
رب پاڪ جا لک احسان جيڪو انسانن کي نيڪ ڪم کي ڏکئي هجڻ باوجود مڪمل ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ٿو۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي سينيئر رڪن ۽ اسان جي پياري دوست محترم خليل احمد ڀٽو المعروف ادا ابوزين جن کي سنڌ سلامت ٽيوب لاءِ رمضان ڪريم ۾ قرآن پاڪ جون ڪجهه اهڙيون وڊيوز لڳائڻ جي درخواست ڪئي هئي جن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت بهترين تلاوت سان ڪيل هجي ۔۔ ان سلسلي ۾ مون پنهنجي طور پوري ڪوشش ڪئي هئي پر مون کي ڪنهن به جاءِ تي اڳ موجود سنڌي ترجمي سان مڪمل قرآن مجيد وڊيو جي صورت ۾ نه مليو۔۔۔ يقينن ان سلسلي ۾ اسان جي مهربان دوست محترم ابوزين جن پڻ ڳولا ڪئي هوندي پر کين پڻ اهڙيون وڊيوز ملي نه سگهيون هونديون۔۔۔ نتيجي طور پاڻ انتهائي مشڪل ۽ محنت طلب ڪم ڪرڻ جو سندرو ٻڌو ۔۔۔ ۽ اهو ڪم جيڪو ڪافي مشڪل ۽ پيچيده ٿي لڳو پنهنجي حوصلي ۽ همت سان آسان بڻائي قليل عرصي ۾ مڪمل ڪري ورتو۔۔۔
هن پروجيڪٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيتن سان گڏو گڏ ترجمي کي پڻ گهري نظر ۾ رکڻ جي ضرورت هئي ته متان ڪا چُڪ رهجي وڃي ۔۔۔ ان کانسواءِ ان ڪم کي سهيڙي سلائيڊ شوز بنائڻ ۽ وري ان کي وڊيو ۾ ڪنورٽ ڪرڻ واقعي به انتهائي پيچيده ۽ يڪسوئي طلب ڪم هيو۔۔۔ ۽ وري ان کان به وڌيڪ صبر وارو ڪم وڊيوز کي اپلوڊ ڪرڻ جنهن ۾ وڊيوز جي ڪوالٽي کان وٺي وڊيوز جي سائيز ۽ وقت جي لمٽ کي پڻ نظر ۾ رکڻ هيو۔۔۔ جنهن کي قدرت طرفان مدد طور اهڙي طرح آساني ملي جو يوٽيوب طرفان ادا ابوزين جن جي يوٽيوب چينل کي ان لميٽيڊ وڊيو اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي۔۔ ان باوجود ڪاٿي ڪاٿي ڪلاڪن تي مشتمل وڊيوز کي اپلوڊ ڪرڻ ڪافي مشڪل ٿي لڳو جو ان دوران بجلي جو بار بار وڃڻ به ڏکيائي پيدا ڪري رهيو هيو۔۔۔ پر وري وري اپلوڊ جي ڪوشش ڪرڻ به هڪ وڏي حوصلي جو ڪم هو جيڪو اسان جي مهرباني دوست بغير ڪنهن جهنجلاهٽ جي انجام ڏنو۔۔ ۽ اڄ هيترين پريشانين ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي پروجيڪٽ کي مڪمل ٿيندي ڏٺو هوندو ته يقينن کيس روحاني تسڪين ضرور ملي هوندي۔۔۔
اهڙين وڊيوز کي سنڌ سلامت تي بغير اهو ڏسندي ته دوستن طرفان سندن همت افزائي لاءِ ڪي رايا ايندا هجن لڳائيندا رهيا۔۔۔ سنڌ سلامت طرفان ادا سليمان وساڻ کين سندن لڳايل وڊيوز تي همت ڏيندا رهيا ته ناچيز به کين ذاتي پيغام ۽ فون ڪالز ذريعي همٿائيندو رهيو۔۔۔ پر وري به اهو سندن ئي پهاڙ جيڏو حوصلو هيو جو پاڻ مسلسل جدو جهد ڪندا رهيا ۽ آخر ڪار سندن پروجيڪٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿيو۔۔۔
سندن طرفان موضوع طور لڳايل سمورين وڊيوز کانسواءِ سنڌ سلامت ٽيوب تي قرآن مجيد لاءِ مختص ڪيل خاص ڪيٽيگري ۾ سندن وڊيوز اڳي پوءِ ٿي اينديون رهيون جنهن کي ناچيز درست ترتيب ڏيندي هڪ پلي لسٽ پڻ جوڙي آهي جنهن کي ڏسڻ ۽ روح کي فيضياب ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔۔
آ پنهنجي مڪمل سنڌ سلامت ٽيم سميت محترم ابوزين جن کي سندن انهي شاندار پروجيڪٽ تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ سندن لاءِ دعاگو آهيان ته ”رب پاڪ کين وڌيڪ نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي ۽ سندن همت حوصلي کي قائم ۽ دائم فرمائي۔۔۔ الله پاڪ کان اها به دعا آهي ته سندن هن نيڪ پروجيڪٽ کي قبول فرمائي ۽ کين بهترين اجر عطا فرمائي۔۔۔ آمين“
حاضر آهن سندن طرفان تيار ڪيل ”قرآن پاڪ سنڌي ترجمي سان“ جون ٻه وڊيوز۔۔
دوستن جي علم ۾ هڪ وڌيڪ ڳالهه پڻ ڏيندو هلان ته اسان جي محترم دوست هن پروجيڪٽ کي بڻائيندي هڪ وڌيڪ خيال کي پڻ ذهن ۾ آندو ۽ پروجيڪٽ مڪمل ڪندي ئي ان خيال تحت ۽ هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ کي تصويري روپ ڏنو۔۔۔۔

ماشاءالله .......... جزاڪ الله
انتهائي ڪارائتو ۽ منفرد پروجيڪٽ هن دفعي سندن طرفان سوچيو ويو آهي... ان سان يقينن قرآن پاڪ کي سمجهي پڙهڻ ۾ پڻ مدد ملندي۔۔۔گڏ عربي سکڻ ۽ تلفظ کي سمجهڻ ۾ پڻ آساني رهندي.. سنڌي ۽ عربي زبان ۾ سندن اهڙين ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي بلڪل گهٽ آهي... اميد ته هي پروجيڪٽ جيڪو پهرين پروجيڪٽ جي مقابلي وڌيڪ محنت طلب ۽ ڪافي ڏکيو ٿو نظر اچي تي پاڻ وقت ڪڍندا رهندا...
دعا آهي ته الله پاڪ کين هن نئين پروجيڪٽ جنهن ۾ سندن جي آواز ۾ سنڌي ترجمو پڻ شامل آهي کي مڪمل ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي مدد عطا فرمائي ۽ هن ڪارِخير جو بهترين اجر کين عطا فرمائي ... آمين
والسلام
سنڌ سلامت ساٿ سلامت