هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    سنڌ سلامت جا پيارا پيارا دوستو اسلام عليڪم،
    دوستو هونئن ته سڀني دوستن کي خبر هوندي ته هارڊڊسڪ جا پارٽيشن ڪيئن ٺهندا آهن چاهي اها هارڊڊسڪ نئي هجي يا پهرين کان ان ۾ پارٽيشن ٺهيل هجن پوءِ ٻيهر ان ۾ ڪيئن پارٽيشن ٺهندا آهن پر مان انهن دوستن جي لاءِ هي ٽيوٽوريل لکي رهيو آهيان جن کي پارٽيشن ٺاهڻ ۾ مشڪل پيش ايندي آهي ۽ اميد آهي ته هن ٽيوٽوريل پڙهڻ کان پوءِ ڪافي دوستن جي مشڪل آسان ٿي ويندي. سو اچو ته هلون ٿا ٽيوٽوريل جي طرف.
    دوستو هارڊ دسڪ کي فارميٽ ڪرڻ جي لاءِ هونئن ته ڪئي سافٽويئر استعمال ٿيندا آهن پر گهڻي قدر FDISK جيڪو Dos Baseسافٽويئر آهي گهڻي قدر استعمال ٿيندو آهي ڇو جو هڪ ته اِن ايپليڪيشن يعني FDISK جو سائز گهٽ هوندو آهي ۽ اهو فلاپي ڊسڪ ۾ به آساني سان ڪاپي ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه جڏهن توهان FDISK جو استعمال ڪندوته اهو توهان جي هارڊڊسڪ کي مخصوص فائل سسٽم جي لاءِ فارميٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.جنهن کي FAT چيو ويندو آهي.اڄ هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ ۽ اِن جا پارٽيشن اِن سافٽويئر جي ذريعي ڪيئن ٺاهي سگهجن ٿاان جي باري ۾ توهان کي ٻڌائيندس.ان کان پهريان ڪجهه بنيادي ڳالهيون توهان کي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ وقت توهان کي ذهن ۾ هجڻ کپن.
    ڪنهن به هارڊڊسڪ ۾ ڪوئي به آپريٽنگ سسٽم يعني ونڊو انسٽال ڪرڻ کان پهريان ان جا پارٽيشن ٺاهڻ ضروري هوندا آهن ۽ پوءِ جنهن پارٽيشن ۾ آپريٽنگ سسٽم انسٽال ڪيو ويندو آهي ان کي پرائمري يا Primery dos partition چوندا آهن.ان کان علاوه جي توهان وٽ وڏي هارڊ ڊسڪ يعنيGB60 يا GB80 تائين هارڊڊسڪ آهي ته ان جا گهڻا پارٽيشن به ٺاهي سگهجن ٿا. جن کي extended dos partition چيو ويندو آهي ۽ ڇو جو ڪنهن به ڪمپيوٽر کي هلائڻ جي لاءِ ان ۾ ونڊو جو هجڻ ضروري هوندو آهي يعني آپريٽنگ سسٽم جو هجڻ لازمي آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿوجڏهن توهان پنهنجي هارڊڊسڪ ۾ پرائمري پارٽيشن ٺاهي ان کي ايڪٽو ڪرڻ کانپوءِ فارميٽ ڪيو هوندو. جڏهن توهان fdiskجي ذريعي هارڊڊسڪ کي فارميٽ ڪندو ته fdisk هارڊڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ جي لاءِ fat16 يا fat32 سسٽم ۾ فارميٽ ڪرڻ جي لاءِ پڇندي fat16 ۾ وڌ ۾ وڌ 2GB تائين جي هارڊڊسڪ کي سپورٽ ڪري سگهجي ٿو يعني توهان وٽ جي 6GB جي هارڊڊسڪ آهي ته توهان ان جا ٽي پارٽيشن ٺاهي سگهو ٿا. جڏهن ته fat32 سان توهان گهٽ ۾ گهٽ 40 کان 60 GB تائين جي هارڊڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهي سگهو ٿا. ۽ اهي 2TB يعني (Tera Bite) سسٽم جي تحت پارٽيشن کي محفوظ ڪندي آهي ان سسٽم جي تحت محفوظ ڪيل فائلون گهٽ جڳهه وٺنديون آهن جنهن ڪري هارڊڊسڪ تي وڌيڪ جڳهه ملندي آهي جڏهن توهان fdisk ۽ format جي ڪمانڊ استعمال ڪندا آهيو ته ماسٽر بوٽ ريڪارڊ ۽ ايلوڪيشن ٽيبل ٺهي ويندا آهن انهن ۾ هارڊڊسڪ جي باري ۾ تمام معلومات محفوظ ٿي ويندي آهي.
    جڏهن توهان fdisk جي ڪمانڊ استعمال ڪندو ته ان جي لاءِ توهان کي پنهنجو ڪمپيوٽر بوٽ ايبل سي ڊي يا فلاپي سان هلائڻو پوندو سي ڊي سان بوٽ ڪرڻ تي Start computer with CD جو انتخاب ڪيو ۽ توهان جي سامهون هاڻي جيڪا ڊائريڪٽري ايندي ان ۾ A:fdisk لکي Enter ڪيو توهان جي سامهون fdisk جي ونڊو اچي ويندي. جي توهان وڏي اسپيس واري هارڊڊسڪ استعمال ڪري رهيا آهيو ته fdisk توهان کان سوال ڪندو ته توهان وڏي هارڊڊسڪ سپورٽ ڪرڻ چاهيو ٿا.جي توهان Fat32 استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته Yes يعني "Y" لکي Enter بٽڻ کي پريس ڪيو.ڏسو هيٺ ڏنل تصوير

    [​IMG]

    ۽ جيڪڏهن توهان FAT 16 استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ "N" لکي Enter پريس ڪيو.
    هاڻي توهان جي سامهون هي آپشن ايندا.
    1- Create DOS partition or logical DOS drive
    2- set active partition
    3- Delete partition or logical DOS Drive
    4- Display partition information
    5- Change current fixed disk drive
    Enter Choice [1]
    (5) نمبر آپشن توهان جي سامهون ان وقت ايندو جڏهن توهان جي سسٽم ۾ ٻه هارڊڊسڪ لڳل هونديون ۽ Enter Choice [ ] ۾ جيڪو آپشن سيليڪٽ ڪندو ته ان جو نمبر جڏهن ڪيبورڊ تان پريس ڪندو ته پوءِ اهو نمبر لکيل نظر ايندو. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير

    [​IMG]

    اڪثر هارڊڊسڪ جي حوالي سان ٻه ڪيسسز سامهون ايندا آهن.
    نمبر هڪ توهان جي هارڊڊسڪ ۾ پهرين سان ئي پارٽيشن ٺهيل هوندا آهن ۽ توهان نوان پارٽيشن ٺاهڻ چاهيو ٿا.
    نمبر ٻه توهان جي هارڊڊسڪ بلڪل نئي آهي ۽ توهان ان ۾ پارٽيشن ٺاهڻ چاهيو ٿا.
    جي توهان جي هارڊڊسڪ جا پارٽيشن پهريان ئي ٺهيل آهن ۽ توهان چاهيو ٿا ته پوري هارڊڊسڪ کي فارميٽ ڪري ٻيهر پارٽيشن ٺاهيا وڃن ته ان جي لاءِ توهان کي سڀ کان پهرين پنهنجي هارڊڊسڪ جي سائيز جي باري ۾ معلوم هئڻ ضروري آهي ته اها ڪيتري GB جي آهي ان جي لاءِ توهان fdisk جي آپشن ۾ جيڪو نمبر 4 تي آهي ڊسپلي پارٽيشن انفارميشن کي سيليڪٽ ڪريو اتي توهان جي هارڊڊسڪ جي انفارميشن ظاهر ٿيندي. ۽ هيٺ آپشن ۾ هو پڇندو ته Extended پارٽيشن کي به ڊسپلي ڪرڻو آهي هيٺ y/n جو آپشن هوندو توهان Y لکو. جنهن کان پوءِ هو توهان جي هارڊڊسڪ جي تمام پارٽيشن ڊسپلي ڪندو.
    ڏسو هيٺ ڏنل تصوير
    [​IMG]

    هاڻي توهان Esc بٽڻ پريس ڪري ٻيهر مينيو آپشن ۾ اچي ويندو.هاڻي توهان کي پنهنجي تمام پارٽيشن کي ريموو ڪرڻو آهي ۽ ٻيهر هارڊڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهڻا آهن. ان جي لاءِ fdisk جي نمبر 3 آپشن ڊيليٽ پارٽيشن لوجيڪل ڊاس ڊرائيو کي choice [3] لکي enter ڪيو جنهن کان پوءِ توهان جي هارڊڊسڪ جا تمام پارٽيشن ڏيکاريندو ۽ هيٺ warning window ڏيکاريندو جتي هو توهان کان پڇندو ته توهان کي پارٽيشن ختم ڪرڻا آهن ۽ اڳيان [ ]هن طرح جي آپشن جو بريڪيٽ نظر ايندوتوهان کي جيڪو پارٽيشن ختم ڪرڻو آهي مثال طور D پارٽيشن کي ختم ڪرڻو آهي ته ان آپشن ۾ D لکي اينٽر پريس ڪيو.جيئن ئي توهان اينٽر پريس ڪندو ته هو D ڊرائيو جو واليم ليبل پڇندو جيڪو D پارٽيشن جي اڳيان ئي لکيل نظر ايندو ٻيهر اينٽر ڪي کي پريس ڪيو ان کان پوءِ هو توهان کان پڇندو Are You Sure (Y/N( ....? توهان Y کي لکي اينٽر ڪندو ته توهان جو پارٽيشن ڊيليٽ ٿي ويندو ۽ D ڊرائيو جي اڳيان لکيل نظر ايندو Drive Deleted انهيءَ طرح هڪ،هڪ ڪري تمام پارٽيشنن کي ڊيليٽ ڪيو ۽ Esc دٻائي ٻيهر مينيو آپشن ۾ اچي وڃو.وري ٻيهر ڊيليٽ پرائمري ڊوس پارٽيشن کي سيليڪٽ ڪري اينٽر پريس ڪيوهاڻي توهان جي C ڊرائيو جي باري ۾ معلومات ايندي.۽ [1] هن طرح سان نمبر لکيل نظر ايندو.توهان نمبر هڪ سيليڪٽ ڪري اينٽر پريس ڪيو ان کان پوءِ هو توهان کان واليم ليبل جو پڇندو جيڪو C ڊرائيو جي اڳيان واليم ليبل جي خاني ۾ لکيل توهان کي نظر ايندو ان کي لکي اينٽر پريس ڪيو.y/n جي آپشن اچڻ تي y لکو.Esc پريس ڪري ٻاهر اچي وڃو وري ٻيهر مينيو ۾ Enter choice [3] ڪيو پوءِ نمبر 2- Extended Dos partition کي اينٽر ڪي چوائس ۾ سيليڪٽ ڪري اينٽر ڪري ڇڏيو. هاڻي توهان جي هارڊڊسڪ بلڪل زيرو ٿي چڪي آهي. يعني ڪوئي به پارٽيشن ان ۾ موجود نه آهي.
    دوستو اميد آهي ته توهان کي پارٽيشن ڊيليٽ ڪرڻ اچي ويا هوندا.

    دوستو هاڻ مان توهان کي ٻڌائيندس ته پارٽيشن ڪيئن ٺهندا آهن. هارڊڊسڪ نئي هجي يا پراڻي پارٽيشن ٺاهڻ جو طريقو ساڳيو هوندو آهي صرف نئي هارڊڊسڪ کي بوٽ ڪرائڻ جو طريقو مختلف آهي اچو ته ڏسون ته نئين هارڊڊسڪ ۾ ڪيئن سسٽم کي بوٽ ڪرايو ويندو آهي.
    جڏهن توهان هڪ نئي هارڊڊسڪ خريد ڪندا آهيو ته ان جو مطلب هي آهي ته اِن وقت توهان وٽ ڪوئي به آپريٽنگ سسٽم موجود نه آهي ۽ جي آپريٽنگ سسٽم نه آهي ته ان مان ظاهر ٿيو ته توهان جو ڪمپيوٽر هارڊڊسڪ سان بوٽ نه ڪري سگهندو ان صورتحال ۾ توهان کي ڪمپيوٽر کي ڪنهن ٻئي بوٽ ڊيوائس سان بوٽ ڪرائڻو پوندو. هي بوٽ ڊيوائس بوٽ ايبل فلاپي يا پوءِ بوٽ ايبل سي ڊي يا وري بوٽ ايبل يو ايس بي به ٿي سگهي ٿي. جي توهان وٽ بوٽ ڊيوائس موجود آهي ته پوءِ توهان کي ڪمپيوٽر جي Bios ۾ وڃڻو پوندو ۽ فرسٽ بوٽ ڊيوائس کي هارڊڊسڪ تان هٽائي فلاپي، يان وري CD Rom يان وري جي توهان جو سسٽم USB کي فرسٽ بوٽ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ توهان جي USB بوٽ ايبل ٺهيل آهي ته پوءِ انهن مان ڪوئي به آپشن سيليڪٽ ڪيو.Bios ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهان F2 يان DEL ڪِي پريس ڪيو.ٿي سگهي ٿو مختلف مدربورڊن ۾ مختلف Bios هونديون آهن پر گهڻي قدر Bios ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ توهان کي Bios Features setup جو آپشن نظر ايندو يان وري BOOT جو آپشن هوندو آهي.ان ٻنهي مان ڪنهن به هڪ تي اينٽر ڪيو. اينٽر ڪندي ئي توهان کي First Boot Device ۽ Second Boot Device جا آپشن نظر ايندا.اتي توهان First Boot Device کي منتخب ڪيو ان ۾ فلاپي يا سي ڊي کي سيليڪٽ ڪري ان کانپوءِ Esc پريس ڪري مين مينيو ۾ اچي save and exit setup کي سيليڪٽ ڪري y دٻائي انٽر ڪيو خيال رهي ته توهان جي بوٽ ايبل سي ڊي يان فلاپي ڊرائيو ۾ لڳل هجي.
    هاڻي توهان A:/fdisk لکي انٽر ڪيو.هتي اوهان جي سامهون ٻه،ٽي اهي ساڳيا آپشن ايندا جيڪي توهان مٿي پڙهي آيا آهيو.
    ڏسو هيٺ ڏنل تصوير.
    [​IMG]

    جيئن ته اسان کي پارٽيشن ٺاهڻا آهن ان لاءِ اسان آپشن نمبر(1) پريس ڪنداسين ان کي پريس ڪندي ئي وڌيڪ ٽي آپشن نظر ايندا.
    ڏسو هيٺ ڏنل تصوير.

    [​IMG]

    [​IMG]

    ياد رکو ته هارڊڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهڻ وقت سڀ کان پهرين primary Dos partition ٺهندا آهن پوءِ Extended partition ۽ آخر ۾ Logical Dos partition ٺهندا آهن. ان لاءِ اسان پهرئين آپشن کي سيليڪٽ ڪنداسين.ان آپشن کي اينٽر ڪرڻ سان ئي هڪ پيغام ايندو ته ڇا توهان پنهنجي سڄي ڊسڪ اسپيس کي primary Dos partition ٺاهڻ چاهيو ٿا." N"لکي اينٽر ڪيو. ان کان فورن بعد اسڪرين ته ڪجهه هن طرح جو ميسيج ايندو ته توهان پنهنجي هارڊڊسڪ جي ڪيتري space کي primary Dos partition ٺاهڻ چاهيو ٿا؟ هاڻ توهان وٽ ٻه آپشن آهن يان ته توهان جيتري space کي primary Dos partition ٺاهڻ چاهيو ٿا ان کي هن خاني ۾ [ ] (MB) ۾ لکو يان وري انهيءَ جاءِ تي % جي صورت ۾ لکو. فرض ڪيو ته توهان وٽ 10GB جي هارڊڊسڪ آهي 10GB جو مطلب هي آهي ته توهان وٽ هارڊڊسڪ MB جي لحاظ کان 10240MB جي آهي، جي توهان پنهنجي primary Dos partition کي 4GB جو space ڏيڻ چاهيو ٿا ۽ ان کي MB جي آپشن ۾ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته هن طرح سان نظر ايندو.[4096] اهو ان لاءِ جو
    1GB برابر آهي 1024=MB يعني 1024 ضَرب 4 برابر ٿيو MB 4096 جي، توهان % پرسنٽيج ۾ space ڏيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي هيئن لکڻو پوندو.[40%] ائين لکي پوءِ اينٽر دٻائي ڇڏيو.بهتر اهو آهي توهان پرسينٽيج ۾ ڪم ڪيو.ٻنهي صورتن ۾ توهان جوپرائمري ڊاس پارٽيشن 4GB جو ٺهي ويندو.
    هاڻي Esc کي دٻائي ٻاهر اچي وڃو.۽ ٻيهر (1) آپشن لکي اينٽر ڪيو هاڻي جيڪو آپشن ايندو ان مان (2) آپشن کي دٻائي اينٽر ڪيو ڇو جوآپشن (2) ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن جي لاءِ آهي.ان آپشن کي لکندي ئي توهان جي سامهون اسڪرين تي هڪ ميسيج ايندو جنهن جي آخر ۾ [ ] هوندو ان جي اندر ڪجهه انگ لکيل هوندا اها MB ۾ اها جڳهه آهي جيڪا توهان جي هارڊڊسڪ ۾ هاڻ بچي آهي اتي توهان صرف اينٽر دٻايو.ان جو مطلب اهو ٿيندو ته توهان اهو سڄو space ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. يعني ته توهان جي 10GB هارڊڊسڪ مان 4GB جي پرائمري ڊاس ۽ 6GB جي ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن آهي.هڪ ڳالهه جيڪا غور طلب آهي اها ته C ڊرائيو کان پوءِ جيترا به پارٽيشن هوندا آهن اهي سڀ لوجيڪل ڊاس پارٽيشن هوندا آهن ۽ اهي حصا هميشه ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن ۾ ٺهندا آهن.ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن ٺاهڻ کانپوءِ جيئن ئي اسڪيپ Esc دٻائيندا ته توهان جو ڪمپيوٽر پاڻ ئي لوجيڪل ڊاس پارٽيشن ٺاهڻ جي اسڪرين توهان جي سامهون کڻي ايندو. ان ۾ به ڪجهه اهو ئي سلسلو آهي هو توهان کان پڇندو ته ڇا ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن جي سڄي space کي (%100) تي ته ڪندو هوندو جيڪو (6144%)آهي. کي لوجيڪل ڊاس پارٽيشن ٺاهڻو آهي؟ جي توهان ان نمبر کي بغير بدلائي اينٽر ڪيو ته پوءِ توهان جي صرف هڪ ئي ڊرائيو ٺهي سگهندي جيڪا" D" جي نالي سان ٺهندي جنهن جو اسپيس 6GB جو هوندويعني سڄي هارڊڊسڪ جا ٻه پارٽيشن ٺهنداC ۽ D پر جي توهان ٻه لوجيڪل ڊاس پارٽيشن ٺاهڻ چاهيو ٿا ۽ انهن ۾ ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن جي جاءِ برابر ورهائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان D کي ٺاهڻ وقت [%50] لکي اينٽر دٻايو ان کان پوءِ جيڪا اسڪرين ايندي ان ۾ باقي اسپيس جيڪو به بچو هوندو اهو انگن ۾ لکيل هوندو.ڇو جو اسان سڄي %100 اسپيس کي لوجيڪل ڊاس ڊرائيو ۾ برابر تقسيم ڪيو آهي. اتي صرف اينٽر دٻايو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي ايڪسٽينڊڊ ڊاس پارٽيشن ۾ هاڻي ٻه لوجيڪل ڊاس پارٽيشن آهن D ۽ E ۽ ٻَئي 3072MB يان 3GBجا آهن.
    هاڻي توهان Esc اسڪيپ بٽڻ کي ايستائين دٻائيندا رهو جيستائين توهان جي اسڪرين تي هي نظر نٿو اچي<\: A
    هاڻي توهان هارڊڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهي چڪا آهيو.پر هڪ شئي اڃا رهي ٿي ڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ. پارٽيشن کي ٺاهڻ کان پوءِ جي فارميٽ نه ڪيو وڃي ته پوءِ آپريٽنگ سسٽم اهو پڙهي نه سگهندو آهي ته هن هارڊڊسڪ جو فارميٽ ڇا آهي؟يعني FAT32 ، FAT16. يان وري NTFS آهي. سو ان لاءِ پارٽيشن ٺاهڻ کان پوءِ هارڊڊسڪ کي فارميٽ ڪرڻ لازمي هوندو آهي.سو سڀ کان پهريان C ڊرائيو کي فارميٽ ڪنداسين.ان لاءِ توهان هيءَ ڪمانڊ لکندو.
    A:\> format c:/s هتي C فارميٽ ڪرڻ جي ڪمانڊ آهي ۽ s/ هڪ اهڙو سوئچ آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ سان C ڊرائيو ۾ هڪ سسٽم فائل جنهن جو نالو آهي command.com ڪاپي ٿي ويندو آهي.۽ ان جي ڪاپي ٿيندي ئي C ڊرائيو Active پرائمري ڊاس پارٽيشن ٿي ويندي آهي. هاڻي باقي ڊرائيو کي به هيٺ ڏنل طريقي سان فارميٽ ڪيو پر s/ کان بغير
    A:/> format :d
    A:/> format :e
    جيئن ئي اها ڪمانڊ ڏيندو ته هڪ ميسيج ايندو جيڪو ڪجهه هن طرح سان هوندو.
    Warning: All data on Non Removeable Disk
    Drive D: will be lost
    proceed with format (y/n)?
    چاهي توهان c فارميٽ ڪيو d يان وري e هر دفعي اهو ميسيج ايندو ان تي توهان (y) دٻائي اينٽر ڪيو پوءِ توهان جي ڊرائيو فارميٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي مڪمل فارميٽ ٿيڻ کان پوءِ واليم ليبل جو آپشن ايندو ان ۾ توهان جيڪو به نالو ڏيڻ چاهيو اهو ٽائپ ڪري اينٽر ڪيو.هاڻي توهان جي هارڊڊسڪ مڪمل پارٽيشن تيار ٿيڻ کانپوءِ ونڊو انسٽال ٿيڻ لاءِ تيار آهي،
    سو دوستو ان سان گڏ مونکي اجازت ڏينداوري ڪنهن نئين شئيرنگ تائين توهان جو دوست ڊاڪٽر الله حافظ
     
    عبيد ٿھيم، شبير ڪاٺيو ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    ماشا الله تمام سهڻي نموني ان سمجهاني ڏني آهي اوهان
    بهترين ڪوشش آهي اوهان جي ۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    ادا ڊاڪٽر صاحب توهان جو ٽٽوريل پڙهي ڪري اصل دل خوش ٿئي وئي

    اهڙي ئي ٽٽوريل جو انتظار هيو اصل ۾ سنڌ سلامت فورم تي ان ٿريڊ جي پڻ ضرورت محسوس ٿئي پئي

    توهان جي سيکارڻ جي انداز مان ته ڪو سيکڙاٽ به وڏي آرام سان سکي سگهي ٿو

    لاجواب ونڊ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    ادا رياض حسين گلال ۽ پيارا فقير سائين توهان جي وڏي مهرباني جو منهنجو هي ٽيوٽوريل پسند ڪيو۽ انشا الله انهيَ طرح جا ٽيوٽوريل توهان سان شيئر ٿيندا رهندا۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    سائين ڊاڪٽر صاحب جن جي محنت واقعي قابل تحسين آهي تمام بهترين سمجهاڻي سان پارٽيشن ٺاهڻ متعلق سکيا ڏني اٿن سندن هن تربيت مان اميد ته ڪيترن ئي دوستن کي فائدو پوندو ۽ اميد ته آئنده پڻ اهڙي عنايتون جاري رکندا۔
     
  6. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    ادا رحيم بخش توهان جي وڏي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔ ۽ انشا الله عنقريب اهڙي قسم جا ٽيوٽوريل مان تيار ڪري رهيو آهيان جيڪي جلد هتي شيئر ڪندس۔۔
     
  7. عرفان ساحل

    عرفان ساحل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    تمام سٺو ادا
    ڏاڍي خوشي ٿي
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    تمام بهترين ادا پر ادا وينڊوز سيون جي باري ۾ به ڪجه ٻڌايو ها ادو رشيد ۽ مان هڪ ٻه تجربا ڪري چڪا آهيون ونڊوز مان پارٽِشن ڪرڻ جا پر 85 فيصد ڪاميابي ٿي آهي وينڊوز سيون ۾ خير اوهان جي مهرباني ادا
     
  9. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔

    سائين ڊاڪٽر صاحب لک لک قرب تمام زبردست ۽ ڪارائتي ڄاڻ ڏني آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو