افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
دوستي ۽ حڪمراني ۾ اهو ئي فرق آهي
رزاق کٽي
سالن جي دوستي جي سفر ۾ ماڻهو ڪيترو پنڌ ڪندو آهي؟ انهي پنڌ جون جيڪڏهن وکون ڳڻجن ته معاملو ڳڻپ کان چڙهي ويندو. انهي طويل سفر ۾ دوستيون مائيٽين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن، روحن جا رشتا رت جي رشتن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، زندگي جي ڪتاب ۾ ڀروسي وارا باب شامل ٿي ويندا آهن.
دوستيون حسابن کان ماورا ٿينديون آهن، حجاب جڏهن هجتن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن تڏهن دوستين کي فخر حاصل ٿيندو آهي، اصول ۽ دوستيون تڏهن گڏ هلي سگهن ٿيون، جڏهن احترام جو احساس وچ ۾ موجود هوندو آهي، پر انهيءَ ۾ ڏار تڏهن پوندا آهن جڏهن دوستين ۾ ترجيحون تبديل ٿي وينديون آهن.
42 سالن جي ڊگهي دوستي کي بچائڻ لاءِ جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪپڙا ڇنڊي ۽ ٽوال ڪلھي تي رکي واپس موٽي آيو آهي ته هن بي خوف شخص جو ٻه ڀيرا صحافين آڏو روئڻ انهي ڳالھه جي شاهدي ڏئي ٿو ته هو سياست، وزارت، عهدا ۽ اختيار ته ضرور ڇڏي آيو آهي، پر هن جي کيسي کي اقتدار جي ڪچن ڌاڳن سان سبيل بخين جي ٽٽڻ جي خبر ئي نه هئي، جنهن جي ڪري هن جي کيسي مان اهو رشتو به ڪري پيو آهي جنهن کي هو 42 سالن کان پنهنجي حياتي جيان سنڀاليندي ٿي آيو.
مون جڏهن هن کان پڇيو ته اوهان چئو ٿا ته، ” مون کي سياست ۽ دوستي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي ۽ مون دوستي جي چونڊ ڪئي ۽ سياست ڇڏي ڏني آهي ۽ هاڻي اوهان جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، جنهن کي سڄي سنڌ ۾ زبردست پذيرائي به ملي آهي، ڇا سڀاڻي سنڌ ۽ دوستي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي ٿي پوي ته اوهان ڪنهن جي چونڊ ڪندؤ؟“ ته هن وٽ انهي جو ڪوبه واضح جواب نه هو، شايد هو، دوستي ۽ سنڌ، ٻنهي مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، هن کي افسوس رڳو انهي ڳالهه جو آهي ته هن مٿان هڪ اهڙي شخص (رحمان ملڪ) کي ترجيح ڏني وئي آهي جنهن جو پيپلزپارٽي جي عوامي جدوجھد سان ڪوبه تعلق ناهي، جيتوڻيڪ هاڻي هو رازن سان ڀريل هڪ اهڙو بم آهي جيڪو جنهن مهل ڦاٽي ٿو انهي مهل ڪيترن جا ئي سر کڻي ٿو، ”مون اڃا تائين رڳو 10 سيڪڙو راز فاش ڪيا آهن، 90 سيڪڙو راز اڃا منهنجي سيني ۾ دفن آهن، جيڪڏهن اڃان وڌيڪ ڇيڙيو ويو ته باقي رازن تان به پردو کڻندس“ هو ٻڌائي ٿو.
جيتوڻيڪ هو، هن وقت سنڌ ۾ هڪ ”هاٽ اشو“ بڻيل آهي، ايم ڪيو ايم لاءِ اختيار ڪيل موقف سڄي ملڪ ۾ هن جي شهرت جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي ويو آهي، سنڌ ۾ عام ۽ خاص ماڻهو ائين سمجھن ٿا ته سنڌ ۾ جنهن ٻي سياسي قوت جو انتظار هو، اها شايد ذوالفقار مرزا جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، پر هو چوي ٿو ته هو جيڪو به ڪم ڪندو، اهو صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي فائدي لاءِ هوندو، هو ڪنهن به صورت ۾ اهو سوچي به نٿو سگهي ته هن جي عمل جي ڪري پيپلزپارٽي کي ڪو نقصان پهچي، جيتوڻيڪ هو اها ڳالهه ڪري ٿو ته ايم پي ايز کي روڪيو ويو آهي ته هو ساڻس نه ملن، پر هن وقت تائين جن پارٽي عهديدارن استيعفائون ڏنيون آهن، انهن کي پارٽي پاران اڃا تائين ڪجهه به نه چيو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر مرزا پاڻ، جن عهديدارن استيعفائون ڏنيون آهن، انهن کي روڪيو آهي ته هو اهڙو ڪم ڪري پارٽي کي ڪمزور نه ڪن.
هن سڄي صورتحال ۾ هڪ طرف هو جيڪو ڪجهه ڳالھائي ٿو اهو پارٽي کي نقصان ڏيڻ بدران خود ڊاڪٽر مرزا صاحب کي فائدو ڏئي ٿو، شايد هو انهي ئي ڪري اها ڳالهه ڪري ٿو ته هاڻي هو انهي موقف جو ثمر پاڻ کائڻ چاهي ٿو، ڇا به هجي پر صورتحال ايستائين منجھيل آهي جيستائين پيپلز پارٽي ڊاڪٽر ذوالفقار لاءِ ڪا واضح پوزيشن اختيار نٿي ڪري، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي انهي ڳالهه جو اندازو ضرور هوندو ته هن جي پارٽي جو عهدو ۽ وزارت ڇڏڻ سان پيپلز پارٽي اندر موجود ڪيترا ماڻهو خوش ٿيا آهن، رڳو اڪيلي ايم ڪيو ايم ۽ رحمان ملڪ لاءِ اها سال جي بهترين خبر نه هئي، پر پيپلزپارٽي جا اهي ايم اين اي ۽ ايم پي اي، جن لاءِ ڊاڪٽر صاحب اها دعوا ڪري ٿو ته اهي سڀ نجي محفلن ۾ ايم ڪيوا يم کي گاريون ڏين ٿا، انهن مان اڪثريت اندرو اندر خوش ضرور ٿي آهي، جن ماڻهن هن کي انهي منظر نامي ۾ ڏسڻ ئي نٿي چاهيو. هن انهن جي خواهش کي في الحال ته ضرور پورو ڪري ڇڏيو آهي، پر پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت الائي ڇو انتهائي اهم ماڻهن جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ بدران انهن کي پوئتي ڌڪي رهي آهي، صدر زرداري کي ضرور انهي ڳالهه جو احساس هوندو ته هو هڪ اهڙي ماڻهو کي وڃائڻ جي طرف وڃي رهيو آهي، جنهن لاءِ هن ملڪ جي بزرگ صحافي جناب عباس اطهر صاحب لکيو آهي ته، ”صدر زرداري ۽ ذوالفقار مرزا ۾ صرف اهي رشتا بچيا آهن، جيڪي ڏکن جي ڏينهن ۾ جُڙندا آهن ۽ ذات جو حصو بڻجي ويندا آهن“.
ذوالفقار مرزا ضدي ته اڳي ئي هو، پر هاڻي هو هڪ زخمي شينهن جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ڪنهن کان به جھلجي نٿو، سياست تي نظر رکندڙ گهڻا ماڻهو اهو سوال ڪن ٿا ته هن جو جيڪو موقف آهي، اهو آخر ڪيستائين برقرار رهندو، جيڪڏهن هي واقعي ٽوپي ڊرامو ناهي ته پوءِ صدر زرداري ڊاڪٽر مرزا جي سنڌ ۾ وڌندڙ مقبوليت کي هڪ پارٽي چيئرمين جي حيثيت ۾ هضم ڪري ويندو؟ جيڪا پارٽي ملڪي توڙي عالمي سطح تي اها دعوا ڪندي رهي آهي ته هن جا بنياد سنڌ ۾ آهن ۽ هو سنڌي ماڻهن جي نمائندا پارٽي آهي، ٻي ڳالهه ته جڏهن ڊاڪٽر مرزا صاحب زرداري صاحب کي پنهنجي پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ جيترو مرتبو ڏئي اها ڳالهه ڪري ٿو ته هو جيڪڏهن کيس اهو حڪم ڏئي ته، ”کوهه ۾ ڪري پئو ته آئون ائين ڪندي دير نه ڪندس“ ته پوءِ ٻي سياسي قوت جو انتظار ڪندڙ ماڻهو ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪن؟ تازو صدر زرداري پارٽي اڳواڻن کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ اطلاعن مطابق ايوان صدر به ڊاڪٽر مرزا جي سرگرمين بابت پريشان آهي. اوهان سوچيو ته سياست هن ملڪ ۾ ڪيتري خراب شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن حڪومت جي دور ۾ آپريشن ۾ ڏوهاري ماريا ويا، انهي پارٽي جي سربراهه انهن کي مارجي ويل ماڻهن جي قبرن تي فاتحه ڪئي ۽ نائين زيرو تي وڃي جئي الطاف حسين جا نعرا هنيا ۽ قتلن جا گناهه بخش ڪرايا. صرف انهي لاءِ ته وفاق ۾ مفاھمت جي نالي تي حڪومت هلندي رهي.
اڄ انهي ئي پارٽي جي چيئرمين جو انتهائي اهم رازدار جڏهن انهن ئي اتحادين لاءِ نوان پينڊورا باڪس کولي ٿو ته انهي ۾ نقصان ”مفاهمت“ جو ئي ٿئي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر مرزا چوي ٿو ته اسان ايم ڪيو ايم کي مفاهمت جي نالي ۾ حڪومت ۾ انهي ڪري شامل ڪيو هو ته هو ماڻهو مارڻ ڇڏي ڏيندا، پر هنن پنهنجو ڪم تبديل نه ڪيو ۽ هاڻي هو اهو به چوڻ لڳو آهي ته جيڪڏهن رحمان ملڪ، بابر اعواڻ کي حڪومت مان نيڪالي ۽ ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو ته عوام کين ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو. ڇا هو واقعي سنڌ ۾ حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندو؟ يا اهو فرينڊلي اپوزيشن جو گڏيل مڪسچر هوندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال مڪمل طور واضح ٿي ويندي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر مرزا جي مزاج جو فائدو وٺندي کيس صدر زرداري کان پري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ زرداري صاحب پاران انهي وڇوڙي کي دغا قرار ڏئي ۽ پنهنجي دوست کي هڪ شعر جو ڪفن پارائي روانو ڪرڻ بعد هو پاڻ به ايترو سکيو نه هوندو، جيترو سمجھيو وڃي ٿو.
اوهان جڳ مشهور غزل گائيڪ جوڙي جگجيت سنگهه ۽ چترا سنگهه جو اهو غزل ته ضرور ٻڌو هوندو، جنهن ۾ شاعر جي خوبصورت خيالن کي بهترين ڌُن جو ويس ڍڪائي هن جوڙي،
”جب سي هم تباهه هو گئي،
تم جهان پناهه هو گئي“. ڳايو هو، اڄ اهو غزل هنن ٻنهي مٿان ڪيترو صحيح ثابت ٿو ٿئي، انهي جو فيصلو اوهان پاڻ ڪريو، اهوئي سچ آهي ته حڪمراني ۽ دوستي گڏجي نه ٿيون هلي سگھن. زرداري صاحب دوستي لاءِ پنهنجو ۽ پنهنجي پُٽ بلاول جو آئيندو ڇو تباهه ڪري؟
razak.khatti@mail.com
عبرت جي ٿورن سان