ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    رب پاڪ جا لک احسان جيڪو انسانن کي نيڪ ڪم کي ڏکئي هجڻ باوجود مڪمل ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ٿو۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي سينيئر رڪن ۽ اسان جي پياري دوست محترم خليل احمد ڀٽو المعروف ادا ابوزين جن کي سنڌ سلامت ٽيوب لاءِ رمضان ڪريم ۾ قرآن پاڪ جون ڪجهه اهڙيون وڊيوز لڳائڻ جي درخواست ڪئي هئي جن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت بهترين تلاوت سان ڪيل هجي ۔۔ ان سلسلي ۾ مون پنهنجي طور پوري ڪوشش ڪئي هئي پر مون کي ڪنهن به جاءِ تي اڳ موجود سنڌي ترجمي سان مڪمل قرآن مجيد وڊيو جي صورت ۾ نه مليو۔۔۔ يقينن ان سلسلي ۾ اسان جي مهربان دوست محترم ابوزين جن پڻ ڳولا ڪئي هوندي پر کين پڻ اهڙيون وڊيوز ملي نه سگهيون هونديون۔۔۔ نتيجي طور پاڻ انتهائي مشڪل ۽ محنت طلب ڪم ڪرڻ جو سندرو ٻڌو ۔۔۔ ۽ اهو ڪم جيڪو ڪافي مشڪل ۽ پيچيده ٿي لڳو پنهنجي حوصلي ۽ همت سان آسان بڻائي قليل عرصي ۾ مڪمل ڪري ورتو۔۔۔
    هن پروجيڪٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيتن سان گڏو گڏ ترجمي کي پڻ گهري نظر ۾ رکڻ جي ضرورت هئي ته متان ڪا چُڪ رهجي وڃي ۔۔۔ ان کانسواءِ ان ڪم کي سهيڙي سلائيڊ شوز بنائڻ ۽ وري ان کي وڊيو ۾ ڪنورٽ ڪرڻ واقعي به انتهائي پيچيده ۽ يڪسوئي طلب ڪم هيو۔۔۔ ۽ وري ان کان به وڌيڪ صبر وارو ڪم وڊيوز کي اپلوڊ ڪرڻ جنهن ۾ وڊيوز جي ڪوالٽي کان وٺي وڊيوز جي سائيز ۽ وقت جي لمٽ کي پڻ نظر ۾ رکڻ هيو۔۔۔ جنهن کي قدرت طرفان مدد طور اهڙي طرح آساني ملي جو يوٽيوب طرفان ادا ابوزين جن جي يوٽيوب چينل کي ان لميٽيڊ وڊيو اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي۔۔ ان باوجود ڪاٿي ڪاٿي ڪلاڪن تي مشتمل وڊيوز کي اپلوڊ ڪرڻ ڪافي مشڪل ٿي لڳو جو ان دوران بجلي جو بار بار وڃڻ به ڏکيائي پيدا ڪري رهيو هيو۔۔۔ پر وري وري اپلوڊ جي ڪوشش ڪرڻ به هڪ وڏي حوصلي جو ڪم هو جيڪو اسان جي مهرباني دوست بغير ڪنهن جهنجلاهٽ جي انجام ڏنو۔۔ ۽ اڄ هيترين پريشانين ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي پروجيڪٽ کي مڪمل ٿيندي ڏٺو هوندو ته يقينن کيس روحاني تسڪين ضرور ملي هوندي۔۔۔
    اهڙين وڊيوز کي سنڌ سلامت تي بغير اهو ڏسندي ته دوستن طرفان سندن همت افزائي لاءِ ڪي رايا ايندا هجن لڳائيندا رهيا۔۔۔ سنڌ سلامت طرفان ادا سليمان وساڻ کين سندن لڳايل وڊيوز تي همت ڏيندا رهيا ته ناچيز به کين ذاتي پيغام ۽ فون ڪالز ذريعي همٿائيندو رهيو۔۔۔ پر وري به اهو سندن ئي پهاڙ جيڏو حوصلو هيو جو پاڻ مسلسل جدو جهد ڪندا رهيا ۽ آخر ڪار سندن پروجيڪٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿيو۔۔۔

    سندن طرفان موضوع طور لڳايل سمورين وڊيوز کانسواءِ سنڌ سلامت ٽيوب تي قرآن مجيد لاءِ مختص ڪيل خاص ڪيٽيگري ۾ سندن وڊيوز اڳي پوءِ ٿي اينديون رهيون جنهن کي ناچيز درست ترتيب ڏيندي هڪ پلي لسٽ پڻ جوڙي آهي جنهن کي ڏسڻ ۽ روح کي فيضياب ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔۔

    آ پنهنجي مڪمل سنڌ سلامت ٽيم سميت محترم ابوزين جن کي سندن انهي شاندار پروجيڪٽ تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ سندن لاءِ دعاگو آهيان ته ”رب پاڪ کين وڌيڪ نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي ۽ سندن همت حوصلي کي قائم ۽ دائم فرمائي۔۔۔ الله پاڪ کان اها به دعا آهي ته سندن هن نيڪ پروجيڪٽ کي قبول فرمائي ۽ کين بهترين اجر عطا فرمائي۔۔۔ آمين“
    حاضر آهن سندن طرفان تيار ڪيل ”قرآن پاڪ سنڌي ترجمي سان“ جون ٻه وڊيوز۔۔




    دوستن جي علم ۾ هڪ وڌيڪ ڳالهه پڻ ڏيندو هلان ته اسان جي محترم دوست هن پروجيڪٽ کي بڻائيندي هڪ وڌيڪ خيال کي پڻ ذهن ۾ آندو ۽ پروجيڪٽ مڪمل ڪندي ئي ان خيال تحت ۽ هڪ وڌيڪ پروجيڪٽ کي تصويري روپ ڏنو۔۔۔۔

    [​IMG]

    ماشاءالله .......... جزاڪ الله

    انتهائي ڪارائتو ۽ منفرد پروجيڪٽ هن دفعي سندن طرفان سوچيو ويو آهي... ان سان يقينن قرآن پاڪ کي سمجهي پڙهڻ ۾ پڻ مدد ملندي۔۔۔گڏ عربي سکڻ ۽ تلفظ کي سمجهڻ ۾ پڻ آساني رهندي.. سنڌي ۽ عربي زبان ۾ سندن اهڙين ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي بلڪل گهٽ آهي... اميد ته هي پروجيڪٽ جيڪو پهرين پروجيڪٽ جي مقابلي وڌيڪ محنت طلب ۽ ڪافي ڏکيو ٿو نظر اچي تي پاڻ وقت ڪڍندا رهندا...


    دعا آهي ته الله پاڪ کين هن نئين پروجيڪٽ جنهن ۾ سندن جي آواز ۾ سنڌي ترجمو پڻ شامل آهي کي مڪمل ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي مدد عطا فرمائي ۽ هن ڪارِخير جو بهترين اجر کين عطا فرمائي ... آمين

    والسلام

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    سهڻا عبد الرشيد، جيتوڻيڪ مون سندس ڪيتريون ئي ترجمو ڪيل سوره ، ڏٺيون آهن، جن مان ڪن تي جزاڪ الله ئي چوڻ مناسب لڳو، ڇاڪاڻ ته هن ڪم جو اجر اسان مان ڪنهن وٽ به ناهي سوا هڪ الله جي ۔۔۔ قرآن الفرقان جي علم کي عام فهم ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي جزا رب ئي ڏئي سگهي ٿو ۔۔۔

    تمام سٺو ڪم ڪيل آهي، انٽرنيٽ جي رنگين دنيا مان ڪجهه گهڙيون رب جي ڪلام کي سمجهڻ لا ڪڍڻ پڻ اجر ۽ خئير آهي ۽ سڌي راهه طرف رهنمائي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سندس ڪلام سمجهڻ جي سگهه عطا فرمائي ۽ انکي عام ڪرڻ وارن کي پنهنجين رحمتن سان نوازي ۔۔۔ آمين

    ادا ابو زين، لک لک واڌايون ۽ لک ٿورا جو اوهان اسانکي ايتري قيمتي تحفو ڏنو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ” جزاڪ الله“

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    ادا رشيد ماشا الله واقعي اهو تمام بهترين پروجيڪٽ آهي جيڪو توهان ۽ ڀائو ابوزين سرانجام ڏنو آهي۔ ڪم ڪوئي به ڏکيو نه هوندو آهي پر وقتي مشڪل ضرور هوندو آهي سو توهان کي به الله تعالي همت ڏني ۽ توهان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪوئي به ڏکيو يا مشڪل ڪم هجي جيڪڏهن انسان همت ڪري ته الله تعالي ان انسان جي مدد ضرور ڪندو آهي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    جزاڪ الله ادا

    توهان جي محنت سنڌ سلامت فورم تي ساراهڻ جوڳي آهي

    ادا ابو زين کي پڻ جس هجي

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    جزاڪ الله ا
    ادي رشيد سمون سنڌ سلامت فورم کي تمام سٺو ٺاهيو آهي
    ادي ابوزين کي به جس هجي جن قرآن شريف جون تلاتون سنڌ سلامت ٽيوب ۾ آنديون
    مهرباني ادي رشيد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    جزاڪ الله ادا
    ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    محترم دوست ابو زين کي سلام ۽ سندس لاء نيڪ خواهشون ۽ دعائون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ابوزين جڏهن هي پراجيڪٽ شروع ڪيو هو ته مان ايئن پي سمجهيو ته شايد 30 هين سيپاري جو سورتون اپلوڊ ڪري تلاوت قرآن واري سيڪشن ۾ اضافو ڪندا۔ پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته سندن ڪم ۾ بهتري اچڻ سان گڏ تيزي به ايندي رهي ۽ مون کي اهو يقين ٿي ويو ته هاڻي هي ڪم ضرور پايه تڪميل تي پهچندو۔

    سندس قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي ساڻ تلاوت جي ڪو سولو ڪم ناهي۔ هن ڪم جي ايڊيٽنگ ۽ وري اپلوڊنگ جو سڀ کان مشڪل ڪم هن پاڻ اڪيلي سر ڪيو آهي جيڪو گهڻو وقت وٺندڙ ڪم آهي۔ سندس اهڙو ڪم منفرد آهي ۽ شايد قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو اهو به اهڙو سولو ۽ چٽو پهريان يو ٽيوب تي موجود ڪونه هو۔

    ادا ابوزين کي سندس اهڙي لاجواب ڪم تي سلام ۽ سندس لاء دعائون ته هو سنڌي ٻوليء ۾ قرآن پاڪ جي وڌيڪ پراجيڪٽس تي ڪم ڪري ۽ اسان کي به رب پاڪ اها تلقين ڪري ته اهڙي سهڻي ۽ نيڪ شيئرنگ مان فائدو وٺون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    ماشآء الله تم::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::ام زبردست​
    [JUSTIFY]خراج تحسين پيش ڪيان ٿو پنهنجي مهربان ۽ محسن دوست سائين ابوزين جن جي محنت کي جن هيترڙي ٿوري عرصي ۾ هيڏو وڏو ڪم پايه تڪميل تائين پهچايو پهريائين هن عاجز پڻ اهو سوچيو هو ته سائين ايترو مصروف آهي جو پرائيويٽ فرم ۾ ڪم ڪرڻ تمام مشڪل مسئلو آهي ان ڪري پاڻ ايترو وڏو ڪم شايد مڪمل نه ڪري سگهن پر جيتري قدر ٿي سگهي اهو به بهتر آهي ليڪن سندن هماليه جيڏي عزم کي سلام آهي جو اڪيلي سر هي ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريائون ۽ جيڪو ٻيو پراجيڪٽ شروع ڪيو اٿن اسان جي دعا آهي ته الله تعالى سندن مدد فرمائيندو جو پاڻ ان کي به مستقبل قريب ۾ مڪمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا اهو ٻيو پراجيڪٽ به تمام اهم آهي جو ان ۾ تحت لفظ ترجمو آهي جيڪو يقينا هڪ غير عربي خوانده لاء نهايت مفيد ثابت ٿيندو۔

    آخر ۾ دعا آهي ته الله تعالى اسان جي هن پياري ڀاء کي صحت و عافيت جي نعمت سان نوازي جو پاڻ هي انمول تحفه پڻ مڪمل ڪري سگهن۔[/JUSTIFY]
    آمين​
    ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ماهِ رمضان ۔۔۔ سنڌ سلامت رڪن طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو وڊيو جي صورت ۾ مڪمل۔

    [JUSTIFY]
    السلام عليڪم ورحمـة الله

    تمام تعريفون الله رب العالمين لاءِ، جنهن هن گنهگار کي هيءَ عظيم سعادت عطا ڪئي. بيشڪ ٻاجهاري پالڻهار جي مدد ۽ نصرت کان سواءِ هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ ناممڪن هو. پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وقت جيڪي مسئلا درپيش آيا، الله جي فضل سان پاڻهي انهن مسئلن جو حل به سامهون ايندو ويو ۽ ائين قرآن پاڪ جو هي پروجيڪٽ هڪڙي مهيني جي مختصر عرصي ۾ تڪميل تي پهتو. (الحمدلله)

    شروع شروع ۾ ويڊيو تيار ڪرڻ ۾ ڪافي مسئلا پيش اچي رهيا هئا، جن جو ذڪر پنهنجي ڪنهن ٿريڊ ۾ ڪري چڪو آهيان. امڪان هو ته پروجيڪٽ اڌ ۾ ڇڏي ڏجي، جيڪڏهن رب پاڪ جي مدد ۽ دوستن جي همت افزائي ۽ اصرار نه هجي ها ته هي پروجيڪٽ ڪڏهن به مڪمل ٿيندي نظر نه پئي آيو.

    قرآن پاڪ جي هنن ويڊيوز ۾ عربي متن لاءِ ”قرآن پبلشر فونٽ“ جيڪو لگيچر بيس تي آهي ۽ برصغيري رسم الخط ۾ هجڻ سان گڏوگڏ، وڻندڙ ۽ چٽو آهي، استعمال ڪيو اٿم. هن لگيچر بيس فونٽ ۾ ڪافي جڳهن تي عربي متن جون غلطيون نظر مان گذريون، جن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. انهيءَ کان سواءِ سنڌي ترجمو مون ڪافي عرصو اڳ ”اياز شاهه ڪي بورڊ“ تي ڪمپوز ڪيو هو. هينئر انهيءَ کي ”ايم بي سنڌي“ تي تبديل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ڪنورٽ ڪرڻ دوران کوڙ سارا لفظ چڱيءَ طرح ڪنورٽ نه ٿي سگهيا، جن کي تلاش ڪري، وس آهر درست ڪيو اٿم. انهيءَ باوجود عربي متن ۽ سنڌي ترجمي ۾ کوڙ ساريون غلطيون نظر آيون آهن.

    انهيءَ کان سواءِ ويڊيو ڪنورٽ ڪرڻ دوران ٽيڪنيڪل فالٽ پڻ ڏسڻ ۾ آيا. مثال طور ويڊيو هلندي ڪنهن آيت جي تلاوت بند ٿيڻ، ڪجهه آيتن جي تلاوت ٻڌڻ ۾ نه اچڻ يا سلائيڊ جي ٽائمنگ خراب ٿيڻ... وغيره وغيره... جيئن ته اڳ ۾ به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هي سمورو ڪم اڪيلي ڪيو آهي، وقت جي گهٽتائي ڪري ڪوشش ڪندو رهيس ته ڪنهن به قسم جي غلطي باقي نه رهي. انهيءَ باوجود غلطين جو امڪان موجود آهي، بلڪ ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪافي ساريون غلطيون، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، ڏسڻ ۾ آيون. انهيءَ ڪري دوستن کي گذارش آهي ته انهن غلطين جي نشاندهي ڪري مون کي آگاهه ڪيو وڃي، ته جيئن آئنده لاءِ انهن غلطين کي دور ڪيو وڃي.

    گڏوگڏ ٿورائتو آهيان ادي رشيد سمي جن جو، جن پروجيڪٽ جي شروعات کان اختتام تائين، مسلسل پنهنجين قيمتي مشورن ۽ راين سان نوازيندا رهيا. پاڻ ذاتي پيغامن ۽ فون ڪالن ذريعي همت افزائي ڪندا رهيا. انهيءَ باوجود جڏهن حوصلا پست ٿيندا هئا ته ادي سليمان وساڻ جا ٿڪ لاهيندڙ ڪمينٽس، ڪم کي نئين جذبي سان شروع ڪرڻ تي مجبور ڪندا هئا. پاڻ اڪثر فون تي پڻ همٿ افزائي ڪندا رهيا. مان ادي رشيد سمي ۽ ادي سليمان وساڻ جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان، جن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ملايو.

    انهيءَ کان سواءِ انهن سمورن دوستن جو پڻ ٿورائتو آهن، جي موضوع ۾ ريپلائي ڪندا رهيا. رب سائين کين درجا بلند ڪري.

    الله تعاليٰ کان دعا آهي ته منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي قبول فرمائي ۽ نجات جو ذريعو بڻائي. (آمين)

    [/JUSTIFY]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو