• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڪيلو ئي آهيان.۔۔

اڪيلو ئي آهيان.......

akelo-e-ahiaaa.jpg


اميدون اوهانجي اچڻ جون اکين ۾
تڪيان، پيچرا در ، اڪيلو ئي آهيان.

اچن ياد مونکي ٿيون رنگين شامون
ٿيا ويران منظر اڪيلو ئي آهيان

جدائيءَ کان اڄ تائين سڏڪا ٿا گونجن
منهنجي هيانءَ اندر اڪيلو ئي آهيان

هئو پيار صحبت ۽ عادت جتان جي
ڏنگي ٿو اهو گهر اڪيلو ئي آهيان

ڏسيان ڪنهن کي پنهنجي اندر اوڇڳارون
نه ساٿي نه همسر , اڪيلو ئي آهيان

منهنجا ڏينهن “درويش” گذرن صدين جيان
هي يادون ستمگر، اڪيلو ئي آهيان

عمران درويش سومرو







.
 
جواب: اڪيلو ئي آهيان.۔۔

منهنجا ڏينهن “درويش” گذرن صدين جيان
هي يادون ستمگر، اڪيلو ئي آهيان


درويش جي لاجواب شاعري ۔۔۔۔۔۔۔

اڃان چوي ٿو ته عشق کان پري آهيان۔ مان ڪنهن وڏي شاعر کان ٻڌو هو ته جنهن عشق ناهي ڪيو اهو شاعر به نه ٿو ٿي سگهي۔۔۔ هاڻي درويش جي هيء شاعري جنهن ۾ روڳ آهي، درد آهي، جدائي آهي، عشق آهي، سڪ آهي، سور آهن، يادون آهن، اڪيلائپ جو احساس آهي ۔۔۔۔ ان کي ڇا چئجي۔۔۔۔

هميشه وانگر بهترين شاعري ۽ تمام سهڻي ڊزائن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: اڪيلو ئي آهيان.۔۔

ادا چڻنگ ته ٻريل ئي آهي جنهن جي ڪري جي جي سڙن جي سرهاڻ اچي پئي باقي ادو درويش اڃان الئي ڪيسيتائين اڪيلو رهندو اها سندس مرضي آهي۔
وسلام
 
Back
Top