سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي باني ، منتظم اعلي ۽ جاکوڙي دوست رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪ. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌ سلامت جي سونهن ۽ سنڌ سلامت جو روح رشيد سمون آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاء ناهي۔ جادوگر سڏجندڙ رشيد وٽ گهڻو ڪري ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ سان منسلڪ هر سوال جو آسان انداز سان سمجهايل جواب ملي ويندو آهي۔
سائين رشيد سمون هڪ سرگرم، ايماندار، بيباڪ ، محنتي ، هڏ ڏوکي ، يارن جو يار ، وفادار ۽ سنڌ جو درد رکندڙ نوجوان آهي ، جنهن انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء اڻ کُٽ ڪم ڪيا آهن. سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي محبتي ميلي ۾ تبديل ڪري رشيد اسان سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي جيئن گل فروش مختلف رنگ برنگي ۽ خوشبوئن سان ٽمٽار گلن کي هڪ هار ۾ پوئي رکندو آهي.
مان سوچيندو آهيان ته آئيڊياز ته اسان وٽ به آهن پر انهن خيالن کي ساڀيان جو روپ ڪيئن ڏيون پر رشيد لاء خواب ڏسڻ جو مقصد ان جي ساڀيان ئي آهي۔ سندس لکڻ جو انداز به پيارو ته معاملن کي سلجهائڻ جو انداز به سُٺو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان واري ڪمن ۾ گهوٻي هڻي اهڙي ته ٽٻي هڻندو آهي جو اسان پيا ڳوليندا وتونس پر جڏهن ايندو آهي ته ڪجهه منفرد ونڊ کڻي ايندو آهي۔
ادا رشيد کي مان شاه لطيف جو هيٺيون بيت ارپيندس جيڪو سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ٺهڪي پيو اچي :
اسان جون دعائون آهن ته رب پاڪ ادا رشيد کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سلامت کي ترقيء جي بلندين تي پهچائي۔

جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟