[JUSTIFY]دوستو سلام محترم پريم پتافي جو غزل جيڪو عبرت جي ادبي صفحي تي ڇپيو آهي اوهان دوستن اڳيان ڊزائن جي صورت ۾ پيش آهي۔ ونندڙ شاعري آهي جنهن ۾ نيڻن جو ذڪر آهي۔[/JUSTIFY] رهي آهي شام نيڻن ۾ پريم پتافي کوڙ ملندئي سلام نيڻن ۾ پيار جا ڪي پيام نيڻن ۾ تنهنجون اکڙيون حسين مندر جان ڄڻ ته رهندو آ رام نيڻن ۾ صبح منهنجو، اوهان جي چهري تي ۽ رهي آهي شام نيڻن ۾ هاءِ ڪيڏا نه جام آڇن ٿا آهي ويٺو خيام نيڻن ۾ تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾ روز لڙڪن جا قافلا ڏسجن هيءَ ڇو هيڏا هشام نيڻن ۾
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾ تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾ واه واه ڇا ته شاعري آهي ڊزائين به خوبصورت سليمان جي پسند۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾ مهرباني ادا حوصلا افزائي لاء ٿورا ۔۔۔ جي ادا اڳتي به ڪوشش ڪبي ته اهڙي چونڊ شاعري دوستن سان ونڊ ڪجي
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾ مهرباني سائين عرس پريم پتافي جا سهڻا خيال آهن باقي ڊزائن مڙئي ٺاهي آهي۔