• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو ساري سنڌ اڄوڪي موتمار برسات سبب تمام گهڻو پريشان آهي، جن ماڻهن جا جهوپا، جُهري پيا آهن ۽ سنڌ جا سمورا ننڍا وڏا ڳوٺ شهر برسات جي پاڻي سبب ڪنهن دريا جي ٻوڏ جوڏيک ڏيئي رهيا آهن اتي هيئنر رات جو پوڻين ٽي وڳي ٻه ٽي گاڏيون سائرن واريون آيون لائوڊ اسپيڪرن تي هتي ٽنڊو محمد خان ۾ اهو اعلان ڪندا ويا ته سڀئي گهرن ۾ ويٺل ماڻهون سُتل ماڻهون گهرن کان ٻاهر نڪري اچن ڇو ته ٽنڊو محمد خان ۾ ٿوري دير کان پو زلزلو اچڻ وارو آهي ، اسان جي پاڙي جي مولوي نڪو ڪئي هم نڪو ڪئي تم ان به رات جو اڍائي وڳي اعلان ڪري ڇڏيو سڀئي ٻاهر نڪري تسبيجون پڙهڻ شروع ڪن ان جي ديکا ديکي ۾ ساري شهر جي مولوي حضرات رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ته مسلمانو پنهنجي بري عملن جي توبه ڪري گهرن کان ٻاهر نڪري اچو ڇوته زلزلو اجهو ڪِي آيو ڙي آيو۔: جيئن ته مان پنهنجي شاعري جي ڪتاب جا پروف چيڪ ڪرڻ لا جاڳي رهيو هُئس اهو حال ڏسي ۽ ٻُڌي ٽي وي کوليم ته خبر پئي ته زلزلي جي صرف افواهه هُئي ڪٿي به زلزلي جو ڪو جهٽڪو ڪونه آيو آهي، نڪو زلزلي جي اڳڪٿي ڪرڻ وارو ڪو دنيا ۾ اهڙو آلو ايجاد ٿيو آهي۔ جنهن سان زلزلي جي ڪا اڳڪٿي ڪري سگهجي پر منهنجي پاڙي ۾ اڄوڪي موتمار برسات سبب چئني طرفن کان گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو آهي ساري پاڙي جا رهواسي تسبيحون کڻي مرد ۽ عورتون روڊ جي وچ ۾ گوڏي جيڏي پاڻي ۾ زلزلي جي ڊپ جي ڪري توبه تائب پيا ڪن ، مان کين سمجهائي بيٺو آهيان ته ڀائو ڪي ٽي اين تي ڪليئر ڪٽ اچي چُڪو آهي ته زلزلي جي ڪا ڳالهه ڪانهي صرف افواهه آهن ۔ دوستو منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جا ماڻهو گوڏي جيڏي پاڻي ۾ بيٺا آهن ۽ تسبيحون کڻيو توبه تائب پيا ڪن۔ شال ڪو الله ڏسي انهن افواهه ڦهيلائڻ وارن کي جن الله سائين جي مخلوق کي زلزلي جو خامخواهه خوف ڏياري آرام ڦٽائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي۔​
 
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

ادا نثار مونکي به رات اڍائي وڳي ڪنهن فون ڪري چيو ته زلزلو پيو اچي خيال سان سمهو مون يڪدم ٽيوي آن ڪيم پر ڪيبل نه پئي هلي ۽ مون کي اچي دل ۾ وسوسا پيدا ٿيا پر وري خيال آيو ڇو نه ڪمپيوٽر تا لائيو خبرون ٻڌان جيئن ڪيٽي اين نيوز لڳايم ته اتي زلزلي جي ڪوڙي افواهن جي پٽي هلي پئي پوئي يڪدم دوستن کي ٻڌايم ته اهي سڀ ڪوڙ ا افواهه آهن ادا نثار هڪ ته ماڻهو برسات ۾ پريشان لڳا پيا آهن مٿان وري اهڙيون ڪوڙيون افواهون هلائي ويتر ماڻهون کي پريشان ڪيو پيو وڃي.
 
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

ها سائين رات مون به پاڪستان هڪ دوست سان حيدر آباد اسڪايپ تي آن هيس ته انهن کي به ڪا فون آئي ته ابا خيال سان سمجهو رات حيدر آباد ۾ به زلزلو ايندو سو ان دوست کي جنهن فون ڪئي سچ۾ ان جي آواز مان لڳو پئي ته ان جو ننڊون حرام هون سو ان کي ڪنه چيو ته تون ميو چڳو آهين چپ ڪري سمهي پئي ڪونه ٿو اچي زلزلو سو ابا اسان به رات دوستن کي فونون ڪري خدا حافظ چيو هيو سي ته زندگي موت جو ڪو ڀروسو ناهي ابا متا خبر سچ هجي پر موسمتا واران اهڙي ڪا به خبر نه ٻڌائي هئي
ابا ان ڪري چوندا آهين ته ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪندي ماڻهن کي خبر ناهي الاء ڇا ٿو ملي ماروئڙن جو آرام فٽائيندين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

سائين الله تعالى هر مصيبت کان پنهنجي پناهه ۾ رکي زلزلي جو افواه پوري سنڌ ۾ هلي ويو هو الله تعالى کان پناهه ٿا گهرون اهڙي ڏمر واري برسات ۽ هر زميني آسماني مصيبت کان ليڪن انسانن به رب جي بي فرماني کان ڪين ڪيٻايو آهي رمضان ۾ روزو رکڻ ته ٺهيو ليڪن مسلمان جي ناتي احترام به نه پيا ڪن سر عام هوٽلون کليل رستي تي گهمندي ڦرندي سگريٽ نوشي ڄڻ ته رمضان آهي ئي فقط چند روزائتن لاء پوء اهڙي حالت ۾ رب جي رحمت به ته اهڙي پوندي ٿورو افواه ٻڌي پنهنجي جان بچائڻ لاء ڦوري طور گهر آرام ڇڏي رستن تي نڪري اچڻ لاء ته تيار آهيون ليڪن رب جي عبادت لاء آذان جو سڏي ٻڌي ڪڏهن ڪو مسلمان جلدي نڪتو آهي رب جي عبادت لاء پوء مٺا رب پاڪ به اهڙن عملن جي ٿورڙي سزا چکائي ٿو جو فرمان ايزدي آهي ته
ظَهَرَ الْفَسَادُ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِي النَّاسِ لِيُذِيقَهُمْ بَعْضَ الَّذِي عَمِلُوا لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
روم 41
يعني بحر ۽ بر ۾ جيڪا خرابي پيدا ٿئي ٿي سا ماڻهن جي هٿن جي ڪيل ڪمائي جو نتيجو آهي۔ ۽ سزا ان لاء ته من اهي (پنهنجي پروردگار ڏي ) موٽي پون.
بيشڪ هي اسان جي عملن جون شامتون آهين رب کان پنهنجي قصورن جي معافي گهرون رب جي عبادت ڪري رب کي راضي بنايون رب فرمايو آهي
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
الذاريات 56

مون جنن ۽ ماڻهن کي فقط پنهنجي عبادت لاء پيدا ڪيو آهي​
 
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

مون کي به رات جو ٻه بجي فون آئي ته پوري سنڌ ۾ زلزلو اچڻ وارو آهي ، ديني تعليم سان سچي وابستگي جي ڪري ڪن تي جون به نه سري پهريائين کان به وڌيڪ گهري ننڍ آئي ۔
ان قسم جا افواھ هتي جون بليڪ ميلر موبائيل ڪمپنيون به ڦهلائينديون آهن ۔
 
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان

ڪالهه اهڙي ڳالهه مون کي ڀاءُ ٻڌائي هئي پر سندس به اهو ئي چوڻ هو ته افواهه آهي
ٻي ڳالهه دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سائنس جي ايجادن ذريعي دنيا ۾ هر آفت جي اڳواٽ اطلاع جو نظام موجود آهي سواءِ زلزلي جي۔۔۔۔ اهڙو ڪو به نظام نه آهي جنهن سان اها خبر پوي ته زلزلو اچڻ وارو آهي۔۔ براءِ مهرباني اهڙي افواهن تي ڪن نه ڌريندا ڪريو۔۔۔​
 
Back
Top