عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

ھڪ ڳالھ آھي ڀُٽو جي مزار تي ڪم سٺو ٿيل آھي.
اسان جو ھڪ ڏينھن پروگرام ھو موئن جو دڙو گھمڻ جو اُتان موٽياسين ته دوستن ضد ڪيو ته ڀٽو جي مزار تي ھلو....مان ڪڏھن به پھريان ڀُٽو جي مزار تي نه ويو ھيس توڙي جو ڀٽي جي مزار اسان جي ڳوٺ جي ويجھو آھي.
ڀٽي جي مزار تي جڏھن پھتاسين ته دروازا بند ٿي ويا چوڌاري دروازن تي چوڪيدار سُتا پيا ھئا....ڪُتا پيا ڀونڪن....مون کان کل نڪري وئي چيم دوستن کي اڙي ڀٽي جي مزار تي ڪُتا.؟
دوستن چيو يار پوئتي موٽون ٿا.....مان چيم اڙي ھيڏو گاڏي جو تيل ساڙي آيا آھيون پوئتي ڇو موٽون؟
رات دير به ٿي وئي ھُئي تقريبن ٽائيم ھڪ کان مٿي ٿي ويو ھو.
نيٺ مان دل ٻڌي ھڪ چوڪيدار جي کٽ تي ويھي رھيس ۽ آھستي آھستي چوڪيدار کي سڏ ڪيا پر چوڪيدار به ڀنگ پي سُتو ھو شايد جو ٻڌي ئي ڪون پيو آخر تيز آواز تي اُٿيو.
چيو مانس چاچا دروازو کوليو ته اسان ڀٽي جي قبر ڏسون.
ھمراھ اکيون مھٽندي واچ ڏي ڏٺو ته يڪدم چيائين ھي ڪو ٽائيم آھي.؟
مان چيومانس چاچا ھي ٽائيم آھي.....اسان کي اچڻ ۾ ڪجھ دير ٿي وئي آھي اسان پري کان آيل آھيون.
چيائين ڪٿان.؟
مان چيو مانس ڪراچي کان بابا
ھتي ھمراھ کي ڪجھ شرم آيو ۽ اُٿي دروازو کوليان اندر ونڃڻ تي ھمراھن دعا گھري.
دعا گھرڻ کان بعد اسان لاڙڪاڻي طرف روانا ٿي وياسين.