ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

جنيد ميمڻ

سينيئر رڪن
ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔
هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

هو ڪلاچئ ۾ محشر سڀني ڏٺو،
۽ منهنجي جند تي جيڪي هاڃا ٿيا۔

ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،
اڄ هو بيروت ، بغداد ، ڍاڪا ٿيا۔

ڪيئي جوڌا جوان ها جاڳي اٿيا،
۽ ڪي ڌرتي جا ڄايا اڀاڳا ٿيا۔

ناهي نڪتو اڃان به درمان ڪو،
رڳو سياست جا آهن فسانا ٿيا۔

اچ امن کي تلاشيون ساحر ملي،
۽ دڳ پيچرا جي پراوا ٿيا۔۔۔
جنيد ميمڻ
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

تمام سٺا خيال آهن

ڪالھ جيڪو هيو روشنين جو شهر،
اڄ هو بيروت ، بغداد ، ڍاڪا ٿيا۔


اڄ بيروت، ڍاڪا ۽ بغداد جون حالتون ڪراچيء کان ڪيئي دفعا سٺيون آهن۔
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

بهترين شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وقت جي حساب سان بهترين
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

مهربانيون سائين سليمان ۽ ٻين دوستن جون
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

ادا تمام بهترين شاعري آهي۔۔۔۔
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

تمام گهڻيون مهربانيون ادا عاشق ۽ ٻين دوستن جون
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔


هو ڪلاچئ ۾ محشر سڀني ڏٺو،
۽ منهنجي جند تي جيڪي هاڃا ٿيا۔

جنيد بهترين تخليق آھي سهڻا۔۔۔ زبردست
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

شاعري تمام سٺي آهي ۽ ڪوشش ڪندا رهو سنڌ سلامت فورم تي پنهنجي جيڪا به شاعري هجي شامل ڪندا رهو۔
 
جواب: ڪيئي سڏڙا اٿيا ۽ پڙاڏا ٿيا۔ هئي سڀني ٻڌي چيخ واڪا ٿيا۔

ادا جنيد ميمڻ صاحب اسلام عليڪم۔توهان هڪ بامعني شاعري هن فورم تي ونڍ ڪئي آهي جنهن مان توهان جو پنهنجي ملڪ ۽ خصوصن ڪراچي شهر لاء محبت صاف صاف ظاهر ٿئي رهي آهي۔ان شاعري کي جاري رکجو۔

ناهي نڪتو اڃان به درمان ڪو،
رڳو سياست جا آهن فسانا ٿيا۔
 
Back
Top