نثارناز
سينيئر رڪن
ڪالهوڪي برسات ۾ بهراڻي پاڙي ٽنڊو محمد خان ۾ رستي تي بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ مڇيون ترڻ لڳيون ڪافي ماڻهن برساتي مڇيون جهلي گهر جو ڳُندڻ تيار ڪيو:
رپورٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون نثاراحمدناز
ڪالهه بروز خميس بتاريخ 8 سيپٽمبر 2011 صُبح جي پيل زوردار برسات کانپوءِ بهراڻي پاڙي ٽنڊومحمد خان ۾ بيٺل گندي پاڻي ۾ وڏي تعداد ۾ مڇيون ترندي نظر آيون، جنهن مان ڪافي ماڻهن اهي مڇيون جهلي پنهنجي گهر جو ڳُندڻ تيار ڪيو، مزي جهڙي ڳالهه ته اهي مڇيون ڪُرڙا مڇي هُيون، ۽ هٿ کان وڏيون هيون. پيش آهن ڪُرڙا مڇين جو تصويرون جهليندڙن جي هٿ ۾۔



مائي خاتو خاصخيلي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل مڇي ڏيکاري رهي آهي مختلف انداز


هڪڙي اهڙي مڇي منهنجو سڀ کان ننڍو پُٽ ڪاشف علي سمون به جهلي آيو