منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي پيار جي جذبات سان سرشار منهنجي دلڙيءَ کي منهنجي سوچ اهو يقين ڏياريو ته “هو” به توسان بي پناه محبت ڪري ٿو. “هو” هر دفعي تنهنجو انتظار ڪري ٿو “هن” جو تنهنجي اچڻ تي مرڪي پوڻ واعدا ۽ قسمون ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهن ته هو به توسان.... سچو پيار ڪري ٿو. بس پوءِ منهنجي دل منهنجي سوچ جي ڳالهين تي اعتبار ڪندي. “هن” سان هر جنم نينهن جا ناتا قائم رکڻ جو عزم ڪيو. ۽ هاڻي مان محبت کي عبادت سمجهڻ لڳس. ۽ دل اندر احساسن جو گهر تعمير ڪيس. احساسن جي ان گهر ۾ محبت جي ڇانو هئي. جنهن ۾ بهار جي موسم جيان هر طرفي مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ گلن جو ماحول محسوس ٿي رهيو هيو. منهنجي دل منهنجي سوچ کان پڇيو ته ڇا احساسن جو هي گهر هميشه ايئن ئي رهندو. ڇوته هن گهر جهڙو لطف شايد زندگيءَ جي ڪنهن به نظاري ۾ ڪونه مليو هجي. دل پڇيو ته ڪڏهن ڪڏهن خوف ٿو اچي ته احساس جو هي حساس گهر ڪٿي .................. منهنجي سوچ هڪ دفعو ٻيهر مونکي اها دل جاءِ ڏني ته محبت جيڪڏهن سچي هجي ته ته ان کي دنيا جي ڪائي به طاقت ٽوڙي نه سگهندي آهي. پر منهنجي دل اهو سوچڻ لڳي ته محبت ته مضبوط هوندي آهي. پر ڇا اهڙي ڪا طاقت ته ڪونهي جيڪا احساسن جي گهر کي مسمار نه ڪري وجهي. سوچ هڪ دفعو ٻيهر “هن” جون مرڪون ۽ ڳالهيون دل اڳيان رکيون بس پوءِ سڀ ڳالهيون وساري ان احساسن جي گهر ۾ دل ايئن خوش ٿي جهومي رهي هئي ڄڻ ڪه هوءَ جنت جو سير ڪري رهي هجي. اڃان دل جهومڻ ۾ مصروف هئي ته بي وفائيءَ جو طوفان آيو. ڳاڙهي آنڌي هئي جا حسرتن سان اڏيل احساسن جي گهر کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو. منهنجي وجود ۾ هڪ ڏهڪا پيدا ٿي ويو ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي۔۔۔۔۔ ۽ دل جيڪا ان گهر اندر دنيا جي هر شيءِ جي وجود کي نظرانداز ڪري محبت جي جهان ۾ مدهوش هئي. اها ڄڻ هڪ دم ان احساسن جي جنت مان نڪري سحرا جي تتل واري تي ماس ڏاڙهيندڙ ڪنڊن جي وچ وڃي ڪري۔۔ بي وفائي جي طوفان کانپوءِ دل کي ناسور بڻجندڙ گهاوَ ٿي پيا. بي وس دل سڏڪن ۽ آهن ڀرئي لهجي ۾ سوچ کي معيار ڏني ته تون مونکي محبت جي نشي ۾ مدهوش ڪيو پر بي وفائيءَ جي ويري وير جي باري ۾ ڇو ڪو نه ٻڌايو...؟؟؟ سوچ خاموش رهي ۽ هن وٽ ڪو به جواب نه رهيو هيو..... دل هڪ دفعو وري پڇيو ته تون مون سان اها ويساهه گهاتي ڇو ڪئي؟؟ سوچ خاموش رهي..... جيڪا اڄ به خاموش آهي.... عمران درويش سومرو
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي دل هڪ دفعو وري پڇيو ته تون مون سان اها ويساهه گهاتي ڇو ڪئي؟؟ سوچ خاموش رهي..... جيڪا اڄ به خاموش آهي.... درويش کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔ درويش جڏهن ملندو آ ته صفا ننڍڙو لڳندو آهي پر جڏهن هو لکندو آهي ته ڪنهن وڏي مفڪر يا تجزيه نگار کان گهٽ ناهي لڳندو۔ سندس هن طويل نظم پڙهڻ وقت مختلف ڪيفيتون هيون، مخلف احساس هئا، زندگيء جا ڪجهه حسين ۽ ڪجهه نه وڻندڙ لمحا لاجواب انداز بيان سان پيش ڪيل آهن۔ تمام سٺا خيال پر مان وري اهو پئي سوچيو ته ڪٿي اسان جي معصوم نظر درويش جا به هن ڪمبخت عشق ڪم ته ناهن لاهي ڇڏيا ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي ادا وساڻ! اوهان فڪر نه ڪريو، ڪمبخت عشق جيتوڻيڪ آهي اڻانگو پر ماڻهونءَ کي سون ڪري ڇڏيندو آهي، انڪري سهڻي ۽ نماڻي دوست عمران عرف درويش کي عشق لڳي ٿو ته ڀل لڳي ۔۔۔ ته اسان به ڏسون ۔ آءُ جڏهن ورائي ورائي پڇندو آهيانس ته چوندو آهي ته ” هو اڃان ان مرض ۾ مبتلا ناهي“ ، پر الائجي ڇو يقين ناهي ايندو ۔۔۔ پر ڇا ڪجي دوست جي زبان تي يقين نه ڪرڻ به جڙي نٿو ۔۔۔ پر پنهنجي سوچ انطرف ضرور ويندي آهي ته؛ جيڪڏهن دل ۾ اهڙا احساس نه هجن ته انهن کي لفظ ڪيئن ٿا ڏئي سگهجن ۔۔۔؟؟؟؟ جڏهن اکين ۾ لڙڪ نه هجن ته انهن جي مٺاڻ يا ڪڙاڻ ڪيئن محسوس ٿيندي ۔۔؟ ڪنهن بي وفائي نه ڪئي هوندي ته ان احساس جو حسن ڪيئن نظر ايندو ،،،؟؟؟ محبوب جي واعدن ۽ اکيون کڻي نهارڻ واري منظر جا ترنگ جي ڏٺا نه هوندا ته منظر ڪشي ڪئين ڪري سگهبي ۔۔۔؟؟؟ پر دوريش اهو سڀ ڪجهه ڪري ٿو وڃي ۔۔۔؟؟؟ ڪيئن ۔۔؟ پنهنجو ذهن جواب کان قاصر آهي ۔۔۔ درويش سان ملاقات ته نه ٿي آهي، پر مونکي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي جوانيءَ جو عڪس لڳندو آهي، انڪري آءُ درويش کي ڏسڻ بجاءِ پاڻ کي ئي آئيني ۾ ڏسي ڇڏيندو آهيان ۔۔۔ حساس طبيعت جو ڪمال اهو هوندو آهي ته وارتا ڪٿي به ٿيندي هجي پر حساس انسان انکي پنهنجي اندر ۾ جهٽي وٺندو آهي، رستي ويندي، ماڻهن سان ملندي بي دل ماڻهون ائين گذري ويندا آهن جيئن ڪو پٿر گذري ويو هجي پر حساس ماڻهون جڏهن گذرندا آهن ته هو ماڻهن جي چهرن جا رنگ، انهن جي جسم جي چر پر ۽ انهن جي اکين ۾ موجود ڏکن سکن کي پڙهندا ويندا آهن ۔۔۔۔ شايد اسانجو هي دوست به انهن ماڻهن منجهاران آهي، جيڪي ٻين جي احساسن کي پنهنجا لفظ ڏئي وٺندا اهن ۔۔۔ سلام دوريش تنهنجي قلم کي، الله جا لک شڪر جو قلم پئدا ڪري اسان جهڙن حساس ماڻهن کي اظهار جو وسيلو ڏنائين، نه ته شايد اندر ۾ جبل جمع ٿي وڃن ها ۔۔۔ سهڻا سائين اوهانجي هن نثري نظم يا نظمي وارتا کي ڪهڙا لفظ ڏجن ۔۔۔ پنهنجي مثال پاڻ آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ لکندا رهو ۽ اسانکي پريشان ڪندا رهو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب مفقري ۽ تجزيه نگاري ته منهنجي خوابن جي منزل آهي پر حقيقت ۾ مان انهن شين کان ڪوهين پري آهيان ۔۔۔ جڳ بيتي آهي جيڪا اوهان دوستن لا پيش ڪئي آهي۔ باقي الله آپ بيتي کان بچائيندو۔۔۔۔۔ لک لائق۔۔۔۔۔ دعا ۾ ياد ۔ ..................................... سائين هاڻي مان ڇا لکان ؟؟؟ خوشي آهي ته اوهان درويش جي لفظن کي ايترون مان جوڳو سمجهو ٿا ۽ پنهنجي قيمتي لفظن سان تحرير کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيو ٿا۔۔۔ باقي عشق اڃان تائين ڪينهين آيا۔۔۔۔۔ جو ميڏي جان ڦساوي۔۔۔۔۔ ۽ دعا ڪريو ته الله ان مرض کان بچائي۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن زماني عڪاسي ڪرڻ ڪجهه ماڻهن جي عادت ۾ شامل ٿي ويندو آهي۔۔ پر شايد منهنجي حيثيت انهن کان به هزارين ڀاڱا گهٽ آهي۔ ڪوشش ڪئي آهي۔ باقي اوهان جهڙن وڏڙن جا اهڙا قرب ڀريا ڪمينٽ ظهر ڪرن ٿا ته اها ننڍڙي ڪوشش ڪنهن حد تائين ڪامياب رهي۔۔۔۔۔ اميد ته اوهان جي اها شفقت ڀرئي صحبت سلامت رهي۔۔۔۔ دعا ۾ ياد۔۔ ۔
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي تمام خوبصورت خيالن کي بهترين جذبن سان يش ڪيو ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔دل جي عڪس سان دنيا ڏٺي وڃي ته تمام خوبصورت لڳي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين خيال عمران درويش جا لاجواب
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي ادا درويش اسلام عليڪم۔توهان جي خوبصورت احساسن ۽ جذباتن تي مشتمل نثر واري انداز ۾ چٽيل شاعري پڙهڻ سان توهان جي باذوق ۽ حساس دل رکڻ واري انسان جو ثبوت ملي ٿو۔اميد ته ان قسم جي شاعري جيڪا پنهنجي اندر گهڻيون معنائون رکي ٿي هن محبتي اڳڻ جي ڪينوئس تي چٽيندا رهندا۔توهان جون ڪاوشون اسان کي پسند آيون۔
جواب: منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي ادا محمد عرس پريو صاحب لک لائق اوهان جي اهڙن قرب ڀرئي ڪمنٽس جي لاءِ۔۔۔ دعا ۾ ياد۔۔ ..................................... محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب اوهان جا اهي لفظ درويش جي حوصلي کي درياءَ بڻائي ڇڏين ٿا... حساس دلين جي ترجماني ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي جنهن اوهان دوستن جي محبت ڪامياب بڻائي ٿي. اوهان جي قيمتي ڪمينٽس جي لاءِ وڏيون مهربانيون..... دعا م ياد .