين شاٽ اوهان جي آڏو ايندو

هاڻي توهان آپشن سيٽ ڪرڻ لا۽ SD لکي ڪري انٽر ڪريو ته توهان وٽ سيٽ ڊرائيو جو آپشن اچي ويندو توهان 0 يا 1 جتي توهان جي هارڊ هجي ان کي سيليڪٽ ڪريو

هارڊ ڊرائيو سيليڪٽ ڪري پو۽ 2 جو بٽن دٻايو ڇو جو هارڊ رائيٽ پروٽيڪٽ آهي هاڻي وري اوهان کي Y/N جي پڇا ٿيندي توهان N لکي ڪري انٽر ڪجو

ان لا۽ ته هارڊ ڊرائيو ته رائيٽنگ ممڪن ٿئي سگهي ان کان پو۽ Esc جو بٽن پريس ڪري ڪمانڊ لائين تي اچي وڄو هاڻي توهان اتي FD ٽائيپ ڪريو

(Format Disk ) هاڻي توهان Low level format لا۽ Y پريس ڪريو

پو۽ سي ميپ سافٽ ويئر ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ بيڊ سيڪٽرس ختم ڪري وٺندو اهو وري توهان جي هارڊ ڊسڪ جي سائيز تي دارومدار رکي ٿو پو۽ وري توهان کي هي ڊائريڪشن ملندي ته Format Over هاڻي توهان جي هارڊ ڊسڪ بيڊ سيڪٽرس کان پاڪ صاف شفاف هوندي

هاڻي توهان ڪنهن به سافٽ ويئر سان ونڊوز جا پارٽيشن ٺاهي ڪري ونڊوز انسٽال ڪري سگهو ٿا .
(نوٽ) سي ميپ سافٽ ويئر سي ڊي تي رائيٽ ڪري وٺو ڇو ته هي پروگرام ڊاس جي ذريعي ڪم ڪندو آهي .
suhnan saan
sindhsalamatsaathsal