عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
اڪيلو ئي آهيان.......

اميدون اوهانجي اچڻ جون اکين ۾
تڪيان، پيچرا در ، اڪيلو ئي آهيان.
اچن ياد مونکي ٿيون رنگين شامون
ٿيا ويران منظر اڪيلو ئي آهيان
جدائيءَ کان اڄ تائين سڏڪا ٿا گونجن
منهنجي هيانءَ اندر اڪيلو ئي آهيان
هئو پيار صحبت ۽ عادت جتان جي
ڏنگي ٿو اهو گهر اڪيلو ئي آهيان
ڏسيان ڪنهن کي پنهنجي اندر اوڇڳارون
نه ساٿي نه همسر , اڪيلو ئي آهيان
منهنجا ڏينهن “درويش” گذرن صدين جيان
هي يادون ستمگر، اڪيلو ئي آهيان
عمران درويش سومرو
.