سبق ياد نه ڪري اچڻ تان استاد جو شاگرد تي تشدد

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
ڪي اين شاهه جي واٽرسپلاءِ اسڪول ۾ سبق ڪچو هئڻ تان استاد انور قمبراڻي پهرين درجي ۾ پڙهندڙ معصوم ٻالڪ احسان چانڊيي تي رولن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب ٻار بي هوش ٿي ويو بعد ۾ نينگر جي وارثن ماستر خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي والد وارث چانڊيو چيو ته استاد صبح سان پڙهائڻ بجاءِ ٻارن کي گهر جي ڀاڄي ۽ گهرو ڪم لاءِ موڪلن ٿا، انڪار تي ڪوبهانو بڻائي تشدد ڪن ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن وس وارن استاد خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته عدالت ۾ وينداسين.
(روزاني عوامي آواز، خميس 8 سيپٽمبر)
 
جواب: سبق ياد نه ڪري اچڻ تان استاد جو شاگرد تي تشدد

جيڪڏهن اها ڀاڄي ڀتي واري ڳالهه سهي آهي ته پو۽ ادا اڄان اسان کي ٽائيم لڳندو تعليم حاصل ڪرڻ ۾

الله سمجهه ڏي ان استاد کي باقي معصوم ٻارن کي ائين ماربو ٿورئي آهي
 
جواب: سبق ياد نه ڪري اچڻ تان استاد جو شاگرد تي تشدد

ماستر هوندو استاد نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يا ته ڪو پوليس وارو ؟؟؟؟؟
 
Back
Top