ڪالهوڪي برسات ۾ بهراڻي پاڙي ٽنڊو محمد خان ۾ رستي تي بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ مڇيون ترڻ لڳيون ڪافي ماڻهن برساتي مڇيون جهلي گهر جو ڳُندڻ تيار ڪيو: رپورٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون نثاراحمدناز [JUSTIFY]ڪالهه بروز خميس بتاريخ 8 سيپٽمبر 2011 صُبح جي پيل زوردار برسات کانپوءِ بهراڻي پاڙي ٽنڊومحمد خان ۾ بيٺل گندي پاڻي ۾ وڏي تعداد ۾ مڇيون ترندي نظر آيون، جنهن مان ڪافي ماڻهن اهي مڇيون جهلي پنهنجي گهر جو ڳُندڻ تيار ڪيو، مزي جهڙي ڳالهه ته اهي مڇيون ڪُرڙا مڇي هُيون، ۽ هٿ کان وڏيون هيون. پيش آهن ڪُرڙا مڇين جو تصويرون جهليندڙن جي هٿ ۾۔ [/JUSTIFY] مائي خاتو خاصخيلي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل مڇي ڏيکاري رهي آهي مختلف انداز هڪڙي اهڙي مڇي منهنجو سڀ کان ننڍو پُٽ ڪاشف علي سمون به جهلي آيو
جواب: ٽنڊومحمدخان جي شهر ۾ برسات کانپوءِ مڇيون ترڻ لڳيون ادا واحد سومرا ٽنڊي وارن جا هيل ٽپڙ ٽيشڻ تي به ٿي پيا اٿئي هن برسات ۾ قدرت جي موڪليل تحفي مڇين سان ماڻهن اهڙو اچي ڪم ڪيو جو گندي پاڻي جي نيڪال سان گڏ اهي مڇيون به لالا مال خلاص ٿي ويون۔
جواب: ٽنڊومحمدخان جي شهر ۾ برسات کانپوءِ مڇيون ترڻ لڳيون سائين نثار ناز سلام ٽنڊي محمد خان کي بارشن گهڻو متاثر ڪيو آهي۔ جنهن جو اندازو اوهان جي رپورٽن ۽ اخبارن ۽ تي وي جي رپورٽن مان واضح آهي۔ هي هيڏا ڪُرڙا آسمان تان بارش ۾ ته ڪونه وسيا هوندا پر لڳي ٿو شاخن ۽ تلائن جي پاڻي ۾ لڙهندا اوهان جي روڊن ۽ گلين ۾ اچي ويا آهن۔ تباهي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته مڇيون روڊ ۽ گلين ۾ پيون ترن
جواب: ٽنڊومحمدخان جي شهر ۾ برسات کانپوءِ مڇيون ترڻ لڳيون مطلب ته تلائن ۽ واهن جو پاڻي اچي روڊن تي پيو آهي، ۔۔۔۔۔ يا وري ٽنڊو محمد خان جي ”نيڪال سسٽم“ ۾ ايتري زرخيزي آهي جو ڪرڙا مڇي به اتي گهمي پئي۔۔۔ واهه واهه۔۔۔۔ بهرحال هن ڀيري لاڙ ۾ مينهن ڏاڍي زورآوري ۽ تباهي ڪئي آهي