عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
جاويدجوکيو
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران ڪيل ڳالهين جي پيش منظر ۽ پس منظر کي سمجهڻ بعد اهو ظاهر ٿي چُڪو آهي ته سنڌ اندر هڪ نئين سياسي راند جي شروعات ٿي چُڪي آهي جنهن جو مھرو هميشه جيان هن ڀيري به پپلزپارٽي پاران مرزا کي ئي بڻايو ويو آهي جڏهن ته انهيء جي پسمنظر ۾ پ پ پ قيادت کان وٺي عالمي قوتن جي گڏيل فنا منا کي ڪنهن به ريت رد ڪري نه ٿو سگهجي.پپلز پارٽي هن وقت جنهن انداز ۾ آمريڪا جي نوڪري ڏئي رهي آهي انهيء عيوض هو پاڪستان خصوصي طور سنڌ اندر پنهنجي پارٽي جي عوامي سطح تي ڪرندڙ ساک جي ٻيهر بحاليء کان وٺي رياستي ادارن تي جڪڙ مضبوط ڪرڻ لئه ڪنهن اهڙِي موقعي جي تلاش ۾ هئا جنهن ذريعي هو ٻيهر پارٽيء کي عوامي همدردي ذريعي پيرن تي بيهاري سگهن.جنهن جو وڏو سبب ناظمي نظام جي بحاليء کانپوء سنڌ اندر پپلز پارٽيء مٿان کنيل آڱريون ۽ سنڌي ماڻهن منجھ پئدا ٿيل نفرت هئي جنهن جو فائدو سڌيء ريت سنڌ جي قومپرست جماعتن کي رسيو جن پ پ پ خلاف عوام منجھ وڃي پ پ پ جي مٽي پليت ڪري ڇڏي ۽ سڄي دنيا ڌٺو ته سنڌ اندر سندن وزيرن جي درن تي توا ٽنگيا ويا اها صورتحال ڪا معمولي نه پر انتهائي غير معمولي هئي جنهن مان ٻاهر نڪرڻ لئه پپلزپارٽيء پاران اهو سڀ ڪجھ ڪيو ويو جيڪو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي صورت ۾ منظر عام تي آيو آهي.ايم ڪيو ايم بابت مرزا پاران ڪيل انڪشاف جيتوڻيڪ ميڊيا ذريعي هر عام ۽ خاص لئه اهميت جو باعث بڻيا آهن ء پ پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر مرزا جي صورت ۾ عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب وئي آهي پر حقيقت اها آهي ته سنڌي ماڻهن وٽ ايم ڪيو ايم جو اهو چهرو اڳواٽ موجود هيو سنڌ جون قومپرست جماعتون توڙي سنڌ پرست ڌريون ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي اهي ئي رڙيون ڪنديون پئي آيون ته ڪراچيء جي صورتحال بگاڙڻ ۾ سڌيء ريت ايم ڪيوايم جي دهشتگرد ونگ ملوث آهي پر پپلزپارٽيء کان وٺي هتي ايندڙ مقتدر ڌرين ايم ڪيو ايم کي اتحادي بڻائي کين اڇي ء ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو ء هو مضبوظ ٿيندا رهيا جنهن ۾ پ پ پ خود انهيء ڏوھ ۾برابا جي شريڪ رهندي آئي آهي.چوڻ وارا چون پيا ته هن خطي اندر عالمي قوتون پنهنجا پير ڄمائڻ لئه مقامي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ سندن جي پهرين ترجيحات آهي جنهن ڪري هنن جاڊائلاگس قومپرستن،پ پ پ توڙي ايم ڪيو ايم سان هلندا رهيا چوڻ وارا چون پيا ته ايم ڪيو ايم هن وقت هنن لئه اعتماد جوڳي ناهي رهي ۽ هو هنن جي ايجنڊا کان ٻاهر آهن جنهن بعد قومپرست ء پ پ پ اها ٽاسڪ هٿ ۾ کڻڻ لئه هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل آهن.ملڪ جون مقتدر ڌريون قومپرستن جي ڀيٽ ۾ پ پ پ تي وڌيڪ اعتماد ڪندي نظر اينديون رهيون آهن.
ڊاڪٽر زوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس بعد اسان جي مطابق پ پ پ قيادت ظاهري طور هن کان هن وقت ڀلي جان نفرت جو اظهار ڪري پر اڳتي هلي مرزا ڪارڊ پ پ پ لئه اهڙو سياسي ڪارڊ ثابت ٿيندو جيڪو سندن لئه سنڌ ڪارڊ جي صورت ۾ موجود هوندو جيڪو هنن کان کسجي چڪو هو اهو ايندڙ چونڊن ۾ هر ماڻهن آڏو موجود هوندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جھي قومپرستن کي اليڪشني سياست ۾ پوئتي ڌڪي ڃڏيندو جيئن ماضيء ۾ قومپرسن سان ڪرايو ويندو رهيو آهي.
رهي ڳالھ ايم ڪيو ايم جي جنهن بابت چوڻ وارا چون پيا ته هنن جي راند هاڻي آخري پساهن ۾ آهي جن قوتن کين اڳتي آندو اهي هن وقت هنن مان هٿ ڪڍي چڪا آهن، ڊاڪٽر عمران فاروق جي لنڊن ۾ ٿيل قتل جي حقيقت گهڻي حد تائين وائکي ٿيڻ بعد ان جو نتيجو جلد ئي سامهون اچڻو آهي اهو ئي معاملو منتق تائين رسڻ بعد گهڻيو اڳڀرايون ظاهر ڪري ڇڏيندو.
اسان سنڌ واسين کي ان سڄي راند جو حصو بڻجڻ بدران توجھ ان ڳالھ تي ڏيڻ گهرجي ته اسان جي بنيادي حقن جي بحاليء کان وٺي اجتماعي بهتريء لئه مڙي مٺ ٿيون جيڪا تبديلي عوامي ٻڌي سان ئي ممڪن آهي ناممڪن نه۔