نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا فيس بُڪ ، سنڌ سلامت ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي. ساٿيو اڄ جڏهن ساري سنڌ هيلوڪي سانوڻي جي ڪري صفا بي حال آهي ، جڳه جڳه ڳوٺ ڳوٺ ، وستي وستي ۽ واهڻ واهڻ ۾ سنڌي ماروئڙا مسڪين سانئگيئڙا، اجهي لٽي ۽ اٽي لاءِ تمام گهڻا پريشان آهن سندن جهوپا ڪري پٽ ٿي چُڪا آهن بُک بيروزگاري سبب ڍ آسوده حال سنڌين ۾ واهر ڪرڻ لاءِ آس وند آهن اتي مون مسڪين ٽي درجي واري شاعر جي هي شاعري ڪا خاص ٻوٽو ته ٻاري نٿي سگهي ڇو جو عملي طور مان به هنن ديس واسين جي ڪا خدمت ڪري نٿو سگهان پر پنهنجي وس آهر لفظن جا رانڌيڪا ٺاهي انهن کي صرف بهلايان پيو ڇو جو مونکي خبر آهي ته منهنجي لفظن جي هنن رانڌيڪن مان ڪنهن مسڪين نياڻيءَ جي هڪ ويلي جي ماني جي بُک به ختم ٿي نه ٿي سگهي...............؟؟؟
پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
نثاراحمدناز
سڄي سنڌ سانوڻي سببان جُهري آهي پرين پيارا !
پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
ڪکائان گهرَ ڪري پٽ ٿِي جُهريا جهوپا هتي سارا !
پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو ؟
پيا اُٿلي ته سِمَ نالا ۽ واهن کي لڳا گهارا !
پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
جيالن جا ٿيا جاوا ، الا! امداد کائِي ويا اندر ڪارا !
پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
ٺلهيون ڳاليون حڪومت جُون ٻُڌون سکڻا رُڳو نعرا !
پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
امن نالي ۾ زردارن ، خُوارِيءَ جا کنيا کارا !
پُڇو ڇا ٿا سنڌ جو؟
سَڄي سنڌ ”ناز“ ڏس رِيهُون ، رُڳو هِن روڄ ۽ راڙا !