• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي آ اي ۾ نوڪريون ۔۔۔۔

نثارابڙو

نائب منتظم

پي آءِ اي جي ميڪينڪس ڊپارٽمنٽ ۾ ٽريني انجنيئرنگ جون جايون اعلان ڪيون ويون آهن.
جن ۾ (Apprentice Engineer (Mechanic) جي ٽريننگ ٽن سالن لئه ڏني ويندي ... ترتيبوار ؛
پهرين سال 6000 روپيا
ٻي سال 7000 روپيا
ٽين سال 8000 روپيا
۽ ڪامياب اميدوارن کي پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻي پوندي ... اهڙا نوجوان جن Fsc ( Pre-Engineering) ڏني آهي ۽ عمر 25 سالن جي اندر آهي، اهي ان ڪم لاءِ درخواستون ڏئي سگهن ٿا ...
سيٽون هن طرح سان آهن؛
سنڌ عربن؛ 15
سنڌ رورل؛ 23

دوستو! جن دوستن انٽر پري انجنيئرنگ ۾ ڏني آهي اهي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته وظيفي سان تعليم به حاصل ڪندا ۽ انکانپو نوڪريون به ڪري سگهندا ۔۔۔

رب العالمين اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: پي آ اي ۾ نوڪريون ۔۔۔۔

سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن طرفان هن قسم جو اطلاع نامون مون وٽ به موبائيل ميسيج ذريعي مليو ۔۔۔ جنهن کي مختلف سنڌي نوجوانن ڏانهن وڌائي به ڇڏيو۔۔۔ اميد ته کين لاڀ ملندو۔۔۔ پر هن خبر جي تصديق يا درخواست ڏيڻ جو طريقي ڪار به جي ملي پوي ته هوندر ڀلو۔۔۔
 
جواب: پي آ اي ۾ نوڪريون ۔۔۔۔

ادا تمام بهترين معلومات آهي۔۔۔۔۔ دوستن کي اپلائي ڪرڻ گهرجي۔۔ مان به وس آهر دوستن کي انفارم ڪندس
 
Back
Top