سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي، سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي ، سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي



    سچل سائين جو فلسفو

    ادل سومرو

    دنيا ٿي چوي ڪجھ ٿي ڏيکار
    ماڻهن تي پنهنجو ڌاڪو به ويهار
    جيئن تنهنجا سلامي کوڙ ٿين
    وٺ ايوانن جي رستن کي
    سچل ٿو چوي هل مستن ڏي.

    نصير چيو: “تون شيعو ٿيءُ
    ڪنهن وڏي علم جو ڏيئو ٿيءُ”
    محمود چيو: “ٿيءُ يار سُني
    ٻُڌ واعظ ۽ ڏس جلسن کي”
    سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي.

    احمد ٿو چوي، “ڪجھ مال بڻاءِ
    نه وقت پنهنجو شعرن ۾ وڃاءِ
    تون ڪرسي ڪائي حاصل ڪر”
    آ مانُ وڏو هت عهدن کي
    سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي.

    قاضي ٿو چوي: “بس علم وڌاءِ
    تون عالم ۽ فاضل بَه سڏاءِ
    رکُ جبو ۽ دستار وڏي
    پڙھ صرف نحَوَ جي ورقن کي”
    سچل ٿو چوي ڇڏ حرفن کي.

    سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي
    سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي
    سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي
    سچل ٿو چوي ڇڏ حرفن کي.

    ____________________________
    1۔ نصير مرزا 2. محمود سومرو 3. احمد سولنگي

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي، سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي ، سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي

    ابا سچل جون ڳالهيون اکين تي پر جي سڄي قوم سچل جيئان مست ٿي وئي ته پوءِ الله واهي آهي قوم جو ۔۔۔ سڀ جي هٿ ۾ ڏنڊا هوندا ۽ دما دم مست هوندي ۔۔۔ اهي حالتون هر انسان سان ناهن ٿينديون ۔۔۔ هر انسان مست يا سچل ناهي هوندو ۔۔۔

    ادل سومري جو سهڻو خيال آهي ۔۔۔۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي، سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي ، سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي

    ادل سومري جو سهڻو خيال آهي ۔۔۔ سٺو ونڊ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچل ٿو چوي هَلُ مستن ڏي، سچل ٿو چوي ڇڏ ڌرمن کي ، سچل ٿو چوي ڇڏ رُتبن کي

    ادا تمام خوبصورت ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو