جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان
ها سائين رات مون به پاڪستان هڪ دوست سان حيدر آباد اسڪايپ تي آن هيس ته انهن کي به ڪا فون آئي ته ابا خيال سان سمجهو رات حيدر آباد ۾ به زلزلو ايندو سو ان دوست کي جنهن فون ڪئي سچ۾ ان جي آواز مان لڳو پئي ته ان جو ننڊون حرام هون سو ان کي ڪنه چيو ته تون ميو چڳو آهين چپ ڪري سمهي پئي ڪونه ٿو اچي زلزلو سو ابا اسان به رات دوستن کي فونون ڪري خدا حافظ چيو هيو سي ته زندگي موت جو ڪو ڀروسو ناهي ابا متا خبر سچ هجي پر موسمتا واران اهڙي ڪا به خبر نه ٻڌائي هئي
ابا ان ڪري چوندا آهين ته ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪندي ماڻهن کي خبر ناهي الاء ڇا ٿو ملي ماروئڙن جو آرام فٽائيندين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان
سائين الله تعالى هر مصيبت کان پنهنجي پناهه ۾ رکي زلزلي جو افواه پوري سنڌ ۾ هلي ويو هو الله تعالى کان پناهه ٿا گهرون اهڙي ڏمر واري برسات ۽ هر زميني آسماني مصيبت کان ليڪن انسانن به رب جي بي فرماني کان ڪين ڪيٻايو آهي رمضان ۾ روزو رکڻ ته ٺهيو ليڪن مسلمان جي ناتي احترام به نه پيا ڪن سر عام هوٽلون کليل رستي تي گهمندي ڦرندي سگريٽ نوشي ڄڻ ته رمضان آهي ئي فقط چند روزائتن لاء پوء اهڙي حالت ۾ رب جي رحمت به ته اهڙي پوندي ٿورو افواه ٻڌي پنهنجي جان بچائڻ لاء ڦوري طور گهر آرام ڇڏي رستن تي نڪري اچڻ لاء ته تيار آهيون ليڪن رب جي عبادت لاء آذان جو سڏي ٻڌي ڪڏهن ڪو مسلمان جلدي نڪتو آهي رب جي عبادت لاء پوء مٺا رب پاڪ به اهڙن عملن جي ٿورڙي سزا چکائي ٿو جو فرمان ايزدي آهي ته ظَهَرَ الْفَسَادُ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِي النَّاسِ لِيُذِيقَهُمْ بَعْضَ الَّذِي عَمِلُوا لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
روم 41
يعني بحر ۽ بر ۾ جيڪا خرابي پيدا ٿئي ٿي سا ماڻهن جي هٿن جي ڪيل ڪمائي جو نتيجو آهي۔ ۽ سزا ان لاء ته من اهي (پنهنجي پروردگار ڏي ) موٽي پون.
بيشڪ هي اسان جي عملن جون شامتون آهين رب کان پنهنجي قصورن جي معافي گهرون رب جي عبادت ڪري رب کي راضي بنايون رب فرمايو آهي وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
الذاريات 56
مون جنن ۽ ماڻهن کي فقط پنهنجي عبادت لاء پيدا ڪيو آهي
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان
مون کي به رات جو ٻه بجي فون آئي ته پوري سنڌ ۾ زلزلو اچڻ وارو آهي ، ديني تعليم سان سچي وابستگي جي ڪري ڪن تي جون به نه سري پهريائين کان به وڌيڪ گهري ننڍ آئي ۔
ان قسم جا افواھ هتي جون بليڪ ميلر موبائيل ڪمپنيون به ڦهلائينديون آهن ۔
جواب: زلزلي جي افواهن سبب ٽنڊومحمد خان جي ماڻهن سميت ساري اڌ سنڌ جا ماڻهو پريشان
ڪالهه اهڙي ڳالهه مون کي ڀاءُ ٻڌائي هئي پر سندس به اهو ئي چوڻ هو ته افواهه آهي
ٻي ڳالهه دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سائنس جي ايجادن ذريعي دنيا ۾ هر آفت جي اڳواٽ اطلاع جو نظام موجود آهي سواءِ زلزلي جي۔۔۔۔ اهڙو ڪو به نظام نه آهي جنهن سان اها خبر پوي ته زلزلو اچڻ وارو آهي۔۔ براءِ مهرباني اهڙي افواهن تي ڪن نه ڌريندا ڪريو۔۔۔