سچل سائين جو فلسفو
ادل سومرو
دنيا ٿي چوي ڪجھ ٿي ڏيکار
ماڻهن تي پنهنجو ڌاڪو به ويهار
جيئن تنهنجا سلامي کوڙ ٿين
وٺ ايوانن جي رستن کي
سچل ٿو چوي هل مستن ڏي.
نصير چيو: “تون شيعو ٿيءُ
ڪنهن وڏي علم جو ڏيئو ٿيءُ”
محمود چيو: “ٿيءُ يار سُني
ٻُڌ واعظ ۽ ڏس جلسن کي”
سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي.
احمد ٿو چوي، “ڪجھ مال بڻاءِ
نه وقت پنهنجو شعرن ۾ وڃاءِ
تون ڪرسي ڪائي حاصل ڪر”
آ مانُ وڏو هت عهدن کي
سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي.
قاضي ٿو چوي: “بس علم وڌاءِ
تون عالم ۽ فاضل بَه سڏاءِ
رکُ جبو ۽ دستار وڏي
پڙھ صرف نحَوَ جي ورقن کي”
سچل ٿو چوي ڇڏ حرفن کي.
سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي
سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي
سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي
سچل ٿو چوي ڇڏ حرفن کي.
____________________________
1۔ نصير مرزا 2. محمود سومرو 3. احمد سولنگي