عيد عيد عيد اُها عيد نه آ (احمد خان مدھوش)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
عيد عيد عيد اُها عيد نه آ
ٿئي بغير ديد اُها عيد نه آ

جي بروز عيد خوشي نه ملي
غم هجن شديد عيد نه آ

جي بروز عيد محبت جو ذرو
نه ڪجي خريد اُها عيد نه آ

جي بروز عيد ملاقات نه ڪن
شوق جا شهيد اُها عيد نه آ

جي بروز عيد ملهائين رڳو
وقت جا يزيد اُها عيد نه آ

جي بروز عيد اي"مدهوش"هجون
پاڻ ئي پليت اُها عيد نه آ

299760_270198322990581_139618819381866_1131878_707366_n.jpg
 
جواب: عيد عيد عيد اُها عيد نه آ (احمد خان مدھوش)

عيد عيد عيد اُها عيد نه آ
ٿئي بغير ديد اُها عيد نه آ

مدهوش جون سهڻيون سٽون آهن۔ نظرن سان نظرون نه ملن ۽ ديدون نه ملن ته ڪهڙي عيد آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عاشق سولنگي جي هميشه وانگر تمام سهڻي چونڊ ۽ لاجواب ڊزائن
 
محترم سائين سليمان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مھرباني
 
جواب: عيد عيد عيد اُها عيد نه آ (احمد خان مدھوش)

گهڻن ڏينهن کان مائٽ جي شاعري پڙهڻ لئو دل پئي ڪيو۔۔
مهرباني ادا عاشق سولنگي جي جنهن ونڊ ڪئي۔۔۔

بغير پرين جي ديد جي عاشقن جي ڪهڙي عيد هوندي آ؟؟

اهو ته عاشق ئي ٺيڪ سمجهندا هوندا۔۔

تمام پياري ونڊ آهي ۽ خوبصورت ڊزائين ۾ سجايل۔۔ زبردست۔

دعا ۾ ياد

۔
 
جواب: عيد عيد عيد اُها عيد نه آ (احمد خان مدھوش)

بھترين شاعري دلڪش ڊيزائين

سائين مھرباني۔

گهڻن ڏينهن کان مائٽ جي شاعري پڙهڻ لئو دل پئي ڪيو۔۔
مهرباني ادا عاشق سولنگي جي جنهن ونڊ ڪئي۔۔۔

بغير پرين جي ديد جي عاشقن جي ڪهڙي عيد هوندي آ؟؟

اهو ته عاشق ئي ٺيڪ سمجهندا هوندا۔۔

تمام پياري ونڊ آهي ۽ خوبصورت ڊزائين ۾ سجايل۔۔ زبردست۔

دعا ۾ ياد

۔

واھ واھ درويش جي دل چيو ۽ اسان ونڊ ڪئي سين۔
محترم سائين اوھان جي مھرباني۔
 
Back
Top