انتهائي افسوس واري خبر آهي ته سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست عاشق سولنگيء جو نانو گذريل رات دل جي دوري سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔
انا لله و انا اليه راجعون
عاشق سولنگي رات دير سان حيدرآباد روانو ٿيو جتي سندس نانو اچانڪ وفات ڪري ويو هو جتان سندس ميت پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي لاء کڻائي ويا جتي سندس جنازي نماز ۽ تدفين ڪئي ويندي۔ اسان سڀ عاشق سولنگي ۽ سندس گهروارن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ سندس ناني کي جوار رحمت ۾ جاء عطا فرمائيندو۔
سڀني دوستن کي مرحوم جي مغفرت جي لا دعا جي گذارش ڪجي ٿي۔