عبدالقادر جوڻيجو : چوٽيء جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار ، ليکڪ ۽ اديب
محمد سليمان وساڻ
عبدالقادر جوڻيجو پهرين نومبر 1945ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي 22 کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ 2 اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي 16 سنڌي ڊرامه ۽ 7 سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ 6 ڊرامه۽ 15 ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا.
سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليء ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل 4 تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت 13 ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو.
عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) 196
شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) 1979
ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) 1984
وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) 1984
سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) 1986
ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) 1987
ڪرسي (ڪالم) 1998
ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) 1999
خط ٻن اديبن جا (خط) 1999
در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) 2001
وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) 2002
ڇا لکان (ڪالم) 2007
عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي.
سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:
حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – 1989
حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – 2007
ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – 1983 (ديوارين سيريل)
ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – 1985 (ڪاروان سيريل)
پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – 1989
ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ 1988 کان 1998 (ڄار سيريل)
ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – 1999
دعا آهي ته سنڌ جي هن ڀلوڙ ليکڪ کي رب پاڪ وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت عطا ڪري جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهي ۽ ڪالمن ۽ لکڻين ذريعي اسان جي به رهنمائي ڪندو رهي.