محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2011۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ادا سليمان وساڻ کي مون حقير جي طرف کان لکين واڌايون قبول پون ۔۔۔ سائين جن تمام پياري طبيعت جا ئي نه رڳو پر تمام سهڻي اخلاق جا مالڪ پڻ آهن۔۔۔ سائين جن سان پنهنجي روبرو هڪڙي ملاقات ٿيل آهي۔ جنهن کي اڄ تائين مان نه وساري سگهيو آهيان۔۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون قبول پون
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ماشاءالله ادا سليمان جون فورم ۾ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ، اوهان جي فورم سان محبت جي اها نشاني آهي جو اوهان جا فورم ۾ تحريرن ۽ مضمونن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو جو وڃي 1000 مضمونن ۽ 5000 تحريرن تي اچي پهتيون آهن ۔ اوهان کي جس هجي اسان کي اوهان جي ساٿ تي فخر آهي ۽ فخر ڇو نه هجي جو محنتي ۽ جاکوڙي دوستن تي هر ڪو ناز ۽ فخر ڪندو آهي ۔ دعا آهي ته اوهان جو ساٿ هلندو رهي ، ۽ اوهان جي ليکن ذريعي دوستن کي لاڀ ۽ فائدو رسندو رهي ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سائين مهربانيون

    5000 تحريرون يا 1000 هزار موضوع موڪلڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر دوستن سان گذاريل گهڙيون، سنڌ سلامت جي دوستن ۽ سنڌين پاران مليل موٽ گهڻي اهميت واري آهي۔ سنڌ سلامت ۽ سليمان وساڻ آهي ته دوستن جي ڪري ئي آهي۔ اوهان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ئي آهي جو سڀ دوست پنهنجي پاران ڪوششون پيا ڪن۔

    لک قرب

    .....................................

    ڏاڏل سائين لک ٿورا

    اوهان جهڙا پيارا ۽ پُرخلوص دوست جنهن محفل ۾ هجن ته اتي ته اسان ضرور اينداسين ۽ بار بار اينداسين۔ سنڌ سلامت اسان سڀني جو فورم آهي ۽ اوهان دوستن جي موٽ اهڙي مانائتي هوندي آهي جو اسان سنڌ سلامت کان چار ڏينهن پري رهڻ به ڏکيو سمجهندا آهيون۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سليمان وساڻ سنڌ سلامت تي ائين ٽينگ ٽپا ۽ ڊوڙون پائيندو رهي ٿو جيئن ڪو سهڻو هرڻ ڪنهن باغ ۾ مستي مان پائيندو آهي، ڇو نه ڀلا !جنهن جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان چاهه ايترو جو سندس ذاتي دوست هجن يا اديب هجن يا سنڌ سلامت هميشه سنڌ ۽ بس سنڌ ئي پئي وسندي اٿس، دوستن کي مان ڏيڻ، انهن جي ڏکن تي ڏکيارو ۽ سکن ۾ گد گد ٿيڻ وارو انسان سليمان پنهنجي پوري سگهه سان گهڻو تڻو ساهتا لئه بنهه پيو وجهه ڳولهيندو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت تي هن دوست جي اچڻ کانپو سچ پڇو ته آ پاڻکي تمام سولو ۽ سڪون ۾ محسوس ڪندو آهيان، ازرڪي رنگ وارو هي دوست سنڌ سلامت جي هر ليک تي جواب ڏيڻ ۽ نيون نيون شيون دوستن سان ونڊ ڪري پيو گد گد ٿيندو آهي ۔۔۔ اهو ئي نه پر سنڌ سلامت کي وڌيڪ معلوماتي، جاذب نظر ۽ وڻندڙ ڪري پيش ڪرڻ لا هر وقت فڪرمند رهندو آهي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هن دوست ڪنهن اڻوندڙ عمل سبب پاڻکي سنڌ سلامت کان جدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته سچ پچ منهنجي حالت ان ٻار جيئان ٿي پئي هئي جنهنجي هٿ مان اوچتو اوچتو ڪو رانديڪو کسجي ويو هجي ۔۔۔ خئير الله جا لک شڪر جا هي نيڪ ۽ ٻاجهارو دوست اسانجي سنگت ۾ موجود آهي ۔۔۔

    باقي رهيون 5000 تحريرون ۽ 1000 ليک ته ان لا ائين چوندس ته سمنڊ جي پاڻي جا قطرا به ڳڻڻ جا هوندا آهن، جنهن ماڻهون جي اندر ۾ سمنڊ جيتريون ڳالهيون هجن ته پو انجو ڪاٿو ڪهڙو ڪري سگهبو ۔۔۔ پر پو به واڌايون، مبارڪون ۽ چميون قبول پون ۔۔۔۔ الله کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۽ خوشين سان مالا مال ٿيندو رهي ۔۔۔ آمين

    لک لائق عاشق سهڻي جا جو هو دوستن کي ياد ڪري ٿو ۽ سنڌ سلامت تي ڪنهن عهدي کان بغير ئي اسان سڀني نعهديدارن کان وڌيڪ مانائتو ڪم ڪري رهيو آهي ۔۔۔ ڀلا سنڌ جو عاشق آهي، انجي عشق جو ڪاٿو به ته مشڪل آهي ۔۔۔

    رب العالمين جا لک شڪرانا ۽ خوشنصيب آهي سنڌ سلامت جو انکي وساڻ ۽ عاشق جهڙا دوست مليا آهن ۔۔۔

    الله کين پنهنجي امان ۾ رکي ۽ خوشين سان مالا مال ٿيندا رهن ۔۔۔ آمين
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    مهربانيون شاهه صاحب

    هن اوطاق کي سٺي منزل تي وٺي اچڻ ۾ سڀني دوستن جون ڪاوشون آهن ۽ مان ان قافلي جو هڪ ادنى ڪارڪن آهيان۔ سنڌ سلامت کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي۔ اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ۽ اهڙي ئي حوصلا افزائي رهي ته ڪاميابي ضرور ملندي۔

    مبارڪ باد ڏيڻ لاء لک ٿورا
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم ۔مختصر وقت ۾ توهان جون هن فورم لاء ّخدمتون ۽ ڪاوشون کي مدنّظر رکندي توهان جي تعريف ڪرڻ ايئن آهي ڄڻ ته سج کي ڏيئي جي روشني ڏيکارڻ۔ميمبرن جي ڪمينٽس مان اهو صاف صاف ّظاهر ٿي رهيو آهي ته توهان جي ليکن، آمهون سامهون ملاقتن ۽ توهان جي سحرانًگيز شّخصيت سڀني جي دل ۾ هڪ خاص مقام پيدا ڪيو آهي جيڪو تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيندو آهي۔ان جي توهان کي تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔توهان جهڙن ڏاهن لاء پنج هزار تحريرون يا هڪ هزار موضوع ڪا وڏي ڳاله نه آهي۔توهان ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ڪوالٽيون آهن جو توهان ان کان به وڏا وڏا سنگ ميل پار ڪري سگهو ٿا۔آلله پاڪ شل توهانجي قلم جي تيزي کي عروج تي پهچئي ۽ هر تڪليف ۽ پريشاني توهان کان پري رکي۔مّختصر الفاظن ۾ توهان هن محفل جا مور آهيو ۽ توهان کان سواء هيئ محفل ايئن نه سينگاربي جيئن توهان سجائيو ٿا۔هميشه خوش رهو۔آمين
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ادا عرفان ديشي اوهان جا لک لائق

    سچ ته اوهان دوستن جو ڏنل پيار، عزت ۽ سهڻي ڀيٽا اسان لاء سڀ ڪجهه آهي۔ سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ سچ ته اسان کي بهترين دوست مهيا ڪيا اهن۔ منهنجي عرفان سان ڪا ملاقات ته ڪانهي پر فون تي ۽ چيٽ ذريعي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي۔ عرفان پاران موٽ ۾ ڏنل مان ۽ عزت قابل قدر ۽ قابل تعريف آهن۔ دوست جڏهن ڀائرن جهڙا هجن ته پوء ساڻن ڳالهه ٻولهه به اهڙي ئي پياري انداز سان ٿيندي آهي۔ مونکي عرفان ديشي تي ان ڪري به فخر آهي جو هڪڙي دور ۾ جڏهن فيسبوڪ تي اسان تي الزامن جي بوڇاڙ ٿي هئي ته عرفان به اسان سان گڏ ان جو حصو هيو۔ سندس قصور اهو هو جو هن اسان جو ۽ سچ جو ساٿ ڏنو هو۔

    سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ دوستن جو ڏنل پيار سڀ ڪجهه آهي۔

    .....................................

    لک ٿورا اهڙي قربن ڀري سٽن جا ۔۔۔۔۔۔۔

    ڀاء عرس پاڻ به محبتي ماڻهو آهي ، تنهنڪري ايڏو لکيو اٿس جو مان سوچيان ويٺو ته جواب ۾ ڇا لکان۔ سنڌ سلامت جي تيزي منهنجي ڪري نه پر اوهان دوستن جي حوصلا افزائي، اوهان سڀني دوستن جي سرگرمين جي ڪري آهي جنهن جو مان پڻ حصو آهيان۔ اوهان دوست ، اوهان ڀائر جيڪا موٽ ۽ مان ڏيو ٿا اهو اسان لاء ڪنهن سرٽيفڪيٽ کان گهٽ ناهي۔

    دعا آهي ته سنڌ سلامت ترقي جون منزلون طعي ڪندي رهي ۽ اسان سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهون۔
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ادا توهان جي محنت ء مسلسل جدوجهد کي سلام۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    اڙي يار عاشق صفا عاشق آهين ۔۔۔۔۔۔۔

    دبنگ انٽري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار مارائيندي سلمان خان جي هٿان

    .....................................

    ها ابا توهان به واهه جو ساٿ ڏنو اٿس۔

    .....................................

    مهرباني ادا درويش

    اوهان دوستن جي حوصلا افزائي، محبتن، مانائتي موٽ ۽ اوهان جهڙن پرين پيارن جي رهنمائي رهي آهي۔ عمران درويش جهڙو پيارو پاڻ آهي اهڙا ئي خوبصورت لفظ لکي محبتون پيش ڪندو آهي ۽ مانائتي موٽ ڏيندو آهي۔ سنڌ سلامت جو ساٿ سڀني دوستن جي گڏيل محنت جو ئي ته نتيجو آهي۔ جنهن ۾ اوهان به پنهنجو قيمتي وقت ۽ سهڻا ليک ونڊ ڪندا رهو ٿا۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    ادا مست مهربانيون

    سنڌ سلامت کي سنوارڻ ۾ اوهان دوستن جون جيتريون ڪاوشون آهن ان جي مقابلي ۾ اسان ڪجهه به ناهيون۔ اوهان سنڌ سلامت کي شروعاتي ڏينهن کانوٺي هلايو آهي ۽ پاڻ ملهايو آهي۔ مان ته هڪڙو ننڍڙو ڪم ڪري فرض جي پوئواري پيو ڪيان۔ سڀني دوستن جا ٿورا آهن جيڪي ماڻ ڏين ٿا۔

    .....................................

    مهربانيون ادا

    اوهان اڄ هيترو ڪجهه لکيو آهي اها اوهان جي محبت ۽ خلوص ئي آهي۔ حوصلا افزائي ۽ تعريف لاء مهربانيون۔ مان ته سمجهان ٿو ته اڃان مان ڪجهه به ناهيان ڪري سگهيو۔ منزل اڃان پري آهي۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    پر ادا اسان جي لاء اوهان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ا
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    مهربانيون ادا مزمل

    اهي اوهان دوستن جون حوصلا افزايون آهن ۽ محبتون آهن جو سنڌ سلامت جو ميڙو متل آهي۔ سچ ته سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ تي ڪيئي سنڌي دوست پرخلوص ۽ پيار ڪندڙ مليا آهن۔ جن سان ملڻ تي دل چوندي آهي۔

    اوهان اسان جا ٻانها نه پر اسان جا دوست ۽ اسان جا ڀاء آهيو۔ دعائن لاء لک ٿورا۔

    .....................................

    پيار زاهد لک قرب

    هڪ ملاقات ۾ مليل پنهنجائپ کي ڪڏهن به ڪونه وساري سگهندس۔ اوهان ۽ زهري صاحب پاران مليل محبتون ۽ پنهنجائپ هميشه ياد رهندي۔ ماڻهو جڏهن پاڻ محبتي ۽ موٽ ڏيڻ وارو هوندو آهي ته سڀني کي اهڙو ئي سمجهندو آهي ۽ وقعي سڀ کيس ايڏي ئي سهڻي موٽ ڏيندا آهن۔ اوهان به اهڙن ئي پيارن دوستن مان آهيو جنهن سان پهرين ملاقات ئي صدين جو ساٿ لڳندي آهي۔

    اوهان جي حوصلا افزائي، محبتن ۽ خلوص لاء اوهان جو ٿورائتو آهيان۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    مهرباني ادا افتخار

    اوهان جهڙا دوست هجن ۽ سنڌ سلامت جهڙي مهبتي اوطاق هجي جتي علم ۽ ادب سان گڏ پنهنجن سان ڪچهريون هجن، دوست حوصلا افزايون به ڪن ۽ رهنمائي به ندا رهن ته يقينن اهو اسان لاء اتساهه جو باعث بڻجي ٿو۔

    سنڌ سلامت جي سمورن دوستن جون مهربانيون جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقي لاء پاڻ پتوڙي رهيا آهن۔
     
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    [JUSTIFY]ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم ۔مختصر وقت ۾ توهان جون هن فورم لاء ّخدمتون ۽ ڪاوشون کي مدنّظر رکندي توهان جي تعريف ڪرڻ ايئن آهي ڄڻ ته سج کي ڏيئي جي روشني ڏيکارڻ۔ميمبرن جي ڪمينٽس مان اهو صاف صاف ّظاهر ٿي رهيو آهي ته توهان جي ليکن، آمهون سامهون ملاقتن ۽ توهان جي سحرانًگيز شّخصيت سڀني جي دل ۾ هڪ خاص مقام پيدا ڪيو آهي جيڪو تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيندو آهي۔ان جي توهان کي تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔توهان جهڙن ڏاهن لاء پنج هزار تحريرون يا هڪ هزار موضوع ڪا وڏي ڳاله نه آهي۔توهان ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ڪوالٽيون آهن جو توهان ان کان به وڏا وڏا سنگ ميل پار ڪري سگهو ٿا۔آلله پاڪ شل توهانجي قلم جي تيزي کي عروج تي پهچئي ۽ هر تڪليف ۽ پريشاني توهان کان پري رکي۔مّختصر الفاظن ۾ توهان هن محفل جا مور آهيو ۽ توهان کان سواء هيئ محفل ايئن نه سينگاربي جيئن توهان سجائيو ٿا۔هميشه خوش رهو۔آمين [/JUSTIFY]
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سائين نثار ابڙو صاحب جا لک ٿورا جنهن اهڙا سهڻا لفظ لکيا آهن۔

    سائين نثار ابڙو کي لفظن جو جادوگر سڏڻ گهرجي ته ان ۾ ڪو وڌاء ناهي۔ سائين نثار ئي اهو شخص آهي جيڪو مونکي فيسبوڪ تان سنڌ سلامت تي وٺي آيو ۽ مونکي ٿريڊ لکڻ ۽ موڪلڻ سان گڏ تصويرون لڳائڻ پڻ سيکاريون۔ ان حساب سان سائين منهنجو استاد به آهي پر ان کان وڌيڪ سندس لفظن جي ادائگي واري قابليت آهي جنهن جي ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن۔

    سنڌ سلامت تي منهنجي موجودگي سائين نثار ابڙو جي ڪري آهي۔ سائين منهنجو محسن هجڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌيت جو عاشق آهي۔ سنڌ سلامت جو وجود ۽ سنڌ سلامت اسان سڀني دوستن جي گڏيل ڪاوشن ۽ حوصلا افزائي جي ڪري ئي آهي۔

    سلام سموري دوستن کي ۽ مهربانيون سائين نثار ابڙو جن جون جن سان اڄ ڪلهه ڊگهيون ڪچهريون پيون ٿين۔
     
  16. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سائين جن کي اسان جي طرفان به کوڙ سايون مبارڪون۔۔۔۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب لک مهربانيون۔

    مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت جي ميمبرن جو، سڀني دوستن جو جن مونکي ايڏي سهڻي موٽ سان گڏ ايترو پيار ڏنو آهي۔ مونکي ياد آهي ته اوهان جي هڪ جملي مونکي پازيٽو سوچ طرف آندو هو ۽ اها تبديلي مونکي گهڻو مدد فراهم ڪري رهي آهي۔ ٿي سگهي ٿو اوهان کي ياد نه هجي پر مان اوهان جي اهڙي رهنمائي ۽ شفقت ڀريي رويي لاء ٿورائتو آهيان۔

    سنڌ سلامت مون سميت سڀني دوستن جي ڪري آهي جنهن ۾ اوهان جهڙن سينير دوستن جو به وڏو هٿ آهي۔ اميد ته اوهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔
     
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    سنڌ سلامت جو ٻوٽو لڳائڻ وقت تصور به ڪونه هو ته هن کي تيز هوائن، گرم موسمن، مختلف وائرسي حملن کان بچائيندي مسلسل پاڻي ڏئي وڌائي سگهبو۔۔۔ بس هڪ جذبو هو جنهن کي ڪڏهن به سنجيده نه پيو وٺي سگهجي۔۔۔ بغير منصوبه بندي جي شروع ڪيل هي شروعات اڳتي وڌي ته خيال تبديل ٿيڻ لڳا۔۔ ۽ ان وقت جڏهن پنهنجي پيار جو پاڻي سائين نثار ابڙو طرفان مليو ته يقين ٿيڻ لڳو ته هي ٻوٽو وڌي وڻ ٿيندو ۔۔۔
    ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوءِ سائين نثار ابڙو جن ادا سليمان وساڻ کي متعارف ڪرايو۔۔۔ فيس بوڪ تي سندس کوڙ ساري سرگرمي ڏسي شبهو ٿي لڳو ته دوست وقت ورهائي نه سگهندو۔۔ پر وقت ٻڌايو ته اسان جو هي دوست نه صرف فيس بوڪ جي دوستن کي ساڻ رکيو پر پنهنجي خداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي سنڌ سلامت تي به پنهنجا ليک ڪجهه اهڙي طرح ونڊيا جو سنڌ سلامت جي سونهن ۽ سچائي کي هٿي ملي۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر سنڌ سلامت جي آواز کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو۔۔۔
    سندن موضوعن جي تعداد کي 4 عددن ۾ ايندي ڏسي ۔۔ اڄ رڳو مون کي نه۔۔۔ رڳو سائين نثار ابڙو کي نه ۔۔۔۔ پر پوري سنڌ سلامت سٿ کي سندن تي فخر آهي ۽ مڪمل اميدون آهن ته اسان جي هن جستجو جا خوبصورت دڳ طئي ڪرائڻ ۾ پنهنجو اهو ئي ڀرپور ڪردار برقرار رکندا۔۔
    کين يقينن ان ڳالهه جي خبر هوندي ته سفر جاري آهي ۽ منزل ويجهو آهي ۔۔۔ ان ڪري پنهنجي جذبن کي ٿڌو ٿيڻ نه ڏيندا ۔۔۔ منهنجون نيڪ خواهشون ساڻن ساٿي آهن۔۔۔
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم سليمان وساڻ: 1000 موضوع، 5000 تحريون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

    مهرباني ادا

    اوهان جو ساٿ، اوهان جي موٽ ۽ اوهان جون دعائون اسان لاء سڀ ڪجهه آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو