
تازه ترين اطلاع آهن ته سابق گورنر پنجاب مرحوم سلمان تاثير جي پُٽ شهباز تاثير کي لاهور جي گلبرگ واري علائقي مان چئن اڻڄاتل مسلح ماڻهن اغوا ڪيو آهي۔ هو پنهنجي دوست سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته کيس اغوا ڪيو ويو۔ ياد رهي ته سلمان تاثير کي به اسلام آباد ۾ سندس گارڊ ممتاز قادري فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو۔