سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر۽ ٽنڊومحمدخان جي برسات جِي......!​


    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام رپورٽ: تصويرون نثاراحمدناز​

    [JUSTIFY]ميڊيڪل ايسوسي ايشن ٽنڊومحمد خان وارن اهو پروگرام رکيو ته مقبرو شريف جي پاسي ۾ گنجو ٽڪر واري جابلو سلسلي ۾ قائم هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن واري فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وڃي سو ڪالهه بروز 12 سيپٽمبر2011ع تي ٻنپهرن جي ٽين وڳي ٽنڊومحمد خان جي ڏاهي ڊاڪٽر جي ايم گُل جي ڪلينڪ تان پنجن ڪارن جي گاڏين جو قافلو ٽنڊومحمد خان جي سينئر ڊاڪٽر محترم ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر جي سرواڻي ۾ نڪتاسين ، انهي ڊاڪٽرن جي قافلي ۾ ٽنڊومحمد خان شهر جا ٻيا به ڊاڪٽر ، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ايم گُل، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر اڪرام غوري، ڊاڪٽر شبيراحمد ميمڻ، ڊاڪٽر چمن لال، ڊاڪٽر شڪيل قريشي، ڊاڪٽر ضمير قريشي ۽ ميمڻ اسپتال جو ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ به شامل هو، جيئن ته آسمان تي تمام ڪارا ۽ گهاٽا بادل موجود هُئا، بدين ، ٽنڊوباگو مان اهي رپورٽون اچي چُڪيون هيون ته تمام زوردار برسات اتي صُبح پئجي چُڪي آهي ان ڪري ڪافي ڊاڪٽر دوستن دل من هنئي پئي ته ٿي سگهي ٿو تيز برسات پئي سو مقبري واري ڪئمپ کي ملتوي ڪيو وڃي پر ڪجهه ڊاڪٽرن چيو ته انسانيت جي خدمت جو سوال آهي ان ڪري ضرور ڪئمپ قائم ڪري برسات سٽيلن جو علاج ڪيو وڃي، سو پراڻي بس اسٽاپ ٽنڊومحمد خان ، مال پڙي کان سڌو حيدرآباد وارو رستي جنهن ۾ سيري شوگر مل، مير جي کري، گاجا، سيري واري رستي کان اهو قافلو روان دوان هو، جڏهن اهو قافلو سيري وٽ پهتو ته تمام زبردست کنوڻ ۽ گوڙ سان مينهن پوڻ شروع ٿي ويو، جيئن ته آئون ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، ڊاڪٽرجي ايم گُل ۽ ڊاڪٽراحمد نوناري واري قافلي ۾ هُئس ساري رستي ۾ ڳالهه ٻولهه صرف هيلوڪي موتمار برسات جي هلي رهي هُئي ماڻهن جي جهوپن جُهرن جي ڳالهه هلي رهي هُئي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه هُئڻ ڪري وبائي مرضن جي ڦهيلجڻ جي هلي رهي هُئي ايتري ۾ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ کي موبائل ڪال آئي، ڊاڪٽر احمد نوناري فوري چيو ته برسات سبب اڄوڪي ميڊيڪل ڪئمپ کيي ڪينسل ڪرڻ جو سنديسو آهي ، ڊاڪٽر اقبال جنهن موبائل ڪال رسيو ڪئي ڊاڪٽر احمد نوناري کي چوڻ لڳو ته ڊاڪٽر احمد تون سچ ٿو چوين تمام زوردار برسات پوي پئي ڊاڪٽر لطف ٽالپر جو ميسيج آيو آهي ته اڄوڪي ميڊڪل ڪئمپ کي تيز ترين برسات سبب ڪينسل ڪيو وڃي ٿو. ايتري ۾ اسان جي گاڏي کٿڙ جو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري ورتو ۽ ٿورو اڳيان مقبري وڃڻ واري ملاڪاتيار واري رستي جي روڊ واري ڪراسنگ تي پهتاسين ته اتي ٻين ڊاڪٽرن جون گاڏيو ن بيٺيون هُيون برسات تمام گهڻي تيز وسي رهي هُئي ، جيئن ته ڊاڪٽر ميڊيڪل ڪئمپ ڪينسل ٿي چُڪي هُئي اسان ڊاڪٽر اقبال جي گاڏي ۾ ويٺل هُئاسين سو ڊاڪٽر اقبال چيو ته هاڻي هو پنهنجي گهر حيدرآباد ويندو ، اسان انهي تيز برسات ۾ مقبري واري رستي تي لهي ڊاڪٽر احمد نوناري جي گاڏي ۾ ويٺاسين جيڪا ڊاڪٽر احمد نوناري پنهنجي ٻين دوست ڊاڪٽرن کي ڏني هُئي .اهڙي طرح ڪُجهه ڊاڪٽر وري واپس حيدرآباد کان بدين وڃڻ واري رستي ٽنڊو محمد خان هليا ويا، ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته پاڻ مقبري شريف واري رستي وايا ملاڪاتيار کان ٽنڊومحمد خان هلنداسين ۽ تيز برسات ۾ مقبري شريف جي جابلو سلسلي جو نظارو ڪندا هلنداسين، دوستن کي سُڌ هُجي ته مقبري شريف جي جابلو سلسلي جو مشهور نالو گنجي ٽڪر جو جابلو سلسلو آهي مونکي خُود تيز برسات ۾ گنجي ٽڪر جي نظاري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو، سو مون فوري حامي ڀريندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب واه جو نظارو ڪبو، ڊاڪٽر جي ايم گُل ۽ هڪڙو ٻيو پيرا ميڊيڪل ٽنڊو محمد خان جو همراهه هو ان به مون سان ها ۾ ها ملائي، برسات جتي سنڌ جي ڳوٺن، واهڻ، وستين ۽ شهر ۾ تباهي آندي آهي اتي ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي ساوڪ ۽ خوبصورتي جا نوان دلفريب نظارا چٽيا آهن دل چيو پي ته گاڏي مان لهي گنجي ٽڪر جي هڪ هڪ نظاري جي سُونهن پسجي پر برسات جي تيز ترين وسڪاري سبب ڪار مان لهي ڪونه سگهيس ،ان هوندي به گاڏي ءَ مان جنهن طرف نظر وئي پي سنڌ جو هي خوبصورت گنجو ٽڪر جنت جو ڏيک ڏيئي رهيو هو، جبل تان وهندڙ پاڻي جا وهڪرا هڪڙو عجيب ڏيک ڏئي رهيا هُئا ننڍڙين ننڍڙين ٽڪرين تان ڪرندڙ مينهن جو پاڻي بلڪل هڪڙي سُندر آبشار جيان لڳي رهيو هو، مال وند ماڻهو جن جا گهر هيلوڪي برسات سبب جهري پيا هُئا اهي پنهنجي مال(جنهن ۾ مينهون ،ڍڳيون، ٻڪريون رڍون، اُٺ ) هُئا اهي گنجي ٽڪر واري وس تي پنهنجا جهوپا اڏيو ويٺا هُئا، انهن جهوپن جون قطارون ، ۽ مال جا ڌڻ جنهن ۾ رڍن، ڍڳين، ٻڪرين جا ڌڻ ۽ مينهِنِ جا ڌڻ پنهنجي ڌراڙن سان ڀِڄَنديون ڀٽاريون ڪنديون گنجي ٽڪر واري وس تي وري وٿاڻي اچي رهيون هُيون، ٿوري دير لاءِ مون ائين محسوس ڪيو ته ڀلي ماڻهو، ڪاغان جي واڌين ۾ وڃن ڀلي ماڻهو زيارت جي واڌين ۾ وڃن ڀلي ماڻهو قدرت جو نظارو پسڻ لاءِ ڪوهه مري يا دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ وڃن پر منهنجي جيجل سنڌ جي صرف هڪڙي هن گنجي ٽڪر جي برسات ۾ نکري آيل سونهن سڀني پرفضا واڌين کان سرس آهي ، سڀني حسين واڌين کان جيجل سنڌو ماٿري جو صرف هڪڙو هي گنجو ٽڪر اکين کي تڌاڻ بخشڻ لاءِ دل کي سُرور بخشڻ لاءِ ڪافي آهي، اهڙي طرح گاڏيءَ مان پنهنجي ڊجيٽل ڪئميرا سان گنجي ٽڪر جي سُونهن جو تصويرون ڪڍندو آيس ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ڊاڪٽر جي ايم گُل هڪڙي تمام خوبصورت جڳه تي لٿا انهن چيو ته سائين نثار اسان جو تصويرون ڪڍو چند تصويرون انهن جو ن ڪڍيم، ڊاڪٽر احمد نوناريءَ جي گاڏي ڊوڙندي هلي، هڪ جاءِ تي مقبري شريف واري درگاهه واري پاسي تي کنوڻ کي کنوندي اسان پنهنجي مٿان ائين ڏٺو ڄڻ اها کنوڻ اسان جي مٿان ڪرڻ واري هُجي ، جيڪي به قران ڪريم جون آيتون ياد هُيون اهي پڙهڻ شروع ڪرڻ ڇڏيم. اههڙي قسم جي وڄ جو پهريون دفعو جلوو پسِي سڀني جي دل دهلجي وئي...!!، ائين وسي ملوڪ شاهه واريشهر ،ٻارچاڻي ڳوٺ کان ٿيندي اچي ملاڪاتيار روڊ ٽنڊومحمد خان ڏانهن وڃڻ واري رستي تي اسان جي ڪار پهتي سعيد پور ۾ او جي ڊي سي جي تيل واري فيلڊ کي ڪراس ڪري ٽنڊومحمد خان جي پانڌي واهه کان ٿيندا فوجي شگرمل وارو گس وٺي اچي بٺورو روڊ تي ٽنڊومحمد خان شهر واري رستي تي چڙهياسين برسات تمام تيز وسي رهي هُئي ٽنڊومحمد خان شهر وري هن برسات وگهي ڪنهن دريا جو ڏيک ڏئي رهيو، غريبن جا تنبو جيڪي روڊ جي ٻنهي پاسن لڳل هُئا انهن مان دونهون نظر اچي رهيو ڪا جيجل ماءُ، ڪا سگهڙ سنڌياڻي جنهن جا جهوپا برسات وگهي جُهري پيا هُئا پنهنجي پنهنجي خيمي ۾ اڄوڪي تيز برسات ۾ امداد جي اٽي لپ مان پنهنجي ٻچڙن جو ڳنڌڻ تيار ڪري رهي هُئي آسمان وڏ ڦڙي جي روپ ۾ خيمي وارين انهن ڏتڙيل مائن ۽ سُگهڙ سنڌياڻين ۽ سهميل انهن جي معصوم ٻارڙن مٿان ٺٺولي ڪري رهيو هو. ............. !!![/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    گنجو ٽڪر ضلعو حيدرآباد ڪالهوڪي تيز برسات ۾ پنهنجي سندرتا ۾ نکري پيو هو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ٻه مسيحا ٻه ڊاڪٽر ، ڊاڪٽر جي ايم گُل ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري گنجي ٽڪر تي پوندڙ برسات ۾
    [​IMG]
    سعيد پور تعلقوبلڙي شاهه ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان جي آئل فيلڊ جو هڪڙو منظر​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]
    گنجي ٽڪر واري رستي تي اُٺ ماما گيگڙو برسات جو مزو وٺي رهيو آهي

    [​IMG]
    ٻارچاڻي ڳوٺ تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ۾ سارين جو فصل برسات ۾ ٻُڏو پيو آهي برسات وسي پئي

    [​IMG]
    سعيد پور ٽنڊو محمد خان جو هڪڙو اسڪول

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    برسات وسندي سعيد پور جي آس پاس جو نظارو
    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان پاندي واهه ۾ برسات وارو پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    پراڻي فوجي شوگر مل هاڻي صرف ٽنڊومحمد خان شگر مل جو برسات ۾ منظر​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    ٽنڊومحمد خان شوگر ملز ڪالوني جو ٻاهر کان ورتل منظر

    [​IMG]

    [​IMG]
    سموري شهر جو گندو پاڻي جمع ڪندڙ ٽنڊو محمد خان جي اور فلو تاريخي کڏ سون پاري مان ٽريڪٽر ٽيوب ويل ذريعي برسات جو گندو پاڻي ڪڍيو پيو وڃي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    جهريل جهوپڙن ۾ ٽٽل آسرو آهي ٽنڊو محمد خان ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ خيما تيز برسات جو منظر پريشان سنڌي ماروئڙن ۽ ان موتمار برسات ۾ هڪڙو ڪتو به شايد ڳندڻ لپي جو انتظار ۾

    [​IMG]

    [​IMG]
    برسات وسي ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ بجلي جو ٿنڀو ڪري پٽ پوڻ پارو هو پر پهريون ڀيرو شايد واپڊا وارا هن برسات ۾ انهي ڪرندڙ ٿنڀي کي زمين دوس ٿيڻ کان بچائي رهيا آهن۔​
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

    اللھ پاڪ شل رحم ڪري
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي تصويري رپورٽ گهڻو وڻي۔

    مٿين رپورٽ ۾ گهڻا ڏک نظر آيا۔ سنڌ ججو ڏاکڻون ۽ لاڙ وارو حصو تازين برساتن سبب گهڻو تباهه ٿيو آهي۔ جنهن جا منظر اوهان جي تصويرن ۽ ٽي وي تي آيل رپورٽن مان واضح آهن۔

    ٻئي طرف وري جبلن ۽ دڙن تي سجايل قدرتي ساوڪ به وڻندڙ لڳي۔ مان جڏهن حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاء وي ذريعي آيس ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ ۽ مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڪيئي ولر چرندي نظر آيا۔

    ڪالهه جڏهن وسندڙ مينهن ۾ سپر هاء وي کان 45 ڪلوميٽر پري گڏاپ طرف ٿڌي ڊيم تي وياسون ته اهو نظارو به لاجواب هو۔ جبلن تان لٿل گهڻو پاڻي ٿڌي ڊيم ۾ گڏ ٿيو آهي ۽ وڻن، ٻيلن ۽ ٿيل گلڪاري به دل کي وڻندڙ هئي پر افسوس جو مونکي ڪيمرا ڪانه هئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو