• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى محترم رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي باني ، منتظم اعلي ۽ جاکوڙي دوست رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪ. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌ سلامت جي سونهن ۽ سنڌ سلامت جو روح رشيد سمون آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاء ناهي۔ جادوگر سڏجندڙ رشيد وٽ گهڻو ڪري ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ سان منسلڪ هر سوال جو آسان انداز سان سمجهايل جواب ملي ويندو آهي۔

سائين رشيد سمون هڪ سرگرم، ايماندار، بيباڪ ، محنتي ، هڏ ڏوکي ، يارن جو يار ، وفادار ۽ سنڌ جو درد رکندڙ نوجوان آهي ، جنهن انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء اڻ کُٽ ڪم ڪيا آهن. سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي محبتي ميلي ۾ تبديل ڪري رشيد اسان سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي جيئن گل فروش مختلف رنگ برنگي ۽ خوشبوئن سان ٽمٽار گلن کي هڪ هار ۾ پوئي رکندو آهي.

مان سوچيندو آهيان ته آئيڊياز ته اسان وٽ به آهن پر انهن خيالن کي ساڀيان جو روپ ڪيئن ڏيون پر رشيد لاء خواب ڏسڻ جو مقصد ان جي ساڀيان ئي آهي۔ سندس لکڻ جو انداز به پيارو ته معاملن کي سلجهائڻ جو انداز به سُٺو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان واري ڪمن ۾ گهوٻي هڻي اهڙي ته ٽٻي هڻندو آهي جو اسان پيا ڳوليندا وتونس پر جڏهن ايندو آهي ته ڪجهه منفرد ونڊ کڻي ايندو آهي۔

ادا رشيد کي مان شاه لطيف جو هيٺيون بيت ارپيندس جيڪو سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ٺهڪي پيو اچي :

جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

اسان جون دعائون آهن ته رب پاڪ ادا رشيد کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سلامت کي ترقيء جي بلندين تي پهچائي۔​
 
جواب: سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى محترم رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سائين رشيد سمون صاحب کي مون فقير پاران به دل جي گهرائين سان 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون هجن

الله تعالي کيس پنهجي نيڪ مقصد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى محترم رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سائين رشيد سمون صاحب کي لفظ جي پيٽا ڪھڙي ڏيجي۔۔۔۔۔ سليمان صاحب اوھان مٿي سڀ ڪجھ لکي ڇڏيو آھي۔
محترم رشيد سمون صاحب جن کي مون عاشق پاران به دل جي گھرائين سان مبارڪون
 
جواب: سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى محترم رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سنڌ سلامت جي جان سائين عبدالرشيد جن کي ڪهڙن لفظن ۾ مبارڪ باد پيش ڪجي پاڻ سنڌ سلامت جو وجود رکي سنڌ ۽ سنڌين سان پيارڪرڻ جو ثبوت پيش ڪيو اٿن سندن اهي تحريرون فقط تحريرون نه آهن ليڪن سندن ڪي ڪي تحريرون ته هڪ بهترين ڪتاب جي حيثيت رکن ٿيون الله تعالي کين سلامت رکي جو پاڻ سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي لاء ڪم ڪندا رهن عاجز طرفان پڻ سان جن کي سلام عرض آهي ۽ هيترن سارن موضوعن تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو.
 
جواب: سنڌ سلامت جي منتظمِ اعلى محترم رشيد سمون کي 700 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سنڌ سلامت جي جيالي ادا رشيد سمون کي مون مسڪين پاران به 700 موضوع موڪلڻ تي مبارڪون هجن

ادا رشيد مبارڪن کان مٿاهون ڪم ڪندو آهي۔ هن کي ڪڏهن ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي ڏٺو۔ ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهون آهي۔ اسان مصروفيتن سبب سنڌ سلامت کان پري هوندي به هن سان گڏ آهيون۔
 
Back
Top