گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    گوگل وارن پنهنجي برائوزر ڪروم جو نئون ورجن 15 رليز ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ جيڪي دوست اڳ ئي گوگل ڪروم جا شيدائي آهن ۔۔ هن دفعي هن جي ڪجهه اضافي فيچرس کي وڌيڪ بهتر ڀائيندا۔۔۔
    نئين ورجن تحت ڪجهه نوان فيچرس متعارف ڪرايا ويا آهن جهڙوڪ:
    ويب اڊريس تي ٽائيپ ڪندي ئي ڳولا ۽ سائيٽ لاءِ صلاح
    توهان طرفان وڌيڪ استعمال ڪندڙ سائيٽس کي بهتر ۽ لائٽلي انداز سان ٽيب طور کولڻ جو لاجواب انداز
    پرائيويٽ برائوزنگ لاءِ Incognito mode
    هيٺ ٽيب بار کي ايپليڪيشن ۽ بوڪ مارڪ طور ڏسڻ جي اڳ کان بهتر سهولت
    تازو بند ڪيل سائيٽس کي مينو طور هيٺان ساڄي پاسي کان نماءِ

    ان کانسواءِ گوگل ڪروم ۾ هن دفعي پرنٽ جي مشاهدي لاءِ بهتر سهولت شامل ڪئي وئي آهي۔۔۔ ان کانسواءِ جاوا اسڪرپٽ انجڻ کي اپڊيٽ ڪري پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ فڪس ڪيو ويو آهي۔۔
    گذريل ورجن ۾ ايندڙ گوگل ڪروم ايرر کي پڻ فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔
    وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آهي يوٽيوب وڊيو۔۔۔


    هوئين ته گوگل ڪروم جي نيئن ورجن کي سندن آفيشل سائيٽ تان انسٽالر طور ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي پر هتي توهان جي سهولت لاءِ آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏجي ٿي۔۔۔
     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    مهرباني ادا رشيد سمون صاحب
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    يار واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب شيئرنگ آهي

    پر اهو ٻڌايو ته پاڻ انسٽال ڪيو اٿو يا نه ؟ مان پاڻ گوگل ڪروم استعمال ڪندو آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن نوان ورجن يا وري بيٽا ورجن مسئلو ڪندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ هن ۾ موجود اضافي خوبيون وڻيون ۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    ادا رشيد تمام بهترين سافٽ ويئر آهي مان پاڻ ان کي استعمال ڪندو آهيان

    تمام بهترين تبيديلي اٿس مان ان کي ڊائونلوڊنگ تي لڳائي ڇڏيو آهي


    توهان جي اهڙي لاجواب ونڊن جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    سائين آف لائين انسٽالر واري لنڪ مون وٽ صحيح نه ٿي کلي اهو مسئلو رڳو مون سان آهي يا واقعي ان ۾ ڪو فالٽ آهي ٻيو ڪو دوست به چيڪ ڪري جيڪڏهن واقعي فالٽ هجي ته سائين کي عرض آهي ته ان لنڪ کي درست ڪندا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    سائين رحيم بخش صاحب سلام ۔۔۔۔۔۔

    آف لائين انسٽالر جي لنڪ صحيح آهي ۽ مون وٽ ته ڪم ڪري رهي آهي۔
     
  7. آفاق ميمڻ

    آفاق ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    ڇا گوگل ڪروم جو 64بٽ ورزن آيو آهي؟
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    ادا آفاق سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔
    اصل ۾ گوگل ڪروم لاءِ مختلف ايپليڪيشنس ۽ ايڪسيٽينشن ٺاهيندڙ ڊويلپرس هڪ بي انتها ڊيٽابيس بڻائي ورتو آهي جنهن ڪري گوگل ڪروم باقي برائوزرس جي مقابلي ۾ ڪافي مشهور ۽ استعمال ۾ آسان آهي۔۔۔ اهي سمورا ڊويلپرس 32 بٽ جي سپورٽ سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن۔۔۔ ان ڪري گوگل ڪروم ٺاهيندڙ کي 64 بٽ ورجن ٺاهڻ جي جلدي ناهي۔۔۔
    جيتوڻيڪ 64 بٽ تي گوگل ڪروم جو 32 بٽ ورجن ڪم ته ڪري ٿو تنهن هوندي به گوگل وارن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ سندن اهڙو ورجن بنائڻ جو ارادو آهي ۔۔۔ وڌيڪ تفصل لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڪروم اشوز پنو کولي تفصيل پڙهي سگهجي ٿي۔۔۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گوگل ڪروم جو نئون 15 ڊوليپرس ورجن۔۔۔

    تمام بهترين ادا پاڻ ته ننڌپڻ کان مطلب پينگهي کان ئي گوگل ڪروم استعمال ڪندا آهيون ٻي ڪا شي مزو ئي نه ڏيندي آهي گوگل ڪروم کان سواء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو