بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2009۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم

    سنڌ سلامت جا عزير دوستو مان اوهان کي اڄ بيڊ سيڪٽرس جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندس بيڊ سيڪٽرس ٻن قسمن جا هوندا آهن
    1. لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس
    2. فزيڪل بيڊ سيڪٽرس

    هاڻي ان ٻنهي طريقن جي بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ جا الڳ الڳ طريقا آهن اچو ته اسان هاڻي لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٿا سکون لوجيڪل بيڊ سيڪٽرس گهڻو ڪري وائرس ، بجلي جي جهٽڪن يا وري بجلي جي گهٽ هئڻ ڪري سسٽم بار بار ري اسٽارٽ ٿئي يا وري سسٽم ۾ حد کان وڌيڪ وڏا سافٽ ويئر هلائڻ جي ڪري ڇو جو اهو سافٽ ويئر جيستائين لوڊ ٿئي تيسيتائين اهو هارڊ ڊسڪ کي متحرڪ رکندو آهي .

    سڀ کان پهريائين ته مان اوهان کي اهو ٻڌايان ته سي ميپ سافٽ ويئر استعمال سان هارڊ ڊسڪ جا تمام پارٽيشن ختم ٿئي ويندا آهن ان کان علاوه سي ميپ سافٽ ويئر بيڊ سيڪٽرس کي ختم ڪرڻ لا۽ مختلف قسمن سان استعمال ٿيندو آهي پر مان اوهان کي سڀ کان سٺو ۽ آسان طريقو ٻڌائيندس

    سي ميپ سافٽ ويئر هلائڻ وقت توهان کي سڀ کان پهريائين هي اسڪرين شاٽ اوهان جي آڏو ايندو

    [​IMG]

    هاڻي توهان آپشن سيٽ ڪرڻ لا۽ SD لکي ڪري انٽر ڪريو ته توهان وٽ سيٽ ڊرائيو جو آپشن اچي ويندو توهان 0 يا 1 جتي توهان جي هارڊ هجي ان کي سيليڪٽ ڪريو

    [​IMG]

    هارڊ ڊرائيو سيليڪٽ ڪري پو۽ 2 جو بٽن دٻايو ڇو جو هارڊ رائيٽ پروٽيڪٽ آهي هاڻي وري اوهان کي Y/N جي پڇا ٿيندي توهان N لکي ڪري انٽر ڪجو

    [​IMG]

    ان لا۽ ته هارڊ ڊرائيو ته رائيٽنگ ممڪن ٿئي سگهي ان کان پو۽ Esc جو بٽن پريس ڪري ڪمانڊ لائين تي اچي وڄو هاڻي توهان اتي FD ٽائيپ ڪريو

    [​IMG]

    (Format Disk ) هاڻي توهان Low level format لا۽ Y پريس ڪريو

    [​IMG]

    پو۽ سي ميپ سافٽ ويئر ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ بيڊ سيڪٽرس ختم ڪري وٺندو اهو وري توهان جي هارڊ ڊسڪ جي سائيز تي دارومدار رکي ٿو پو۽ وري توهان کي هي ڊائريڪشن ملندي ته Format Over هاڻي توهان جي هارڊ ڊسڪ بيڊ سيڪٽرس کان پاڪ صاف شفاف هوندي :D
    هاڻي توهان ڪنهن به سافٽ ويئر سان ونڊوز جا پارٽيشن ٺاهي ڪري ونڊوز انسٽال ڪري سگهو ٿا .


    (نوٽ) سي ميپ سافٽ ويئر سي ڊي تي رائيٽ ڪري وٺو ڇو ته هي پروگرام ڊاس جي ذريعي ڪم ڪندو آهي .


    suhnan saan


    sindhsalamatsaathsal
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يقينن اسان جا اهي دوست جيڪي ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ آهن لاءِ لاڀائتي ڄاڻ آهي۔۔۔۔۔ اهڙي بهترين ڄاڻڪاري ڏيڻ تي توهان کنڊون ۽ کير لهڻو۔۔۔۔ (ياد رهي ته هي ٻئي آئيٽم هاڻي ڪافي مهانگا آهن)
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    پسندڪرڻ لا۽ مهرباني اد رشيد suhnan saan

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    فقير اصل دونها ئي ڪڍي ڇڏيئي

    سمجهاڻي به اهڙي جو مون جهڙو موڳو به ڪنڌ ڌوڻڻ تي مجبور ٿي وڃي يار شا جڙيو هجين ۽ خوش هجين پهنجي خرچي تي :d​
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا علي علي shal judy hujeen

    suhnan saan

    sindhsalamatsaathsal
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    السلام عليڪم،
    فقير سائين توهان جي هن شيئرنگ کي جيتري داد ڏجي سا توهان سان نا انصافي ٿيندي۔
    وسلام
    راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    باقي سائين اهو صاف ڪرڻ تي ٽائيم واهه جو وٺي ٿو... هڪ دفعي مان ان سافٽويئر جي ذريعي 80 جي بي هارڊڊسڪ فارميٽ پيوڪريان ته چوي پيو ته 5 ڪلاڪ......... مون وري رات جو سمهڻ وقت هڻي ڇڏيو......

    بس ڪم ٿي ويو..... بيڊسيڪٽر ته ختم ٿي ويا.




    ڇو جو هارڊڊسڪ ئي ختم ٿي وئي
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    راجه صاحب اهڙي ناانصافي ڪرڻ لا۽ اوهان جي مهرباني shal judy hujeen


    asul mattasul mattasul matt
     
  9. ڪرم الاهي چنا

    ڪرم الاهي چنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪمپيوٽر ۾ بيڊ سيڪٽر ڪڍڻ بابت معلومات

    محترم سائين
    اوهان لاجيڪل بيڊ سيڪٽر رموو ڪرڻ جي باري ۾ ته ڄاڻ ڏني آهي آهي پر فزيڪل بيڊ سيڪٽرس جي ٻاري ۾ به ڪجهه لکو۔ ٻيو ته اهي نوٽس جيڪڏهن انگلش ۾ به ڏيو ته منهنجي خيال ۾ گهڻ کي فائدو ٿيندو۔ ڇو جو ڪمپيوٽر تي ڪنٽرول ڪمانڊ ته انگلش ۾ هونديون آهن۔

    ٻيو اوهان ڄاڻ ڏني آهي ته هي سافٽ ويئر ڪمانڊ صرف ڊاس ذريعي ئي ڪار آمد آهي، جڏهن ته اڄڪلهه ڊاس جي باري ۾ ڪمپيوٽر يوزرس کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي۔
    مهرباني ڪري ونڊو بيسڊ پروگرام جي باري ۾ ڪجهه سبق ڏيو۔
    اوهان جو نيازمند
    ڪرم الاهي چنا
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽر ۾ بيڊ سيڪٽر ڪڍڻ بابت معلومات

    حاضر سائين ڪرم الاهي چنا صاحب ان باري ۾ پوري پوري ڪوشش ڪبي انشاء الله

    محترم سائين ان ڪمانڊس کي انگلش کان ترجمو ڪري ته سنڌي ۾ لکبو آهي ٻيو ته سنڌ سلامت فورم تي اسان جو اهو عهد آهي ته جيڪا به معلومات هوندي اها صرف ۽ صرف سنڌي ۾ هوندي ان ڪري هتي انگريزي ۾ لکڻ کان لاچار آهيان
    حاضر سائين ان باري ۾ به توجهه ڏيارڻ لا۽ اوهان جي مهرباني

    لک لائق

    ٿورا .................


    سدائين گڏ
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    ڦلپوٽو فقير صاحب اسلام عليڪم۔سائين ڪمپيوٽر جي حوالي سان تمام بهترين معلومات ونڍ ڪرڻ تي توهان کي تمام گهڻيون مبارڪون هجن ۔اسان جهڙا ڪمپيوٽر جا سيکراٽ جي لاء اها معلومات تمام قيمتي آهي۔ڪافي ساريون نئيون نئيون ڳالهيون ڪمپيوٽر جي حوالي سان توهان جي ليکن مان اسان سکي رهيا آهيون۔توهان جي مهرباني۔
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    سائين غلام مصطفي صاحب

    پسند ڪرڻ جي مهرباني

    ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ڪجهه نه ڪجهه اهڙو لکان ته جيئن دوستن کي فائدو رسي


    توهان کي فقير جو ٿريڊ پسند آيو بس ڄڻ لک ڪمايو

    وڏي مهرباني سائين


    سدائين گڏ
     
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    فقير سائين جي بادشاهيء جو خير جو ڪافي ڏينهن کان پوء وري اچي سبق شروع ڪريو اٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين لا جواب اسان جهڙا ڪافي فائدو حاصل ڪندا
     
  14. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    فقير سائين تمام بهترين شيئرنگ ڪئي آهي توهان مهرباني۔۔۔۔۔
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    عرس پريا صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحٻ

    توهان کي مون فقير جو ٿريڊ پسند آيو

    لک لائق ڀائرن جا

    سدائين گڏ
     
  16. ظفر

    ظفر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    واه ادا سائين واه
     
  17. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    ادا بهترين سمجهاڻي آهي
    مون جهڙو اڻٍڄاڻ ب آساني سان ڪري ويندو هاڻي
     
  18. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بغير ڪنهن به ڏکيائي جي بيڊ سيڪٽرس ختم ڪريو

    ادا سائين توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڪو به ٽٽوريل پسند آيو اسان سمجهنداسين ته

    اسان جي محنت ڪنهن نه ڪنهن جي ڪم ته آئي

    سدائين گڏ
     
  19. فرخ رضا قريشي

    فرخ رضا قريشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    سائين اسلام عليڪم: سائين توهان جي معلومات تمام سٺي آهي پر هڪ پروبلم آهي ته جيڪڏهن اسان جي هارڊ ڊسڪ ڊيٽا سان ڦل آهي ته پوء اسين ڊيٽا ڪاڏي ڪريون جيڪا ڪم جي آهي ڇو جو مان هڪ ڪمپوزر آهيان ۽ منهنجي پي سي ۾ هر ڊيٽا ڪم جي آهي اهڙو ڪو سولو نسخو ٻڌايو جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ به بچي يعني ڊيٽا به بچي وڃي ۽ هارڊ ڊسڪ به سيٽ ٿي وڃي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو