تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

محترم پريم پتافي جو غزل جيڪو عبرت جي ادبي صفحي تي ڇپيو آهي اوهان دوستن اڳيان ڊزائن جي صورت ۾ پيش آهي۔ ونندڙ شاعري آهي جنهن ۾ نيڻن جو ذڪر آهي۔

رهي آهي شام نيڻن ۾
پريم پتافي​

کوڙ ملندئي سلام نيڻن ۾
پيار جا ڪي پيام نيڻن ۾

تنهنجون اکڙيون حسين مندر جان
ڄڻ ته رهندو آ رام نيڻن ۾

صبح منهنجو، اوهان جي چهري تي
۽ رهي آهي شام نيڻن ۾

هاءِ ڪيڏا نه جام آڇن ٿا
آهي ويٺو خيام نيڻن ۾

تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي،
تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾

روز لڙڪن جا قافلا ڏسجن
هيءَ ڇو هيڏا هشام نيڻن ۾


334uid4.jpg
 
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾


تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي،
تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾

واه واه ڇا ته شاعري آهي ڊزائين به خوبصورت
سليمان جي پسند۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب
 
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾

ادا شاعري تمام سٺي لڳي مهربانيون

جاري رکجو

مهرباني ادا

حوصلا افزائي لاء ٿورا ۔۔۔ جي ادا اڳتي به ڪوشش ڪبي ته اهڙي چونڊ شاعري دوستن سان ونڊ ڪجي
 
جواب: تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي، تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾


تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي،
تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾

واه واه ڇا ته شاعري آهي ڊزائين به خوبصورت
سليمان جي پسند۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب

مهرباني سائين عرس

پريم پتافي جا سهڻا خيال آهن
باقي ڊزائن مڙئي ٺاهي آهي۔
 
Back
Top