عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
منهنجي سوچ جي منهنجي دل سان ويساهه گهاتي
پيار جي جذبات سان سرشار
منهنجي دلڙيءَ کي
منهنجي سوچ اهو يقين ڏياريو
ته “هو” به توسان
بي پناه محبت ڪري ٿو.
“هو” هر دفعي تنهنجو انتظار ڪري ٿو
“هن” جو تنهنجي اچڻ تي مرڪي پوڻ
واعدا ۽ قسمون
ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهن
ته هو به توسان....
سچو پيار ڪري ٿو.
بس پوءِ
منهنجي دل منهنجي سوچ
جي ڳالهين تي اعتبار ڪندي.
“هن” سان هر جنم
نينهن جا ناتا قائم رکڻ جو عزم ڪيو.
۽ هاڻي مان محبت کي
عبادت سمجهڻ لڳس.
۽ دل اندر احساسن جو
گهر تعمير ڪيس.
احساسن جي ان گهر ۾
محبت جي ڇانو هئي.
جنهن ۾ بهار جي موسم جيان
هر طرفي مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ
گلن جو ماحول محسوس ٿي رهيو هيو.
منهنجي دل منهنجي سوچ کان
پڇيو ته ڇا احساسن جو هي گهر
هميشه ايئن ئي رهندو.
ڇوته هن گهر جهڙو لطف
شايد زندگيءَ جي ڪنهن به نظاري ۾
ڪونه مليو هجي.
دل پڇيو ته ڪڏهن ڪڏهن
خوف ٿو اچي ته احساس
جو هي حساس گهر
ڪٿي ..................
منهنجي سوچ هڪ دفعو ٻيهر
مونکي اها دل جاءِ ڏني ته
محبت جيڪڏهن سچي هجي ته
ته ان کي دنيا جي ڪائي به طاقت ٽوڙي
نه سگهندي آهي.
پر منهنجي دل اهو سوچڻ
لڳي ته محبت ته مضبوط هوندي آهي.
پر ڇا اهڙي ڪا طاقت ته ڪونهي
جيڪا احساسن جي گهر کي
مسمار نه ڪري وجهي.
سوچ هڪ دفعو ٻيهر “هن” جون
مرڪون ۽ ڳالهيون دل اڳيان رکيون
بس پوءِ سڀ ڳالهيون وساري
ان احساسن جي گهر ۾
دل ايئن خوش ٿي جهومي رهي هئي
ڄڻ ڪه هوءَ جنت جو سير ڪري رهي هجي.
اڃان دل جهومڻ ۾ مصروف هئي ته
بي وفائيءَ جو طوفان آيو.
ڳاڙهي آنڌي هئي جا
حسرتن سان اڏيل احساسن
جي گهر کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو.
منهنجي وجود ۾ هڪ ڏهڪا پيدا ٿي ويو
ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي۔۔۔۔۔
۽ دل جيڪا ان گهر اندر دنيا جي هر
شيءِ جي وجود کي نظرانداز ڪري
محبت جي جهان ۾ مدهوش هئي.
اها ڄڻ هڪ دم ان احساسن جي جنت مان
نڪري سحرا جي تتل واري تي
ماس ڏاڙهيندڙ ڪنڊن جي وچ وڃي ڪري۔۔
بي وفائي جي طوفان کانپوءِ
دل کي ناسور بڻجندڙ گهاوَ ٿي پيا.
بي وس دل سڏڪن ۽ آهن ڀرئي لهجي ۾
سوچ کي معيار ڏني ته تون
مونکي محبت جي نشي ۾ مدهوش ڪيو
پر بي وفائيءَ جي ويري وير جي باري ۾
ڇو ڪو نه ٻڌايو...؟؟؟
سوچ خاموش رهي ۽ هن وٽ ڪو به جواب
نه رهيو هيو.....
دل هڪ دفعو وري پڇيو ته تون
مون سان اها ويساهه گهاتي ڇو ڪئي؟؟
سوچ خاموش رهي.....
جيڪا اڄ به خاموش آهي....
عمران درويش سومرو

پيار جي جذبات سان سرشار
منهنجي دلڙيءَ کي
منهنجي سوچ اهو يقين ڏياريو
ته “هو” به توسان
بي پناه محبت ڪري ٿو.
“هو” هر دفعي تنهنجو انتظار ڪري ٿو
“هن” جو تنهنجي اچڻ تي مرڪي پوڻ
واعدا ۽ قسمون
ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهن
ته هو به توسان....
سچو پيار ڪري ٿو.
بس پوءِ
منهنجي دل منهنجي سوچ
جي ڳالهين تي اعتبار ڪندي.
“هن” سان هر جنم
نينهن جا ناتا قائم رکڻ جو عزم ڪيو.
۽ هاڻي مان محبت کي
عبادت سمجهڻ لڳس.
۽ دل اندر احساسن جو
گهر تعمير ڪيس.
احساسن جي ان گهر ۾
محبت جي ڇانو هئي.
جنهن ۾ بهار جي موسم جيان
هر طرفي مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ
گلن جو ماحول محسوس ٿي رهيو هيو.
منهنجي دل منهنجي سوچ کان
پڇيو ته ڇا احساسن جو هي گهر
هميشه ايئن ئي رهندو.
ڇوته هن گهر جهڙو لطف
شايد زندگيءَ جي ڪنهن به نظاري ۾
ڪونه مليو هجي.
دل پڇيو ته ڪڏهن ڪڏهن
خوف ٿو اچي ته احساس
جو هي حساس گهر
ڪٿي ..................
منهنجي سوچ هڪ دفعو ٻيهر
مونکي اها دل جاءِ ڏني ته
محبت جيڪڏهن سچي هجي ته
ته ان کي دنيا جي ڪائي به طاقت ٽوڙي
نه سگهندي آهي.
پر منهنجي دل اهو سوچڻ
لڳي ته محبت ته مضبوط هوندي آهي.
پر ڇا اهڙي ڪا طاقت ته ڪونهي
جيڪا احساسن جي گهر کي
مسمار نه ڪري وجهي.
سوچ هڪ دفعو ٻيهر “هن” جون
مرڪون ۽ ڳالهيون دل اڳيان رکيون
بس پوءِ سڀ ڳالهيون وساري
ان احساسن جي گهر ۾
دل ايئن خوش ٿي جهومي رهي هئي
ڄڻ ڪه هوءَ جنت جو سير ڪري رهي هجي.
اڃان دل جهومڻ ۾ مصروف هئي ته
بي وفائيءَ جو طوفان آيو.
ڳاڙهي آنڌي هئي جا
حسرتن سان اڏيل احساسن
جي گهر کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو.
منهنجي وجود ۾ هڪ ڏهڪا پيدا ٿي ويو
ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي۔۔۔۔۔
۽ دل جيڪا ان گهر اندر دنيا جي هر
شيءِ جي وجود کي نظرانداز ڪري
محبت جي جهان ۾ مدهوش هئي.
اها ڄڻ هڪ دم ان احساسن جي جنت مان
نڪري سحرا جي تتل واري تي
ماس ڏاڙهيندڙ ڪنڊن جي وچ وڃي ڪري۔۔
بي وفائي جي طوفان کانپوءِ
دل کي ناسور بڻجندڙ گهاوَ ٿي پيا.
بي وس دل سڏڪن ۽ آهن ڀرئي لهجي ۾
سوچ کي معيار ڏني ته تون
مونکي محبت جي نشي ۾ مدهوش ڪيو
پر بي وفائيءَ جي ويري وير جي باري ۾
ڇو ڪو نه ٻڌايو...؟؟؟
سوچ خاموش رهي ۽ هن وٽ ڪو به جواب
نه رهيو هيو.....
دل هڪ دفعو وري پڇيو ته تون
مون سان اها ويساهه گهاتي ڇو ڪئي؟؟
سوچ خاموش رهي.....
جيڪا اڄ به خاموش آهي....
عمران درويش سومرو