عالمي چيمپين ڀارت کي انگليند هٿان عبرتناڪ شڪست، پهرين نمبر تي انگلينڊ اچي وئي۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انگلينڊ جي ٽيم عالمي چيمپين ڀارت کان ٽيسٽ سيريز جون چار ئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي۔ ان سان گڏ انگلينڊ جي ٽيم ڀارت کان ٽيسٽ سيريز جي پهرين نمبر واري پوزيشن به کسي ورتي آهي۔ اوول ۾ کيڏيل اڄوڪي ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 8 رنسن تان شڪست آئي۔ اڄوڪي ميچ ۾ اين بيل کي 235 رنسن عيوض مين آف دي ميچ ۽ اسٽيورٽ براڊ کي سيريز ۾ 25 وڪيٽن عيوض مين آف دي سيريز جو اوارڊ مليو۔

    هن سيريز جو نتيجو ڪجهه هن طرح رهيو:

    پهرين ٽيسٽ :

    ڀارت کي 196 رنسن تان شڪست

    ٻي ٽيسٽ :

    ڀارت کي 319 رنسن تان شڪست

    ٽين ٽيسٽ :

    ڀارت کي اننگز ۽ 242 رنسن تان شڪست

    چوٿين ٽيسٽ :

    ڀارت کي اننگز ۽ 8 رنسن تان شڪست

    سيريز جا ڪجهه انگ اکر:

    سڀ کان گهڻيون رنسون:

    ڪيون پيٽرسن 533 رنسون
    اِي اين بيل 504 رنسون
    راهول ڊريوڊ 461 رنسون
    ايلسٽيئر ڪُڪ 348 رنسون
    سچن ٽنڊلڪر 273 رنسون

    سڀ کان گهڻيون وڪيٽون:

    اسٽيورٽ براڊ 25 وڪيٽون
    جيمس اينڊرسن 21 وۡڪيٽون
    ٽم بريسنن 16 وۡڪيٽون
    پروين ڪمار 15 وۡڪيٽون
    گريم سُوان 13 وۡڪيٽون

    مين آف دي ميچ اِي اين بيل

    [​IMG]

    مين آف دي سيريز اسٽيورٽ براڊ

    [​IMG]



     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: عالمي چيمپين ڀارت کي انگليند هٿان عبرتناڪ شڪست، پهرين نمبر تي انگلينڊ اچي وئي۔

    19 سالن کان پوءِ انڊيا کي ڪنهن به سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو ويو آهي۔۔ حيرت آهي ته دنيا جي بهترين رانديگرن تي مشتمل ٽيم کي انگلينڊ اهڙي طرح شڪست ڏني جو تاريخ بڻجي وئي۔۔۔ جيئن ته ٽيسٽ ميچ کي يڪسوئي سان ڏسڻ موجوده دور ۾ ڪافي مشڪل آهي ان ڪري گهڻا دوست مون وانگر هن سيريز کي مڪمل طرح انجوائي نه ڪري سگهيا هوندا۔۔ ۔۔ سندن شوق جي تسڪين خاطر هتي آخري ٽيسٽ جي چئني ڏينهن جون جهلڪيون ڏيکارجن ٿيون۔۔۔

    چوٿين ٽيسٽ پهريون ڏينهن



    چوٿين ٽيسٽ ٻيو ڏينهن



    چوٿين ٽيسٽ ٽيون ڏينهن



    چوٿين ٽيسٽ چوٿون ڏينهن



    مين آف دي ميچ




     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عالمي چيمپين ڀارت کي انگليند هٿان عبرتناڪ شڪست، پهرين نمبر تي انگلينڊ اچي وئي۔

    مهرباني ادا رشيد

    اوهان جي طرفان وڌايل هي جهلڪين وارا وڊيوز شاندار آهن۔

    ڀارت کي آيل شڪست جا سبب ڪهڙا آهن ؟؟؟ ۔۔۔۔۔۔ ان جو سبب گهڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ به ٿي سگهي ٿو۔ خاص ڪري آء پي ايل ۽ ون ڊي جون ميچز ۽ سخت شيڊيول به سندن شڪست جو هڪ سبب آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو