
گوگل وارن پنهنجي برائوزر ڪروم جو نئون ورجن 15 رليز ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ جيڪي دوست اڳ ئي گوگل ڪروم جا شيدائي آهن ۔۔ هن دفعي هن جي ڪجهه اضافي فيچرس کي وڌيڪ بهتر ڀائيندا۔۔۔
نئين ورجن تحت ڪجهه نوان فيچرس متعارف ڪرايا ويا آهن جهڙوڪ:
ويب اڊريس تي ٽائيپ ڪندي ئي ڳولا ۽ سائيٽ لاءِ صلاح
توهان طرفان وڌيڪ استعمال ڪندڙ سائيٽس کي بهتر ۽ لائٽلي انداز سان ٽيب طور کولڻ جو لاجواب انداز
پرائيويٽ برائوزنگ لاءِ Incognito mode
هيٺ ٽيب بار کي ايپليڪيشن ۽ بوڪ مارڪ طور ڏسڻ جي اڳ کان بهتر سهولت
تازو بند ڪيل سائيٽس کي مينو طور هيٺان ساڄي پاسي کان نماءِ
ان کانسواءِ گوگل ڪروم ۾ هن دفعي پرنٽ جي مشاهدي لاءِ بهتر سهولت شامل ڪئي وئي آهي۔۔۔ ان کانسواءِ جاوا اسڪرپٽ انجڻ کي اپڊيٽ ڪري پراڻي ورجن جي مقابلي ۾ فڪس ڪيو ويو آهي۔۔
گذريل ورجن ۾ ايندڙ گوگل ڪروم ايرر کي پڻ فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔
وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آهي يوٽيوب وڊيو۔۔۔
هوئين ته گوگل ڪروم جي نيئن ورجن کي سندن آفيشل سائيٽ تان انسٽالر طور ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي پر هتي توهان جي سهولت لاءِ آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏجي ٿي۔۔۔