ڇا ٿو چئي سگهجي (ڊاڪٽر ذولفقار جي پريس ڪانفرنس)

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڇا ٿو چئي سگهجي (ڊاڪٽر ذولفقار جي پريس ڪانفرنس)
    مون گهڻو سوچيو ته ڇا لکان هن مضمون جو نالو ڪجھ دوستن سان ويٺا سون ته هڪ هڪ جي پنهنجي پنهنجي راءِ هئي . ڪنهن ڪجھ ٿي چيو ته ڪنهن ڪجھ ٿي چيو ڪا راءِ قائم ڪرڻ مشڪل هئي منهنجي لاءِ .
    ان سڄي مشڪل جي پٺيان اسان جي سياستدانن جو ماضي شامل آهي . جيئن سچل سرمست جو شعر آهي
    منهنجويار تي آهي هيئن ڪنهن محل ڪيئن ته ڪنهن محل ڪيئن
    منهنجو يار ته آهي هيئن.
    سو مون جهڙي گهٽ فهم و فراست رکندڙ ماڻهون لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو . ننڍا هوندا ها سين هڪ فيصلو ٿي رهيو هو جنهن م هڪ شخص کي قرآن ڏيڻ جي ڳالھ ٿي، ته ٻئي همراه چيو سائين هي ڀلي قرآن کڻي وڃي قرآن سچو آهي پر هي ڪوڙو آهي . يعني قرآن جي صداقت ۾ ته ڪو شق ناهي اسان کي پر هن شخص جي ڪردار ۾ شق آهي اسان کي. پر پوءِ به ماڻهن اها راءِ قائم ڪئي ته نه ميان جي هي قرآن کڻي ٿو ۽ جي واقعي هي ڪوڙو قرآن (جڏهن ته قرآن آهي ئي سچو ان جو مطلب به اهو هوندو آهي ته قرآن ته سچو آهي پر هي ڪوڙو آهي ) کڻي ٿو ته پاڻهي قرآن جي هن کي مار پوندي توهان فيصلو قرآن تي ڇڏيو. آخر فيصلو ٿيڻو هو سو فيصلو ٿيو. مون هن فيصلي جو زڪر به هتي ان ڪري ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ذولفقار مرزا مٿي تي قرآن کڻي ڳالهيون ڪيون بيشڪ هنن سياستدانن جو ڪردار داڳيل آهي جو هنن جي ڳالھ تي يقين ڪرڻ پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ آهي . يقين نه ڪرڻ ۾ انهن جو ڪردار دشواري پيدا ڪري رهيو اهي .
    بحرحال هر هلڪي ۾ پنهنجي پنهنجي سوچ آهي ڪو ڪنهن نگاه سان ٿو ڏسي ته ڪو ڪنهن نگاه سان ٿو ڏسي . دراصل هن معاملي کي ڪيترين ئي نگاهن سان ڏسي سگهجي ٿو. سياستدان سياسي نگاه سان ڏسندا . تاريخدان تاريخ جي نظر ۾ ڏسندا ، سائڪالوجسٽ سائيڪالوجي جي نگاه سان ڏسندا سالڪ پنهنجي ناگاه سان ڏسندا وغيره وغيره. جي انهن نگاهن سان ڏسجي ته پوءِ اهو ئي جملو جڙي ٿو اچي ته ڇا ٿو چئي سگهجي. ڪن هن کي ڊاڪٽر مرزا جي ضمير جو سڏ ضمير جي پڪار چيو آهي ته ڪنهن هن کي ڊاڪٽرمرزا جي ضمير جي پڪار چيو ته ڪنهن هن کي ڊاڪٽر جي خدمتن کي نظر انداز ڪرڻ جو بدلو چيو ته ڪنهن هن کي ڊاڪٽر مرزا جي طبعيت جو انداز چيو ته ڪنهن هن کي ڊاڪٽر مرزا ۽ زردزري جي پاليسي قرار ڏنو .بحرحال جيئن چوڻي مشهور آهي ته جيڏا وات اوتريون ڳالهيون ان لاء اسان به لکيو ته ڇا ٿو چئي سگهجي .
    هاڻي جي هن پريس ڪانفرنس کي مرزا جي ضمير جو آوا ز چئجي ته ان تي به هن جي پريس ڪانفرنس پوري لهندي نظر نه پئي اچي . ان جا به ڪئي پهلو آهن جن تي بحث ٿي سگهي ٿي . پهرين ڳالھ ته اها آهي جي هي سندس ضمير جي آواز آهي ته پوءِ جڏهن ڪو ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندو اهي ته هر ان شخص جو ساٿ ڇڏي ڏئي ها جنهن جنهن هن جي قدر ناهي ڪئي . جي ظلم جي ڪري هن اهو عمل ڪيو آهي ته هر ظالم کي ڇڏي ڏئي ها جڏهن ته ظالم جو ساٿ ڏيندڙ به ظالم هوندو آهي . نمبر ٻه ته جن هن کي ڇڏي رحمان ملڪ کي پيارو ڪيو ان مٿان رت ڏيڻ جو اعلان هن جي ضمير جي آواز کي مشڪوڪ ٿو بڻائي پيو. جڏهن انسان ضمير جي آواز تي لبيڪ ڪندو آهي ته پوءِ هو هميشه حق جي زبان استعمال ڪندو آهي هر ظالم و جابر کان نفرت ڪندو آهي ڇو جو ضمير جو آواز الاهي آواز هوندو آهي . اهو ظالم جي دوست کي به ظالم سمجهندو آهي پر هتي اسان به جذبات جي دريا ۾ غوطه کائيندڙ نادان ئي آهيون ڪنهن اسان جي زبان جي ڳالھ ڪئي ناهي نه ڏٺو سون آگو نه ڏٺو سون پيڇو واه سائين واه جا نعرا هڻي ان کان الائي ڪيترويون اميدون ۽ آسون جوڙي ويهندا آهيون . نمبر ٽي ته باضمير جو هر شخص اهو جيڪو ظالم هوندو آهي اهو دشمن هوندو آهي . هر ڪو ان جي جان جو دشمن هوندو آهي . مونکي هڪ سالڪ جو سبق چڱي طرح سان ياد آهي ته جي سچ جي تصديق ڪرڻ گهرو ٿا ته ڏسو زماني ۾ اوهان جي مخالفت ڪيتري ٿي ٿئي جيتري مخالفت ٿئي سمجهو ايتريون اوهان کي مبارڪ بادون ٿيون ملن . جيترا پٿر لڳن جيترا دشمن وڌن اوتري راه آسان ٿي ويندي آهي . باضمير دوست جي دشمن کي دشمن دشمن جي دوست کي دشمن تصور ڪندو آهي پر هتي مرزا صاحب جو بيان زرداري سان خلوص رحمان ملڪ جو جلوس آهي. مون هميشه هن قولِ حضرت علي عه کي سامهون رکي ڪري ڪنهن کان ايتريون اميدو ناهن رکيون ته تڪيلف ماڻهون نه پر انهن ماڻهن کان رکيل اميدون ٽٽڻ مهل ڏنگينديون آهن . پر هتي ته اڌ ٽٽيهر اڌ ٻٽير واري ڳالھ آهي . جيڪو انساني ظلمن ۾ مبتلا شخص آهي ان کان ته نفرت پر ان جي دوست سان محبت آهي . شايد ان کي مصلحتون چيو ويندو آهي پر ضمير جي آواز ۾ ڪا مصلحت سواءِ ڪنهن انساني ڀلائي جي قابلِ قبول ناهي هوندي. هي مصلحت انساني ڀلائي جي نه پر مرزا جي ذاتي ڀلائي جي مصلحت آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر مرزا صاحب جي گهرواري پاڻ ايوان بالا جنهن ۾ بقول مرزا صاحب جي انساني قتلن جي واپار جو بازار گرم آهي جنهن ايوان ۾ ويهي هزارين قتلن کي انصاف بجاءِ سياسي مفاهمت جو نالو ڏئي اونداهي ڪوٺي ۾ اڇليو ويو آهي جي اسپيڪر آهي . سو هي جيڪي ضمير جي آواز جا پرکيندڙ آهن انهن جي مطابق سياسي چال آهي ضمير جي آواز ناهي پنهنجو ذاتي غصو آهي ذاتي ڀڙاس آهي ضمير جي پڪار ناهي. جيڪي ماڻهو وري سياسي نظر رکن ٿا تن جو چوڻ آهي ته هي زرداري جي چال آهي بلخصوص پ پ پ جو جيڪو ڪمشنري سسٽم کي واپس وٺڻ کان پوءِ پوري سنڌ ۾ ووٽ بئينڪ گهٽيوآهي ان گراف کي مٿي آڻڻ لاءِ زرداري هي چال کيڏيو آهي ڇو جو ان سسٽم جي واپس وٺڻ جو مطلب هو سنڌي قوم جي هڪ نه ٻُڌڻ جنهن جو نتيجو اوهان قوم پرستن جو اڳتي اچڻ ڏٺو جنهن جي بدلي ۾ قومپرستن کي سٺي موٽ ملڻ ۽ ان بدلي ۾ پ پ پ جي ووٽ جو ڪرڻ پڻ هو. آصف زرداري اها چال هلي آهي قومپرستن جي خلاف. جنهن کي بعد ۾ مرزا زريعي ئي ڪيش ڪيو ويندو.جيڪي ماڻهون سائڪالوجي جي نگاه سان ڏسن ٿا ته انهن جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن وٽ پنهنجي مال و دولت هوندي آهي اهي ماڻهون مصلحتن ڪجھ برداشت ته ڪندا آهن پر انهن جو ضمير انهن کي سمهڻ ناهي ڏيندو . هو پنهنجي ڪيل فيصلن تي خاموش رهي رهي نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي ذات هٿان مجبور ٿي ڦاٽي پوندا آهن . جيئن اوهان جبلن ۾ لاوو ڦاٽندي ڏٺو هوندو . اهو لاوو ڪنهن هڪ ڏينهن ناهي ٻرندو پر جبل پنبهنجي دامن ۾ هن کي پيو برداشت ڪندو آهي جڏهن اهو لاوو جبل جي برداشت کان به ٻاهر ٿي ويندو آهي ته ڦاٽي پوندو آهي. جنهن جي تباهي هر هڪ شي کي ڳڙڪائي ويندي آهي پٿر ٻري پوندا آهن . ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ڊاڪٽر مرزا جي برادشت شايد اهڙي منافقانه مفاهمت اڳيان دم ٽوڙي وئي هئي . هن ڏٺو ته جن ماڻهن پنهنجي مداعفت ۾ هٿيار کنيا تن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي پر جن ماڻهن جي ڪري هنن هٿيار کنيا انهن کان ڪا باز پُرس ئي نه ٿي ٿئي.ڪير نه ٿو ڄاڻي ته ڪراچي ۾ بلوچن کي پٺاڻن کي هٿيار کڻائيندڙ متحده کان سواءِ ٻيو ڪو نه آهي سنڌين سان ايترا ظلم ڪيا ويا جو 90 جي ڏهاڪي ۾ اجرڪ ٽوپي پائڻ جو مطلب هوندو هو ڪراچي ۾ پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪرڻ . اڄ وري هي دور آيو آهي پٺاڻن لاءِ بيشڪ ڪالھ هنن سنڌين کي هٿيار کڻايا اڄ پٺاڻن ۽ بلوچن کي هٿيار کڻايا آهن. ان کان هٽي ڪري سنڌ سان ته بلوچن توڙي پٺاڻن هميشه ظلم ڪيو آهي. محمود غزنوي هتي سوا لک سنڌي مارايا ارغونن هتي ڇا ڪيو مغلن هتي ڪهڙيون ويساه گهاتيون ڪيون ۽ مهاجر جيڪي تاتاري آهن انهن هتي مهمان ٿي اچڻ بعد ڪهڙا قيس ڪيا آهن اهي ڪنهن کان ڳجها ناهن . اهي تاريخون جڏهن ڏسجن ٿيون ته انسان جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. پوءِ جڏهن اهڙيون ويساه گهاتيون انسان ڏسي ٿو ته ۽ انهن ويساه گهاتين تي برداست جو معدو جڏهن جواب ڏئي ٿو ته ائين اٻري ٿو جيئن ڪالھ اوهان ذولفقار مرزا کي اٻرندي ڏٺو. برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي جيڪي ماڻهون پنهنجي طبعيت ۾ وڏيرا هوندا آهن اهي ڪنهن مصلحت ۾ ڪنهن حد تائين چُپ رهندا آهن جيئن اوهان ڪالھ مرزا جو بيان ٻڌو ته منهنجي هزارين ايڪڙ زمين آهي . پنهنجا بنگلا آهن وغيره وغيره. هي آهن انسان جون سائيڪولاجيون جن جي پيش نظر ظلم کي هڪ حد تائين هو برداشت ڪندو آهي پوءِ هو چوندو آهي اهڙي خاموشي تي لعنت هاڻي نڪر پوءِ جيڪو ٿيو تنهن کي ڏٺو ويندو . جڏهن هو اهڙو عمکل ڪندو آهي ته پنهنجو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهي . هاڻي هي ڪجھ ڳالکهيون اوهان اڳيان رکيون آهن جن ۾ پاڪستان جي سياست توڙي سياستدانن جي شخصيت اوهان اڳيان آهي . اوهان جي مرضي آهي اوهان ان کي ڇا ٿا سمجهو.
    .وسلام
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ٿو چئي سگهجي (ڊاڪٽر ذولفقار جي پريس ڪانفرنس)

    ڏاڏل سائين مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔

    ڪير ڇا به چوي ۽ ڪيئن به چوي پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته قاتل کي قاتل چوڻ جو ڪم ڪنهن ڪونه ڪيو هو پوء کڻي سيڪيورٽي ادارا هجن، صحافي هجن يا سياستدان پر ذوالفقار مرزا جي همت کي سلام آهي۔ ڳالهيون گهنيون آهن، هتي ڪي محلن ۾ رهندي به قيد آهن پر سچ چوندڙ اڪيلو آهي۔

    سڀ ڳالهيون پنهنجي جاء تي پر پاڪ قرآن تي هٿ رکي ڳالهائڻ واري مسلمان تي مونکي اعتبار آهي۔ اسان به گهڻن کي سڃاڻون ٿا۔ سندس هن پريس ڪانفرنس جا ڪهڙا به نتيجا نڪرن پر هن بيٺل پاڻيء ۾ پٿر ضرور اڇلايو آهي۔ اها ٻي ڳالهه آهي ته هميشه سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ وارن جي اڪثريت رهي آهي ۽ اها تاريخ رهي آهي۔

    پ پ پ حڪومت کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ ملڪي ادارن کي هن الزامن تي تحقيقات جي ضرورت آهي۔ ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن پنهنجي وزارت، پنهنجي ڪرسي ناهي ڇڏي۔ هن جي پويان کڻي ڪهڙيون به مفاهمتون هجن پر سندس آواز عوام جو آواز ۽ دٻيل ماڻهن جو آواز ضرور آهي۔
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڇا ٿو چئي سگهجي (ڊاڪٽر ذولفقار جي پريس ڪانفرنس)

    سائين اسان ته معاشري ۾ ماڻهن جي سوچ مطلق لکيو آهي اوهان به سچ پيا چؤ اسان اوهان سان به مطفق آهيون ۔
    سوالم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو