اسلام عليڪم،
دوستو اميد آهي ته توهان سڀ خيريت سان هوندو.
ڇا توهان پنهنجي هارڊ ڊرائيو جا آئيڪان جيڪي سمپل ڪارا ڊٻا ٺهيل هوندا آهن اهي ڏسي بور ٿي پيا آهيو ؟
اڄ مان توهان سان هڪ ٽپ شيئر ڪندس اها ٽپ آهي پنهنجي هارڊ ڊرائيو تي توهان ڪنهن جي به تصوير لڳائي سگهو ٿا. ته پوءِ اچو ته مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته توهان پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي ڪيئن تصوير لڳائي سگهو ٿا.جڏهن توهان منهنجو سڄو ٻڌايل طريقو ڪري وٺندو ته ان کانپوءِ توهان جي ڊرائيو هيٺين تصوير وانگي نظر ايندي..
سڀ کان پهريان توهان کي جيڪا تصوير پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي لڳائڻي آهي ان کي توهان پينٽ ۾ اوپن ڪيوان کان پوءِ جنهن ڊرائيو ۾ توهان کي تصوير لڳائڻي آهي. اِن هيٺ ڏنل طريقي سان سيو ڪيو يعني نالي کان پوءِ (ico .)جو اظافو ڪرڻو آهي. ۽ بي ايم پي bmp جي ايڪسٽينشن ۾ سيو ڪرڻو آهي.ان عمل لاءِ توهان ٻيو ڪوئي به پروگرام استعمال ڪري سگهو ٿا، پر جيئن ته پينٽ هر ونڊو ۾ پهرين کان موجود هوندو آهي اِن لاءِ مان ان جو طريقو لکيو آهي.وڌيڪ هيٺ تصوير ۾ ڏسو.
تصوير کي .bmp ۾ سيو ڪرڻ کانپوءِ نوٽ پيڊ کوليو ان ۾ توهان کي هيٺ ڏنل تصوير مطابق عمل ڪرڻو آهي۔
(11) تصوير جو نالو آهي جنهن نالي سان توهان آئيڪون سيو ڪيو هيو اهو ئي نالو توهان کي هتي لکڻو آهي
هاڻي اِن نوٽ پيڊ کي سيو ڪرڻو آهي ۽ جڏهن ان کي توهان سيو ڪيو ته Autorun.inf جي نالي سان سيو ڪيو.۽ ان کي اتي سيو ڪيو جتي توهان پنهنجو آئيڪون سيو ڪيو آهي. ياد رهي ته جيڪو توهان آئيڪون سيو ڪيو هيو ان کي ڪنهن به ڊرائيو ۾ رکڻو آهي نه ڪي ڪنهن ڊرائيو جي فولڊر ۾.
هاڻي توهان My Computer کي اوپن ڪيو Right Clickڪري ڪمپوٽر کي Refreshڪيو جيڪڏهن آئيڪون تبديل نه ٿيو هجي ته پنهنجي ڊرائيو جو نالو چينج ڪرڻو آهي بيشڪ توهان نالو نه به چينج ڪيو بس صرف ان ڊرائيو تي ڪلڪ ڪري پوءِ F2 پريس ڪري ڪجهه به ردوبدل ڪري ڇڏيوس توهان ڏسندو ته توهان جي ڊرائيو تي توهان جو ڏنل آئيڪون ظاهر ٿي پوندو.
۽ جي ان کان پوءِ به آئيڪون تبديل نه ٿئي ته پنهنجي ڪمپيوٽر کي Restartڪيو انشاءالله هاڻي ته هر صورت ۾ اوهان جي ڊرائيو جو آئيڪون تبديل ٿيڻ کپي. جي اڃان به اوهان جي ڊرائيو جو آئيڪون تبديل نه ٿيو هجي ته پوءِ اوهان منهنجي ٻڌايل ٽپ کي وري پڙهو.۽ جي پوءِ به اوهان جو ڪم نه ٿئي ته پوءِ ......
.سو دوستو اميد آهي ته توهان کي منهنجي هيءَ شيئرنگ ضرور پسند ايندي.وري ملنداسين هڪ نئين ٽپ سان گڏ الله حافظ....