مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [JUSTIFY]اڄڪلهه سنڌي نوجوانن ۾ هي بحث عام آهي ته ڇا مرزا صاحب جو ساٿ ڏجي يا نه ڏجي، هڪڙا مرزا صاحب کي سنڌ جو سورهيه ۽ امام انقلاب ٿا چون ته ٻيا کيس وقتي هوا جو جهونڪو ته ٻيا وري کيس سازش جو مهرو ٿا سمجهن؛ ڳالهيون ته گهڻي ئي آهن پر منهنجي سياسي، سماجي پرورش ۽ حب الوطني منهنجي اندر ۾ ڪجهه هن طرح سان ولوڙ پئدا ڪري رهي آهي؛

    مرزا صاحب جو سچ ڳالهائڻ، ۽ انجو وزارتن تان استعفا ڏيڻ ۽ پاڻکي سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ظاهر ڪرڻ ... اسان سنڌين لاءِ ائين آهي جيئن ٿر جي وارياسي تي ڪيترن سالن جي سوڪهڙي کانپوءِ اوچتو آسمان تي بادل اچي ڪڙڪيا هجن ۽ گجگوڙ ڪري وسڻ جون وايون ڪندا هجن ... اسين سنڌي اهڙي ئي ڪنهن سورهيه سپوت جي ڳولها يا وري اوسيئڙي ۾ رهيا آهيون ....
    رب العالمين ائين ڪري جو مرزا صاحب جهڙو سامهون تهڙو پويان هجي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي اڳواڻن کي خدا رب العزت اسانجي اڳواڻيءِ جو موقعو عطا ڪيو آهي پر وقت ثابت ڪيو ته انهن يا ته ڌارين جي مفادن جو بچاءُ ڪيو يا وري پنهنجي ذات جي سحر ۾ سمائجي ويا ... تازي اڌ صدي ڪجهه اهڙن مثالن سان گهڻو ڀريل نظر اچي ٿي ...
    چوندا آهن ته نانگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄندو آهي ... انڪري اسانکي مرزا صاحب جي چيل لفظن تي خوشي به ٿئي ٿي ته اڻ تڻ به .... اچو ته مرزا صاحب جي زباني سندس بيانن جو مشاهدو ڪريون ....

    مرزا جا بيان
    1. هو مهاجرن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ دهشتگرد تنظيم آهي.
    2. سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي آهي ( مهاجر، پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ پڻ)
    3. هو مهاجرن سان ويڙهه انڪري ڪري رهيو آهي ته هو پاڪستان کي ٽوڙڻ گهرن ٿا.
    4. هو مهاجرن سان انڪري ويڙهه وڙهڻ گهري ٿو ته مهاجر سنڌ ۾ رهندڙ ٻين قوميتن (پٺاڻ ۽ بلوچن) سان جنگ ڪرڻ گهرن ٿا.
    5. هو بلوچن ۽ سنڌين کي هڪ قوم سمجهي ٿو.
    6. هو آصف زرداريءَ جو حمايتي آهي ۽ انجا هٿ مضبوط ڪرڻ گهري ٿو. ڇاڪاڻ ته هو سندس 40 سالن کان دوست آهي.

    دوستو! اهي ڪجهه خاص ڳالهيون آهن جيڪي هو پنهنجن تقريرن ۽ بحث مباحثن ۾ وجائيندو رهي ٿو .... اسان سنڌ واسين کي کوڙ ساتريون ڳالهيون سوچڻيون ۽ سمجهڻيون آهن ته آيا هي صاحب سموري سنڌ جي ترجماني ڪري ٿو يا اڳين ( پراڻن) سنڌي سياستدانن جيئان وري سنڌين کي ڪنهن نئين آڙاهه ۾ اڇلائي ٿو ...

    ڪجه سوال؛
    1. ڇا اسان سنڌين کي ايم ڪيو ايم سان جنگ جي تياري ڪرڻ گهرجي؟ ۽ جي جنگ ڪبي ته انجا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ائين ته ناهي ته مهاجرن سان ويڙهه انهن کي وڌيڪ فائدو ڏئي وڃي، ڇاڪاڻ مهاجر هن وقت 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ سنڌ ۾ آباد آهن ۽ سياسي ۽ سماجي طور تي (دنيا جي منڃيل اصولن سان) سنڌ جو حصو ٿي ويا آهن. کين شناختي ڪارڊ، ووٽ ڏيڻ جو حق ۽ سنڌ ۾ سندن هر طرح جي ڪم ڪار جا حق تسليم ٿيل آهن. ٻيو ته ٺهيو تنظيمي طور تي هٿياربند ۽ اڳ کان اڳرا ٿي چڪا آهن.

    2. ڇا اسانکي سنڌ ۾رهندڙ سڀني قوميتن کي سنڌي تسليم ڪري سنڌ ۾ انهن کي سياسي حق ڏئي کين پنهنجو ڪرڻ گهرجي سواءِ مهاجرن جي.

    3. ڇا آصف زرداري ۽ انجا ساٿي (جاگيردار، وڏيرا، پاٿاريدار ۽ ٻيا جوڳي) سنڌ جي ڀلي جو سوچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مرزا صاحب پڻ ان مٿئين طبقي ( جاگيردار) طبقي جو فرد آهي ۽ آصف زرداريءَ جو سورهيه آهي.

    4. 4 ساله حڪومت ڪرڻ کانپوءِ مفاهمتي پاليسيءَ جو راڳ ڳائيندڙ مرزا صاحب اچانڪ قومپرست ٿي سنڌين جي اندر ۾ اڀرندڙ جذبن کي پنهنجي طرف موڙڻ لئه قومپرستن جي مخالفت ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ وري پ پ پ جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ ڪو مهرو ٿي استعمال ته نه ٿي رهيو آهي؟

    5. ڇا مرزا صاحب جو ماضي سنڌ ۽ سنڌيت جي اڳواڻيءَ ۾ گذريو آهي، ڇا مرزا صاحب پنهنجي تڪ يا سنڌ ۾ اهڙا ڪي ڪارناما سرانجام ڏيندو رهيو آهي، جنهن سان سنڌ جي عام ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو ڀلو ٿيو هجي؟

    اهڙا ۽ انجهڙا ڪيترائي سوال آهن، جيڪي سنڌين کي سوچڻ گهرجن ۽ گڏيل طور فيصلو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن سنڌي گڏيل طور اهو فيصلو ڪنٿا ته مهاجرن سان جنگ ڪرڻي آهي ته آمنه صدقنه، اسان سڀني کي هڪ ٿي ان ڪم سان لڳڻ گهرجي پر جيڪڏهن فيصلو انجي ابتڙ ٿو ٿئي ته اسانکي سنڌ ۽ سنڌ جي مستقبل جي باري ۾ اڳتي وڌي اڃان ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا جن ۾ سنڌ جي خودمختياري يا آزادي پڻ اچي وڃي ٿي ۽ سنڌ ۾ پنهنجن پورن حقن سان رهندڙ مهاجرن کي پڻ گڏائڻ جهڙا فيصلا پڻ ڪرڻا پون.

    ڇا سنڌي قوم مهاجرن سان ويڙهه وڙهي اڃان وڌيڪ نقصان ته نه کائيندي؟ ڇاڪاڻ ته ٻيون قومون به اسانجون ڪي سڄڻ ناهن ؟ پٺاڻن، بلوچن يا پنجابين کي اهو چئي ته ڏسو ته اوهين سنڌ خالي ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ وڃو؟ پوءِ ڏسو ته هو پنهنجن ملڪن جي هوندي سوندي به وڃن ٿا يا اسان سان وڙهن ٿا..؟ جڏهن ته مهاجر کي هن وقت ڪو به ملڪ ناهي جو هو اوڏانهن ويندا ۔۔۔۔ هو مرندا، وڙهندا ۽ ماريندا پر رهندا سنڌ ۾ ...

    ڇا سنڌ جا جاگيردار، وڏيرا ۽ سامراجي ايجنٽ جيڪي صدين کان سنڌي تي اڪيلي سر راڄ ڪندا رهيا اهن، اڄ جڏهن مهاجر ، ايم ڪيو ايم جي روپ ۾ گڏ ٿي سنڌ ۾ هڪ اهم سياسي قوت ٿي اڀريا آهن ۽ سنڌي جاگيردارن جي وات مان سڻڀا گرهه ڪڍي پنهنجي وات ۾ وجهي رهيا آهن ته جاگيردار ان سڻڀي گرهه جي بچاوَ ۾ سنڌي قومي جذبي جو استعمال ڪري رهيا آهن ..؟

    سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ جا ضامن نه ته ڌاريا ٿي سگهنٿا ۽ نه وري جاگيردار وڏيرا ۽ سامراجي ايجنٽ، اهي ته سڀ ساٿي آهن، ڌاريو به سنڌ جي مال ته مست آهي ته جاگيردار ۽ سنڌ جو مٿيون طبقو به صدين کان انهنجو ساٿاري ٿي رهيو آهي ته ڇا هاڻ اها رسم ٽٽڻ واري آهي؟ مرزا صاحب جي روپ ۾ ...؟

    اي سنڌي قوم جا نوجوانو، پاڻ سنڀاليو، پنهنجا دماغ کوليو ۽ پنهنجي سياسي، علمي ۽ بصيرت کان ڪم وٺو ۽ اهڙي ڪنهن پنڊال جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ سنڌ جي سورن جو علاج موجود هجي .... ڪنهن وقتي نعري يا ڪنهن وقتي سچ تي پاڻ موهي ڪو غلط فيصلو ڪرڻ سان الٽو نقصان به رسي سگهي ٿو ... اچو ته سوچيون ۽ ايڪي اتحاد سان سنڌ جي جنگ جي ميدان کي ڪنهن صحي رخ طرف موڙ کارايون .... ائين نه ٿئي ته وري اهي ئي بيت ڳائيندا وتون ته؛
    مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ...

    سنڌ جي گذريل ۽ موجوده حالتن تي پاڻ کان سوال ڪريو ۽ مسقبل لاءِ جواب ڳولهيو ... انشاء الله فتح سنڌين جي ٿيندي بشرطيق اسين سنڌ ۽ سنڌيت جي طرف اڳتي وڌي صحي فيصلا ڪريون ... عام ماڻهون ۽ عام ماڻهن مان نڪتل اڳواڻ وڌيڪ سگهارا ۽ انقلابي هوندا آهن، جاگيردار ۽ مٿئين طبقي جا اڳواڻ مفادپرست هجن ٿا ۽ پنهنجي مطلب پوري ٿيڻ کانپوءِ قومن کي نقصان رسائيندا آهن .... انڪري هر قدم ڦوڪي ڦوڪي کڻو ....

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    [/JUSTIFY]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

    ادا معاف ڪجو!
    مرزا صاحب جي باري ۾ جيتري قدر اسان جي معلومات آهي ته پاڻ پنهنجي ڳالهه تي هميشه قائم رهيو آهي اها ٻي ڳالهه آهي جو سندس پٺڀرائي نه پئي ٿئي۔۔۔ مان موجوده پيپلز پارٽيءَ مان ڪجهه اهڙن ماڻهن کان واقف آهيان جيڪي قومپرست ذهنيت رکندڙ آهن پر اصول پسنديءَ سان هلن ٿا۔۔ سيد ظفر علي شاهه به انهن مان هڪ آهي، سندن باري ۾ مون کي خبر پئي ته سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي تي هو اوڇنگارون ڏئي رنو هو، سيد ظفر علي شاهه ان کان بعد پي پي جي ٻئين دور ۾ نيشنل اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي پر پنهنجي اصول پسندانه سوچ جي ڪري هينئر زرداري جي عتاب جو شڪار آهي، اهڙي طرح ناهيد خان، صفدر عباسي کي ڏسو ۽ وري شاهه محمود قريشي ۽ ذوالفقار مرزا جو مثال سامهون آهي جيڪي اصولن جي ٽڪراءُ ٿيڻ تي پارٽيءَ جا عهدا توڙي وزارتون ڇڏي ڏين ٿا۔۔۔
    هينئر مرزا صاحب ! قرآن کڻي ان ڪري ڳالهايو جو سندس ڪجهه عرصو اڳ ڏنل بيانن کي اردو ميڊيا ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ۽ نتيجي ۾ آصف زرداري جي زور تي کيس اردو ڳالهائيندڙ قوم کان معافي وٺڻي پئي۔۔۔۔
    هينئر مرزا صاحب توڙي جو توهان جي ڳالهه وانگر پاڻ جاگيردار آهي ۽ سندس وٽ شگرملون توڙي عهدا آهن پر ادا ڏسڻ اهو به گهرجي ته ايترن عهدن جي وچ ۾ اسان جا وڏا سياستدان ڪڏهن به اهڙو عمل نه ڪندا آهن جهڙو هن سدوري ڪيو آهي۔۔۔۔ اردو ميڊيا مطابق کيس پهرين ٻاهرئين ملڪن ۾ سفير ٿي وڃڻ جي آڇ به ڪئي وئي پر هن نابري واري ۽ وري صوبائي اسيمبلي جي سيٽ، وزارت، پارٽي جي سينيئر وزارت تان استعيفيٰ ڏئي پوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ڇو ته اهي هڪ غلاميءَ جي زنجير وانگر هيون جنهن جي ڪري مرزا پارٽيءَ جي مفاهمت ۽ منافقت واري پاليسيءَ جي ڪري پهرين ڪجهه به نه پئي ڳالهائي سگهيو پر هاڻي هن جڏهن اهي زنجيرون ٽوڙيون ته ڪيترائي ڪڙا سچ ڳالهايا۔۔۔ انهن ڳالهين جي ئي سبب اردو ميڊيا به پهريون چڪر کلي ڪري ايم ڪيو ايم جي مخالفت ڪئي۔۔۔
    سندس ڳالهه وانگر ته ايم ڪيو ايم جسم ۾ موجود ڪينسر وانگر آهي جيستائين ڪينسر لڳل ان عضوي جو علاج نه ڪبو تيستائين پوري جسم کي خطرو هوندو۔۔ ايم ڪيو ايم کي ٻنجو ڏيڻ لازمي آهي۔۔
    ٻيو ته ڪراچي ۾ بلوچن جي وسندين ۾ آپريشن ٿيڻ مهل اسان جي ڪنهن قومپرست ڌر جو به ايترو سخت موقف سامهون نه آيو جيترو هن مردِ ميدان موقف ظاهر ڪيو۔۔
    فيسبوڪ تي هڪ دوست صحيح چيو هو ته ”اسان سنڌي ڪيڏا نه بيحس ٿي ويا آهيون جو مرزا پاڻ قرباني ڏني آهي پر اسان جو پيٽ اڃان نه ٿو ڀرجي ۽ اسان اڃان چئون ٿا ته سندس گهر واري استعيفيٰ ڇو نه ڏني“؟؟​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

    [​IMG]
    هي ساڳيو مضمون هلال پاڪستان ۾ ڇاپيو ويو آهي ۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

    "]هڪ ڪهاوت آهي ته ” نينگر به ننڍي جمع به گهڻا “ ڏسجي ته پ پ پ پنهنجي ساک جيڪا هُن سنڌ ۾ ٻن نظامن لڳائڻ سبب وڃائي آهي اها مرزا صاحب واري قرآني بيان سان وري حاصل ڪري سگهي ٿي يا نه ۔۔۔؟

    وقت ٻڌائيندو ته مرزا صاحب ٻڏندڙ پاڪستان جي ٻيڙيءَ کي اڃان ڪيترو سهارو ڏئي ٿو ۔۔۔ ڇاڪاڻ بقول مرزا صاحب جي ته هو پاڪستان بچائو تحريڪ پيو هلائي، نعرو سنڌ جو ڪم پاڪستان جو ۔۔۔ ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ ان ساڳي اڏوهي کاڌل جاگيردارانه سماج کي بچائڻ جو ۔۔۔ جنهن ۾ عوام کي نه ته ڪجهه مليو آهي ۽ الله جي فضل سان نه وري ڪجهه ملڻ جي ڪا اميد آهي ۔۔۔۔

    سنڌ جي سڀني سڄڻن کان اهو سوال ڪندس ته اسانجي محبوب پارٽي پ پ پ گذريل چئن سالن جي راڄ ڪرڻ واري عرصي دوران پاڪستان ۽ بلخصوص سنڌ لاءِ ڪهڙا ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن ۔۔۔؟؟؟؟؟ جيڪڏهن ڪو دوست پ پ پ جي هڪ به ڀلائي ٻڌائي ته آءُ سندس هٿ چمندس ۔۔۔

    تازو ڄاول ٻه رنگي قومپرست ( اڌ سنڌي ۽ اڌ پاڪستاني قومپرست) محترم مرزا صاحب پنهنجي تڪ ۾ يا سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن ۔۔۔؟ عوامي مسلئن جا حل ڪڍيا آهن يا وري بدين ۾ عوامي ڀلائيءَ ۽ بدين جي ترقيءَ جا معرڪا سرانجام ڏنا آهن ۔۔۔۔ ڪنهن انسان جي عوامي سچائي ۽ ڪردار جو ڪاٿو ان جي پاڙي جي غريب عوام جي حالتن کان لڳائبو آهي ۔۔۔ سو ته پاڻکي ٻُڌي ٻڌائي ڪون مليو آهي، ها جيڪڏهن ڪجهه جيالن يا جيالن جي آس پاس جي ماڻهن کي ڪي فائدا پهتا هجن ته آمنه صدقنه ... باقي ته سنڌ جي ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا، انٽرنيٽ تي سماجي عملي ڄار يا سنڌ جا ماڻهون شاهد آهن ته محترم مرزا صاحب ٻوڏ متاثرين ۽ ٻڏل ۽ غريب سنڌين سان ڪهڙي زبان ڳالهائيندو رهيو آهي ...؟

    مرزا صاحب کي لک شاباسون جو هن قرآن مٿي تي کڻي دنيا کي اهو سچ ٻڌايو جيڪو سڀني کي خبر هئي، ڇا سنڌي ميڊيا ۽ ٻيا کوڙ ساترا ادارا ۽ سياسي ڌڙا گذريل ويهارو سالن کان ساڳيون ڳالهيون ڪندا نه رهيا آهن ... ڇا پاڪستان ۾ پنجابي ۽ پٺاڻ به اهو روئڻ روئيندا نه رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي .... بس مرزا صاحب ته قرآن مٿي تي رکي ان ڳالهي کي ورجايو آهي ... ڪا نئين ڳالهه يا ڪو نئون انڪشاف ته ناهي ڪيو.... ها نئون انڪشاف اهو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ٽوڙڻ ٿي گهري ... آمريڪا جي مدد سان .... شاباش! واه جو انڪشاف آهي، ايم ڪيو ايم جيڪا آهي ائي اسٽبلشمنٽ جي ڪلهن تي پليل ۽ ويٺل سا پاڪستان ٽوڙڻ جو ڪم ڪندي ...؟؟؟؟ پاڪستان جي فوج آمريڪا جي پاليل فوج آهي، اها آمريڪا ۽ ايم ڪيو ايم ملي پاڪستان کي ٽوڙي سنڌ آزاد ڪرائيندا ۽ سنڌ ۾ سنڌين سان ڀاڪر پائي رهندا ...؟؟؟؟؟ ها ائين چئي سگهجي ٿو هاڻ ايم ڪيو ايم، بجاءِ پاڪستاني فوج ۽ پاڪستاني سياستدانن کان ڊڪٽيشن وٺڻ بجاءِ سڌو سنئون آمريڪا ۽ برطانيا کان ڊڪٽيشن وٺي رهي آهي ۽ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ پنهنجو حصو ڇڪي رهي آهي ... انڪري اسانجا جوڌا هڪ دفعو ٻيهر عوامي ۽ قومي جذبي جو فائدو وٺندي ايم ڪيو ايم کي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري رهيا آهن. الله ڪري ته اهو ڪم ڪري سگهن، ” کس ڪم جهان پاڪ“

    سنڌ جي انقلاب جون ڳالهيون يا وري مرزا صاحب کي انقلاب سنڌ جو سرواڻ چئي پاڻکي آسرا ڏيڻ سان سنڌ جي خودمختياري يا آزادي يا خوشحاليءَ طرف ڪو قدم کڄي سگهندو يا ڪجهه حاصل ٿيندو ؟؟؟ ڳالهه نه ڳالهه جي ڪا پڇڙي ...؟؟؟؟ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ وقتائتن اڀرندڙ جذباتي نعرن کي يا ته وقت جو وهڪرو وهائي واءُ ڪري ويندو آهي يا وري قومي ٻڌي، ايڪي ۽ منظم پٽڀرائيءَ سان ڦل به حاصل ٿيندو آهي ... اها ته ٿي مستقبل جي ڳالهه ته مرزا صاحب پاڻکي سنڌ جي سورهيه جي روپ ۾، عقل ۽ فڪر کان ڪم وٺندي سنڌ جي مالڪي ڪري سگهي ٿو يا نه ...؟؟؟

    مطلب ڳالهه جو اهو ته پ پ پ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ڪارڊ جي ذريعي سنڌ ۾ پاڻکي زنده ڪرڻ جو ۽ وري ووٽ وٺڻ جو هڪ نئون روپ ۽ رنگ اختيار ڪيو آهي، .... ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه .... غريب عوام کي نه اڳ مليو آهي ۽ نه وري مستقبل قريب ۾ ڪجهه ملندو،

    ڪجهه ماڻهون پادر اونڌو ڪري رک ته انکي به انقلاب جو نالو ڏئي خوش ٿيندا آهن، سو ساڳيو ڪم اسانجا ڪجهه سنڌي به ڪن پيا .... ها، اسين هڪ عام عوامي ماڻهون جي حيثيت ۾ دعائون ضرور گهرنداسون ته؛

    ” اي رب العالمين! ڪو انقلاب آڻ، هن فرسوده پاڪستان ۽ انجي هن اڏوهي کاڌل نظام مان عوام جي ۽ بلخصوص سنڌ جي جان آزاد ڪراءِ سنڌ ۾ عدل ۽ انصاف جي ڪا حڪمراني عطا ڪراءِ، سنڌي عوام ۾ سچا ۽ عوامي هڏ ڏوکي اڳواڻ پئدا ڪر، جيڪي سنڌ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪن ... آمين
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

    مٿي تي قرآن کڻي ڪيل ڳالهين تي اسان کي يقين آهي۔ جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو ۽ خود مرزا صاحب به ڪنهن سمت ۾ ويندي نظر ڪونه پيو اچي۔ پر ڇا ذوالفقار مرزا جون ڪيل ڳالهيون سچ ناهن؟ ڇا سندس ڪيل ڳالهيون اسان جي اندر جو آواز ناهن؟ ڇا هن ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دبيل ماڻهن کي آواز ناهي ڏنو ؟؟

    سندس اها جرئت به بيٺل پاڻي ۾ هڪ طوفان برپا ڪرڻ جي برابر آهي۔ پر سندس اڳيان قدم ڪهڙا هوندا؟ هو ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ؟ هن جو ڪيئن ساٿ ڏجي؟ ڪهڙا پليٽ فارم استعمال ڪجن؟ انهن سوالن جا جواب اڃان ناهن مليا۔

    ڪجهه سوال
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مرزا صاحب ۽ اڄ جي سنڌ جا جذبا

    تازن پريس ڪانفرنسن مان اهو پيو لڳي ته مرزا زرداري واري پي پي مان بيزار ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ٽيون ڏينهن ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ سندس اهو چوڻ آهي ته مان زرداري کي دوستيءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪيان پيو​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو