ھڪ ڳالھ آھي ڀُٽو جي مزار تي ڪم سٺو ٿيل آھي. اسان جو ھڪ ڏينھن پروگرام ھو موئن جو دڙو گھمڻ جو اُتان موٽياسين ته دوستن ضد ڪيو ته ڀٽو جي مزار تي ھلو....مان ڪڏھن به پھريان ڀُٽو جي مزار تي نه ويو ھيس توڙي جو ڀٽي جي مزار اسان جي ڳوٺ جي ويجھو آھي. ڀٽي جي مزار تي جڏھن پھتاسين ته دروازا بند ٿي ويا چوڌاري دروازن تي چوڪيدار سُتا پيا ھئا....ڪُتا پيا ڀونڪن....مون کان کل نڪري وئي چيم دوستن کي اڙي ڀٽي جي مزار تي ڪُتا.؟ دوستن چيو يار پوئتي موٽون ٿا.....مان چيم اڙي ھيڏو گاڏي جو تيل ساڙي آيا آھيون پوئتي ڇو موٽون؟ رات دير به ٿي وئي ھُئي تقريبن ٽائيم ھڪ کان مٿي ٿي ويو ھو. نيٺ مان دل ٻڌي ھڪ چوڪيدار جي کٽ تي ويھي رھيس ۽ آھستي آھستي چوڪيدار کي سڏ ڪيا پر چوڪيدار به ڀنگ پي سُتو ھو شايد جو ٻڌي ئي ڪون پيو آخر تيز آواز تي اُٿيو. چيو مانس چاچا دروازو کوليو ته اسان ڀٽي جي قبر ڏسون. ھمراھ اکيون مھٽندي واچ ڏي ڏٺو ته يڪدم چيائين ھي ڪو ٽائيم آھي.؟ مان چيومانس چاچا ھي ٽائيم آھي.....اسان کي اچڻ ۾ ڪجھ دير ٿي وئي آھي اسان پري کان آيل آھيون. چيائين ڪٿان.؟ مان چيو مانس ڪراچي کان بابا ھتي ھمراھ کي ڪجھ شرم آيو ۽ اُٿي دروازو کوليان اندر ونڃڻ تي ھمراھن دعا گھري. دعا گھرڻ کان بعد اسان لاڙڪاڻي طرف روانا ٿي وياسين.
جواب: ھڪ ڳالھ آھي پُٽو جي مزار تي ڪم سٺو ٿيل آھي. ادا ٻي ڳالهه ڇڏ شڪر ڪر جو انهن چوڪيدارن تنهنجو عرض مڃيو ۽ توکي در کولي ڏنن نه ته سفر بيڪار وڃئي ها ۽ عوامي ليڊرن جي مزار تي فاتحه پڙهڻ کان محروم ٿي وڃين ها۔۔۔۔ بهرحال زبردست ڪم آهي مزار تي ۔۔۔ حڪومت جو سندن پارٽي جي آهي۔۔
جواب: ھڪ ڳالھ آھي ڀُٽو جي مزار تي ڪم سٺو ٿيل آھي. ڀٽو جي مزار تي ڪم سٺو ٿيل آهي، اها به سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ڪُتا اوهان کي سنڌ ۾ هر هنڌ ملندا، تنهنڪري ڪتن جو اتي هجڻ ڪا هيرت جي ڳالهه ناهي۔ ٻيو ته ءٽي جي مزار ڪنهن پير يا بزرگ جي مزار نه پر هڪ سياسي شخصيت جي مزار آهي۔ هونئن به سنڌ ۾ مزارن تي وڃي حالتون ڪجهه بهتر ناهن لڳنديون۔ پاڻي جي کوٽ کان وٺي آرام ڪرڻ جي جڳهه ۽ کائڻ پيڻ جو ڪو سليقي وارو هنڌ گهٽ موجود هوندو آهي۔ اوهان کي به شاباس آهي جو اهڙي حالتن ۾ رات جو هڪ بجي پيا گهمندا وتو۔ جيتوڻيڪ مان اڃان تائين ڀٽو جي مزار تي ته ڪونه ويو آهيان پر اها خواهش اٿم ته ڀٽو فيملي جي شهيدن جي مزار تي هڪ دفعو حاضري ڀريان۔ جيتوڻيڪ مان سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريندو رهيو آهيان جتي به ڪا وسنئون گهٽ نظر ايندي آهي۔ سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽو جي مزارن تي نه صرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر اتي ايندڙن لاء ڪي خاص انتظام به هجڻ گهرجن جيئن پري کان ايندڙن کي ڪا پريشاني نه ٿئي۔