جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

محمد عالم

سينيئر رڪن
ٻھراڙين ۾ اڪثر ماڻھو پير اگھاڙا ڪري ھلندا آھن، سندن پيرن ۾ اڪثر ٻٻر يا ديئي جو ڪنڊو ڀڄي پوي ٿو يا ڪافي گھرو اندر جسم ۾ داخل ٿي ويندو آھي ۽ ان کي ٻاھر ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو۔پير آھستي آھستي ڪڙھڻ شروع ڪري ٿو ۽ گند ٿي پوي ٿو۔انھي جو ڪافي ماڻھو ٽوٽڪا استعمال ڪندا آھن پر خاص فائيدو نه ٿيندو آھي۔
اڄ اوھان جي خدمت ۾ ھتي ھڪ تجربي مان گذريل دوا جو ذڪر ڪندو ھلان ته جئين ان مان ڪافي ماڻھو فائدو حاصل ڪري سگھن۔
دوا جو نالو؛ سليشيا آھي ۽ ھي دوا ھوميو پيٿڪ جي آھي۔ھن دوا کي 3 طاقت ۾ استعمال ڪرڻ گھرجي۔ ھن جي استعمال سان ڪنڊو جلد ٻاھر نڪري ايندو۔
 
جواب: جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

مهرباني

مان سمجهان ٿو ڳوٺ ۾ رهندڙ دوستن لاء هي شيئرنگ ڪار آمد آهي۔
 
جواب: جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

بهترين ونڊ آهي ، الله تعالى حفاظت فرمائي جيڪر اهڙي نوبت اچي ته ضرور هن ڏس مان فائدو وٺبو ۽ ضرورت مندن کي اهڙو ڏس ڏبو ، انشاءالله ،
 
جواب: جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

ادا شيرنگ ڀلي آهي پر اها دوا ڊراپس يعني قطرن جي صورت ۾ ملندي ته پوء ڪيترا ڦڙا ڪيترا وقت استعمال ڪري جيڪڏهن اهو به تفصيل ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي۔
 
جواب: جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

جي ھا ٻھراڙي ۾ اھا دوا گھر ۾ ھجڻ کپي ته جئين آئي مھل ڪم اچي سگھي۔

.....................................

ھي دوا بايوڪيمڪ جي شڪل ۾ مارڪيٽ ۾ موجود آھي، دوا جو استعمال ھن ريت آھي۔ 4 گوريون ٽي وقت زبان تي رکي چوسجن يا ٿورڙي گرم پاڻي ۾ وجھي استعمال ڪجي۔
 
جواب: جسم مان ڪنڊي ڪڍڻ جي دوا

واھ۔۔۔۔۔۔ننڍي ھوندي اڪثر بغير چپل جي ڪنڊا لڳندا ھئا۔
ھاڻي ته چپل کان بغير گھمڻ به ڪون ٿو پُڃي۔۔۔۔ڪارائتي ونڊ۔
 
Back
Top