• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي شاگردن لاءِ ”ايس“ ڪيٽاگيري سسٽم لاڳُو، ڪراچي يونيورسٽين ۾ 6000سيٽن مان30سيٽون؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هر عام و خاص سنڌ جو درد رکندڙ سنڌي جوڌن کي آگاهي ٿي ڏجي ته سنڌ جي ووٽن سان مُنتخب ۽ سنڌ ۾ اڪثيريتي ميمبر رکندڙ پاڪستاني پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هوندي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اصلي مالڪن لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران هڪ نئين داخلا پاليسي 12_2011ع جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙن ، جيڪو سنڌ ۾ وسندڙ ٻين صوبن جي شاگردن به رُشوت جي آڌار تي ٺهرائي رکيو هوندو ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي 6000 سيٽن مان سنڌ جي اُترئين وارن علائقن جي رهواسين لاءِ فقط 30 سيٽون رکيون ويون آهن. هن داخلا پاليسيءَ کي ”ايس“ ڪيٽيگيري جو نالو ڏنو ويو آهي، جڏنهن ته ٻي ڪيٽيگيري ”ڪي“ ڪراچيءِ جو ڊوميسائل رکندڙن لاءِ آهي جيڪو به ٻين صوبن مان ايندڙن ٺهرائي رکيو هُوندو، جنهن تحت 5800 سيٽون رکيون ويون آهن.

اهڙي نموني ٻين صوبن جهڙوڪ پنجاب، پختونخُواه، بلوچستان، آزاد ڪشمير لاءِ پڻ 30، 30 سيٽون رکيون ويون آهن. جڏنهن ته بشمول سنڌ جي ٻين شهرن جي يونيورسٽين ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين ۾ اهڙي قسم جي ڪا به پاليس مُتعارف نه ڪرائي وئي آهي. بقول اخباري اشتهارن جي جيڪي ڪراچيءَ جي تمام سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽين شايع ڪرايا آهن ، مُطابق، اهڙي پاليسي نه ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، نئي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۽ نه ئي وري اين اي دي سميت ٻين يونيورسٽين ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن تحت ڪراچيءِ کان علاوه ٻئي ڪنهن ضلعي لاءِ هڪ به سيٽ مُختص ڪانهين ۽ بقول اُنهن اشتهارن جي سموريون سيٽون رُڳو ميرٽ تي ڏنيون وينديون، جنهن جو مطلب آهي ته جنهن جو ڊوميسائل ڪراچيءَ جو آهي ميرٽ تي رُڳو اُن کي تصور ڪيو ويندو.

هن وقت ڪراچيءَ جي بن قاسم ٽائون، ملير ٽائون، گُلستانِ جوهر ٽائون، لياري ٽائون، گُلشن ٽائون، اسٽيل ٽائون، هاڪس بي، ماڙي پور، کان وٺي لسٻيلا تائين ڪراچيءَ جي ڪيترن علائقن ۾ سنڌي ماڻهو اڪثريت ۾ موجود آهن ۽ انهن ٽائنن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ سنڌي آهن، ۽ 1998 جي مردم شُماري موجب ڪراچيءِ ۾ 28 لک سنڌي آباد آهن تنهنڪري ضرورت ان ڳاله جي آهي ته ڪراچيءَ جي سمورين يونيورسٽين، ۽ ڪالجن سميت تمام سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ به ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي ٻين علائقن جي سنڌي باشندن لاءِ ۽ اُنهن ضلعن جي نوجوانن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 40ءُ سيڪڙو ڪوٽا رکي وڃي ته جيئن اڳتي هلي سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ نوجوانن لاءِ به تعليم ۽ روزگار جا رستا کُلي پون.

اسان سنڌ اسيمبليءَ جي مڙني ئي سنڌي ۽ اڪثريت رکندڙ ايم پي ايز کي درمندانه اپيل ٿا ڪريون ته آئنده ٿيندڙ اجلاس ۾ 2005ع واري پاس ٿيل قراداد کي رد ڪري ڇڏين، جنهن تحت ڪراچيءِ جي تمام پرائيويٽ ادارن ۾ فقط ڪراچيءَ جو ڊوميسائل رکندڙن کي ئي روزگار ملندو.۽ ڪراچيءَ جي تمام پرائيويٽ سيڪٽرن ۽ فيڪٽرين ، ملٽائي نيشنل ڪمپنين ۽ بيڪن وغيره ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي نوجوانن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ روزگار ۽ تعليم جو حق ڏيارين ۽ سال 2004 واري قراردادون ” ڪراچي ڊوميسائل بيسڊ جاب “ کي رد ڪري فقط ”سنڌ بيسد ڊوميسائل جاب” واري قراداد پاس ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي 65 سيڪڙو نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار واپرائڻ ۾ سهولت مُيسر ٿئي.

ڪراچي شهر، جنهن جي آبادي هن وقت تقريبن پوڻا ٻ ڪروڙ ٿي چُڪي آهي جتي 18000 ننڍيون وڏيون فيڪٽريون موجود آهن، جنهن ۾ 50 لک کن ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ جتي وڏيون وڏيون پرائيويٽ بينڪون، سرڪاري بينڪون، ۽ اُنهن جو هيڊ آفيسز، 5 اسٽار هوٽلون، بهترين پرائيويٽ تعليمي ادارا، وڏيون وڏيون پرائويٽ اسپتالون، ملٽي نيشنل ڪمپنين جون هيڊ آفيسز، دوائن ٺاهڻ واريون ملڪي ۽ غير مولڪي ڪمپنيون، شپنگ ڪمپنيون ۽ اُنهن جون هيد آفيسز، امپورٽ ايڪسپورٽ ڪمپنيون ۽ آفيسز ، ٽرانسپورٽ ۽ ڪارگو ڪمپنيون ۽ افيسز، ٽريول ايجنسيون، انشورنس آفسيسيون ، پرائيويٽ گئس ۽ تيل ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون، ميڊيا ۽ ايڊورٽائيزمينٽ ڪمپنيون، ڇا بيروزگار سنڌي نوجوانن جي مُسقبل جون ضمانتون نٿي بڻجي سگهن جي سنڌ ۽ فيڊرل حڪومت چاهي جيڪا سنڌيءَ جي اڪثريتي ووٽ سان آئي اهي. پوءِ ڇا سبب آهي ته عملي طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي 22 ضلعن جي نوجوانن لاءِ داخلائن تي ايڏي بندش آهي ۽ اهو سلسلو 1999ع کان جاري آهي، ڇا سنڌي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کان هي ووٽ ڏيندڙ سنڌي نوجوان نٿا پُڇي سگهن ته هو کين اها آس ۽ اُميد آڻڻ لاءِ ڇا ڪندا، جڏنهن ته 2 ڀاکي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت واري ۽ بل پاس ڪرڻ واري اسيمبلي موجود آهي ۽ قانوني ۽ آئيني جواز به.

اڄ حالت اها آهي تهجڏنهن ڪو سنڌي پنهنجو ڪراچيءَ جو ڊوميسائل کڻي، ڪراچيءَ جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ اُپاءَ وٺي ٿو ته يونيورسٽي جي انتظاميا کائن والد جو ڊوميسائل گهُرائي پڪ ٿي ڪري ته ڇا اُهو به ڪراچيءَ جو آهي. حيرت آهي ته ڪراچيءَ جي ”بي“ گريڊ حاصل ڪندڙ کي ته ڪراچي جي ادارن ۾ داخلا ته ملي سگهي ٿي پر سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ”اي ون“ گريڊ حاصل ڪندڙ کي نفرت سان ڌتڪاريو وڃي ٿو ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي اهي ”ڪي“، ”ايس“ ، ”پي” جون درجا بنديون ٿيل آهن جڏنهن ته ڇا پنجاب جي يونيورسٽن ۾ به ”ايل”، يا ”پي“ جي درجا بندين جو تصور ڪري سگهجي ٿو؟.
 
جواب: سنڌي شاگردن لاءِ ”ايس“ ڪيٽاگيري سسٽم لاڳُو، ڪراچي يونيورسٽين ۾ 6000سيٽن مان30سي

سائين اوهان هڪ اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي۔

هاڻي ڳالهه اها آهي ته ان لاء به ڪنهن تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي پر اسان جون سياسي پارٽيون پوء اهي وفاقي هجن يا قومپرست سڀ جو سڀ تعليم جهڙي اهم شعبي ڏانهن ڌيان ڪونه پيون ڏين۔ سنڌ جي شاگرن لاء صرف 30 سيٽون رکڻ نا انصافي آهي پر ڪراچي جي تعليمي ادارن مان تعليم وٺندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي سنڌي آهن ۽ هنن جو ڊوميسائيل ڪراچي جوناهي، اهي پنهنجا ڊوميسائيل ڪراچي جا ڇو ڪونه ٿا ٺهرائن ؟؟؟ اهو هڪ اهم سوال آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جڏهن اسان ڪراچي ۾ رهون ٿا، ڪراچي ۾ نوڪري ڪيون ٿا، ڪراچي ۾ ٻارن کي پڙهايون ٿا ته اسان ڊوميسائيل به هتان جا ٺهرايون ۔۔۔۔۔۔۔ ان تي به ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ واري ڪا موومينٽ هلي۔ باقي اهو چوڻ ته ڌارين جا ڊوميسائيل تيار آهن ته يار اها اسان جي به نا اهلين مان هڪ نا اهلي آهي۔ خدارا پنهنجون غلطيون به تسليم ڪيو۔

سچل ڳوٺ مان پڙهندڙ ٻارن جڏهن انٽر به ڪراچي بورڊ مان ڪئي آهي ۽ هنن کي ڊوميسائيل به ڪراچي جا آهن ته انهن کي ته آساني سان هتي داخلا ملي ٿي وڃي۔ ان جا ثبوت آهن ۽ سچل ڳوٺ جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون هتي زير تعليم آهن۔ پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن کي ڪراچي ۾ رهايو ۽ انهن کي ڳوٺ وڃي امتحان ڏياريو ۽ اتان جي بورڊن مان اي ون گريڊ حاصل ڪيو ته پوء اوهان ايس ڪيٽيگري ۾ ويندا۔

پهريان ته مان به ان ڳالهه جو حامي آهيان ته سنڌ جي شاگردن لاء ايس ڪيٽيگري نه هجڻ گهرجي پر جي آهي ۽ اسان جو ڪو وس ڪونه ٿو پُڄي ته پوء اسان اهڙو ارينجمينٽ ڪيون جيئن پنهنجي ٻار جو مستقبل سنواري سگهون۔
 
جواب: سنڌي شاگردن لاءِ ”ايس“ ڪيٽاگيري سسٽم لاڳُو، ڪراچي يونيورسٽين ۾ 6000سيٽن مان30سي

پهريان ته مان به ان ڳالهه جو حامي آهيان ته سنڌ جي شاگردن لاء ايس ڪيٽيگري نه هجڻ گهرجي پر جي آهي ۽ اسان جو ڪو وس ڪونه ٿو پُڄي ته پوء اسان اهڙو ارينجمينٽ ڪيون جيئن پنهنجي ٻار جو مستقبل سنواري سگهون۔

متفق آهيان۔
 
Back
Top