مُصالحتي پاليسيون ، سنڌي بلوچن جو مُعاشي جسماني قتل عام چڪرا ڳوٺ مثال بڻيل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

    خُدارا دُنيا جو ڪو اهڙو مُلڪ جيڪو اسلامي هُجي، بيدينو ڪميونسٽ هُجي يا توڙي يورپ و امريڪا انصاف ۽ جهموريت جي دعوي ڪندڙ جنهن پنهنجي اجهن ۾ پنهنجي هر ، شي ۾ هميشه لاءِ مساواتي اصولن تحت ڪنهن پناهگير انساني يا مذهبي ناتي سان حصي دار بڻايو هُجي ۽ پاڻ بُڱ تڪليف، ۽ ڪکن ۾ رهي ڪري اُنهن کي محلن ۾ وهاريو هُجي ، تاريخ گواه آهي ته اُها قوم صرف سنڌي قوم آهي جيڪا 5 هزار سالن کان مُسلسل قُرباني ڏيندي اچي ۽ جنهن انسانيت جي نالي تي هر ڪنهن ڌارئين پناهگير کي پنهنجي هنج ۾ جايون ڏنيون آهن. پوءِ پنهنجن انهن مُحسسن سان 1947 کان هي رويو ڇو؟

    حق، سڄ ۽ جهموريت جو آواز بُلند ڪندڙ هي سنڌي قوم جيڪا پوءِ بابل اسلام به بڻي، ڇا حاصل ٿيو، هي قوم اڄ پنهنجن ڪکن ۽ جهوپڙين نمان گهرن ۾ به محفوظ ناهي، جتي ڪي به بُنيادي سهولتون به نه آهن. حيرت ته اها آهي ته ان جي حفاظت اُهي رکوالا ئي نه پيا ڪن جن جي ووٽ سان اُهي هن مُلڪ ۽ سنڌ صوبي جا مالڪ ۽ والي وارث بڻيا. 1947 کان ڪامورن، پوءِ ڍايل سنڌي وڏيرن، ن جاگيردارن، شاهن، پيرن، ميرن، رئيسن، اسٽيبلشمينٽ، فوجي جرنلن، جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ جي مُسلسل جدوجهدن ۽ شهادتن ڏيڻ جي باوُجود، جڏنهن هُنن پنهنجي ئي رکوالن کي حفاظت تي مامور ڪرائي آقا بڻايو، اُهي اقتدار جي نشي ۾ اهو به وساري ويٺا ته هي هن قوم جي مرهون منت ئي اقتدار تي آهن ۽ هنن کي وري ٻيهر به هن درگُذر ڪندڙ قوم سان ئي نيبه ٿيڻو آهي اڄ مُسالحتي پاليسي تحت مُسلسل ساڍن ٽن سالن جي اقتدار سان ڌارين جي درن جا باڻي ۽ رکوالا بڻيا ويٺا آهن .

    ساڍن ٽن سالن کان مُسلسل انصاف، روزگار، امن جي آسري تي ويٺل هي سنڌي ووٽر اڄ به اوهڙي حالت ۾ اهن، ۽ جيڪي به نوڪريون ۽ ترقيون سنڌ جي وفاقي يا صوبائي ادارن ۾ هُيون اُنهن جي ويجهو به رسي نه سگهيا ما سواءِ انهن سنڌي وڏيرن جي ڇاڙتن، مٽ مائٽن جي ۽ باقي نوڪريون، ترقيون سڀ جون سڀ مُسالحتي پاليسي جي نظر اچي ويون ۽ قوم صدمي سان هاڻ پنهنجي بقا لاءِ آسمان ڀرف ڪنهن مسيحي جي اڄڻ جي انتظار ۾ واجهائي رهي آهي.

    ڪراچيءَ ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ صدين کان آباد هي قوم اڄ اُنهن محسن ڪش ماڻهن جي ظلم ۽ جبر جو شڪار ٿي رهي آهي جيڪي ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرڻ جي بهاني، ۽ ۾ُڪمل قبضي لاءِ، وزارت داخلا، فنانس، روينيو، تعليم وغيره جهڙن منسٽرين جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ اقتدار جا لالچي وڏيرا لڳي ٿو ته مُسلحتي پاليسي ۽ پنهنجو ڏيڍ سال بچيل اقتدار بچائڻ لاِ اهي سمورا وسيلا به ڏئي ڇڏيندا. اقتدار جي لالچ تحت ڪمشنري نظام به قربان ڪري سنڌ امڙ جي مٿي تان رئو لاٿو ويو ۽ قومي غيرت کان عاري هي لالچي ڪامورا ۽ وڏيرا اڄ به مُسالحتي پاليءِ جو گردان ڪري رهيا آهن ۽ اُن سنڌ جو وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڏيڍ سال کان پوءِ به هنن کي هٿين خالي موٽڻو آهي.

    اڳ ۾ ته اهي شهري دهشتگرد روڊن رستن تي نڪري ماڻهن جي ٽارگٽ ڪلنگ يا بسن دُڪانن ۽ مارڪيٽن کي باهيون ڏيندا هُئا پر هاڻ هُو ڳوٺن تي فوج ڪشي ڪري ، گهرن ۾ گهڙي بسن ۾ ويٺل ماڻه جو کُلو قتل عام پيا ڪن چڪرا ڳوٺ ۽ ٻيا سنڌي ۽ بلوچي علائقا انهن جو واضح مثال ۽ نشانون آهن. پوءِ انهين لاشن کي پنهنجو چئي چالاڪ واويلا ڪنڙ هي دهشتگرد پاڻ ئي مظلوم بڻيل اهن.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مُصالحتي پاليسيون ، سنڌي بلوچن جو مُعاشي جسماني قتل عام چڪرا ڳوٺ مثال بڻيل

    سائين مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اها پارٽي جنهن سنڌين کي ڪجهه به ناهي ڏنو، جيڪا سنڌين سان ويساهه گهاتي ڪندي رهي آهي ۔۔۔ ان پارٽيء کي سنڌي ماڻهو هر دفعي ووٽ ڇو ٿو ڏئي ؟؟؟ ان جا سبب !!!!!!!!!!!!! ڪڏهن به ، ڪنهن به ان تي غور ناهي ڪيو ۔

    اسان وٽ بدقسمتيء سان ڪا ٻي متبادل قيادت يا ته موجود ناهي، يا اها به ويساهه گهاتيون ڪندي رهي آهي يا وري ڪنهن ٻي قوت کي اڀرڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي۔ مشرف جو دور هجي يا نواز شريف جو ڇا ان ۾ سنڌ جي ڪا ڀلائي ٿي آهي ؟ يا ڪا اميد آهي ۔۔۔۔۔۔ نه ڪڏهن به نه ۔۔۔ جواب ناڪار ۾ ملندو۔

    اسان جي قومپرست پارٽين جو پنهنجي سنڌي عوام سان ڪيترو ويجهو تعلق آهي؟ اهي ٻوڏ ۾ يا مصيبتن ۾ ڪيترو ويجهو هجن ٿا؟ هنن عام سنڌي ماڻهن کي ڪهڙا فائدا ڏنا آهن؟ هنن سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪيترو مضبوط ڪيو آهي ؟ اهو به سڀني جي سامهون آهي۔


    ايم ڪيو ايم سان پ پ پ جي مفاهمت ڪرڻ ڇا پ پ پ جي دل جي ڳالهه آهي؟؟ اهو اوهان انهن ميمبرن ۽ وزيرن کان پڇجو؟؟ پر هتي سڀ مجبور آهن۔ پاڪستان ۾ حڪومت هلائڻ جو مطلب آهي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي چوڻ تي هلڻ ۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ سڀ ڪو سمجهي ٿو۔

    هاڻي اچو چڪرا ڳوٺ واري واقعي تي ۔۔۔۔۔ ڪنهن به ان تي ناهي لکيو ۽ نه وري ان جو ڪو ڇيد ڪيو آهي ته چڪرا ڳوٺ جو واقعو ڪيئن ٿيو ۽ ان جا سبب ڪهڙا هئا ؟؟؟ يا ته سڀني کي خبر آهي يا ڪوبه آواز اٿارڻ نه ٿو چاهي ۔۔۔۔ انڪري مان به خاموش آهيان۔ان واقعي ۾ پنهنجا سنڌي ئي هئا جيڪي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي دعوت ڏئي وٺي آيا هئا ۔۔۔۔

    اهڙي ئي قسم جو واقعو سچل ڳوٺ ۾ به ٿيو آهي۔ ڪجهه سنڌي ڇوڪرن جيڪي ايم ڪيو ايم جو حصو ٿيا آهن انهن خدمت خلق جي چندي جون پرچون دڪاندارن ۾ ورهايون جنهن تان منهن ماري ٿي ۽ پوء اها ڳالهه به اڳتي وڌڻ لڳي۔ پر افسوس جو اهي ئي ايم ڪيو ايم ۾ ويل ڇوڪرا ڪڏهن ڪنهن قومپرست پارٽي جو حصو ٿين ٿا ته ڪڏهن پيپلز يوٿ جو جيڪا سڀني قومپرست پارٽين جي اڳواڻن کي به خبر آهي۔ چڪرا ڳوٺ جي واقعي کانپوء نه ته پ پ پ ۽ نه وري قومپرستن ڪا پاليسي ڏني آهي يا ڪراچي جي هر سنڌي ۽ بلوچ ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي ڳوٺاڻن سان صلاح مصلحت ڪئي آهي ؟؟ ان جو جواب به ناڪاري صورت ۾ ملندو.

    ٻي ڳالهه ته هاڻوڪي هلايل قومپرست تحريڪ سنڌ جي ڀلي جي نه پر پ پ پ حڪومت ڪيرائڻ لاء پئي هلي. مونکي ٻڌايو ته ڇا اي اين پي ۽ عرفان الله مروت سنڌ جا سڄڻ آهن؟؟ اهي به هن تحريڪ جو حصو آهن. اسان وٽ اڃان تائين صحيح رخ ۾ ڪابه تحريڪ ڪانه هلي آهي.

    پ پ پ جي حڪومت ۾ وڏيرا، جاگيردار موجود آهن جن کي سنڌ ۽ سنڌ جي عام ماڻهوء جو ڪو اُلڪو ناهي جڏهن ته قومپرست پارٽين ۾ وري ڀتاخور ۽ قبضا مافيائن ۽ ايجنسين جي ماڻهن جي اڪثريت آهي جيڪي خالي نعرا ته هڻن ٿا پر حقيقي جدوجهد ڪٿي به نظر ڪانه ٿي اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو