• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

نثارناز

سينيئر رڪن
سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر۽ ٽنڊومحمدخان جي برسات جِي......!​

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام رپورٽ: تصويرون نثاراحمدناز​

ميڊيڪل ايسوسي ايشن ٽنڊومحمد خان وارن اهو پروگرام رکيو ته مقبرو شريف جي پاسي ۾ گنجو ٽڪر واري جابلو سلسلي ۾ قائم هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن واري فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وڃي سو ڪالهه بروز 12 سيپٽمبر2011ع تي ٻنپهرن جي ٽين وڳي ٽنڊومحمد خان جي ڏاهي ڊاڪٽر جي ايم گُل جي ڪلينڪ تان پنجن ڪارن جي گاڏين جو قافلو ٽنڊومحمد خان جي سينئر ڊاڪٽر محترم ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر جي سرواڻي ۾ نڪتاسين ، انهي ڊاڪٽرن جي قافلي ۾ ٽنڊومحمد خان شهر جا ٻيا به ڊاڪٽر ، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ايم گُل، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر اڪرام غوري، ڊاڪٽر شبيراحمد ميمڻ، ڊاڪٽر چمن لال، ڊاڪٽر شڪيل قريشي، ڊاڪٽر ضمير قريشي ۽ ميمڻ اسپتال جو ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ به شامل هو، جيئن ته آسمان تي تمام ڪارا ۽ گهاٽا بادل موجود هُئا، بدين ، ٽنڊوباگو مان اهي رپورٽون اچي چُڪيون هيون ته تمام زوردار برسات اتي صُبح پئجي چُڪي آهي ان ڪري ڪافي ڊاڪٽر دوستن دل من هنئي پئي ته ٿي سگهي ٿو تيز برسات پئي سو مقبري واري ڪئمپ کي ملتوي ڪيو وڃي پر ڪجهه ڊاڪٽرن چيو ته انسانيت جي خدمت جو سوال آهي ان ڪري ضرور ڪئمپ قائم ڪري برسات سٽيلن جو علاج ڪيو وڃي، سو پراڻي بس اسٽاپ ٽنڊومحمد خان ، مال پڙي کان سڌو حيدرآباد وارو رستي جنهن ۾ سيري شوگر مل، مير جي کري، گاجا، سيري واري رستي کان اهو قافلو روان دوان هو، جڏهن اهو قافلو سيري وٽ پهتو ته تمام زبردست کنوڻ ۽ گوڙ سان مينهن پوڻ شروع ٿي ويو، جيئن ته آئون ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، ڊاڪٽرجي ايم گُل ۽ ڊاڪٽراحمد نوناري واري قافلي ۾ هُئس ساري رستي ۾ ڳالهه ٻولهه صرف هيلوڪي موتمار برسات جي هلي رهي هُئي ماڻهن جي جهوپن جُهرن جي ڳالهه هلي رهي هُئي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه هُئڻ ڪري وبائي مرضن جي ڦهيلجڻ جي هلي رهي هُئي ايتري ۾ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ کي موبائل ڪال آئي، ڊاڪٽر احمد نوناري فوري چيو ته برسات سبب اڄوڪي ميڊيڪل ڪئمپ کيي ڪينسل ڪرڻ جو سنديسو آهي ، ڊاڪٽر اقبال جنهن موبائل ڪال رسيو ڪئي ڊاڪٽر احمد نوناري کي چوڻ لڳو ته ڊاڪٽر احمد تون سچ ٿو چوين تمام زوردار برسات پوي پئي ڊاڪٽر لطف ٽالپر جو ميسيج آيو آهي ته اڄوڪي ميڊڪل ڪئمپ کي تيز ترين برسات سبب ڪينسل ڪيو وڃي ٿو. ايتري ۾ اسان جي گاڏي کٿڙ جو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري ورتو ۽ ٿورو اڳيان مقبري وڃڻ واري ملاڪاتيار واري رستي جي روڊ واري ڪراسنگ تي پهتاسين ته اتي ٻين ڊاڪٽرن جون گاڏيو ن بيٺيون هُيون برسات تمام گهڻي تيز وسي رهي هُئي ، جيئن ته ڊاڪٽر ميڊيڪل ڪئمپ ڪينسل ٿي چُڪي هُئي اسان ڊاڪٽر اقبال جي گاڏي ۾ ويٺل هُئاسين سو ڊاڪٽر اقبال چيو ته هاڻي هو پنهنجي گهر حيدرآباد ويندو ، اسان انهي تيز برسات ۾ مقبري واري رستي تي لهي ڊاڪٽر احمد نوناري جي گاڏي ۾ ويٺاسين جيڪا ڊاڪٽر احمد نوناري پنهنجي ٻين دوست ڊاڪٽرن کي ڏني هُئي .اهڙي طرح ڪُجهه ڊاڪٽر وري واپس حيدرآباد کان بدين وڃڻ واري رستي ٽنڊو محمد خان هليا ويا، ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته پاڻ مقبري شريف واري رستي وايا ملاڪاتيار کان ٽنڊومحمد خان هلنداسين ۽ تيز برسات ۾ مقبري شريف جي جابلو سلسلي جو نظارو ڪندا هلنداسين، دوستن کي سُڌ هُجي ته مقبري شريف جي جابلو سلسلي جو مشهور نالو گنجي ٽڪر جو جابلو سلسلو آهي مونکي خُود تيز برسات ۾ گنجي ٽڪر جي نظاري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو، سو مون فوري حامي ڀريندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب واه جو نظارو ڪبو، ڊاڪٽر جي ايم گُل ۽ هڪڙو ٻيو پيرا ميڊيڪل ٽنڊو محمد خان جو همراهه هو ان به مون سان ها ۾ ها ملائي، برسات جتي سنڌ جي ڳوٺن، واهڻ، وستين ۽ شهر ۾ تباهي آندي آهي اتي ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي ساوڪ ۽ خوبصورتي جا نوان دلفريب نظارا چٽيا آهن دل چيو پي ته گاڏي مان لهي گنجي ٽڪر جي هڪ هڪ نظاري جي سُونهن پسجي پر برسات جي تيز ترين وسڪاري سبب ڪار مان لهي ڪونه سگهيس ،ان هوندي به گاڏي ءَ مان جنهن طرف نظر وئي پي سنڌ جو هي خوبصورت گنجو ٽڪر جنت جو ڏيک ڏيئي رهيو هو، جبل تان وهندڙ پاڻي جا وهڪرا هڪڙو عجيب ڏيک ڏئي رهيا هُئا ننڍڙين ننڍڙين ٽڪرين تان ڪرندڙ مينهن جو پاڻي بلڪل هڪڙي سُندر آبشار جيان لڳي رهيو هو، مال وند ماڻهو جن جا گهر هيلوڪي برسات سبب جهري پيا هُئا اهي پنهنجي مال(جنهن ۾ مينهون ،ڍڳيون، ٻڪريون رڍون، اُٺ ) هُئا اهي گنجي ٽڪر واري وس تي پنهنجا جهوپا اڏيو ويٺا هُئا، انهن جهوپن جون قطارون ، ۽ مال جا ڌڻ جنهن ۾ رڍن، ڍڳين، ٻڪرين جا ڌڻ ۽ مينهِنِ جا ڌڻ پنهنجي ڌراڙن سان ڀِڄَنديون ڀٽاريون ڪنديون گنجي ٽڪر واري وس تي وري وٿاڻي اچي رهيون هُيون، ٿوري دير لاءِ مون ائين محسوس ڪيو ته ڀلي ماڻهو، ڪاغان جي واڌين ۾ وڃن ڀلي ماڻهو زيارت جي واڌين ۾ وڃن ڀلي ماڻهو قدرت جو نظارو پسڻ لاءِ ڪوهه مري يا دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ وڃن پر منهنجي جيجل سنڌ جي صرف هڪڙي هن گنجي ٽڪر جي برسات ۾ نکري آيل سونهن سڀني پرفضا واڌين کان سرس آهي ، سڀني حسين واڌين کان جيجل سنڌو ماٿري جو صرف هڪڙو هي گنجو ٽڪر اکين کي تڌاڻ بخشڻ لاءِ دل کي سُرور بخشڻ لاءِ ڪافي آهي، اهڙي طرح گاڏيءَ مان پنهنجي ڊجيٽل ڪئميرا سان گنجي ٽڪر جي سُونهن جو تصويرون ڪڍندو آيس ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ڊاڪٽر جي ايم گُل هڪڙي تمام خوبصورت جڳه تي لٿا انهن چيو ته سائين نثار اسان جو تصويرون ڪڍو چند تصويرون انهن جو ن ڪڍيم، ڊاڪٽر احمد نوناريءَ جي گاڏي ڊوڙندي هلي، هڪ جاءِ تي مقبري شريف واري درگاهه واري پاسي تي کنوڻ کي کنوندي اسان پنهنجي مٿان ائين ڏٺو ڄڻ اها کنوڻ اسان جي مٿان ڪرڻ واري هُجي ، جيڪي به قران ڪريم جون آيتون ياد هُيون اهي پڙهڻ شروع ڪرڻ ڇڏيم. اههڙي قسم جي وڄ جو پهريون دفعو جلوو پسِي سڀني جي دل دهلجي وئي...!!، ائين وسي ملوڪ شاهه واريشهر ،ٻارچاڻي ڳوٺ کان ٿيندي اچي ملاڪاتيار روڊ ٽنڊومحمد خان ڏانهن وڃڻ واري رستي تي اسان جي ڪار پهتي سعيد پور ۾ او جي ڊي سي جي تيل واري فيلڊ کي ڪراس ڪري ٽنڊومحمد خان جي پانڌي واهه کان ٿيندا فوجي شگرمل وارو گس وٺي اچي بٺورو روڊ تي ٽنڊومحمد خان شهر واري رستي تي چڙهياسين برسات تمام تيز وسي رهي هُئي ٽنڊومحمد خان شهر وري هن برسات وگهي ڪنهن دريا جو ڏيک ڏئي رهيو، غريبن جا تنبو جيڪي روڊ جي ٻنهي پاسن لڳل هُئا انهن مان دونهون نظر اچي رهيو ڪا جيجل ماءُ، ڪا سگهڙ سنڌياڻي جنهن جا جهوپا برسات وگهي جُهري پيا هُئا پنهنجي پنهنجي خيمي ۾ اڄوڪي تيز برسات ۾ امداد جي اٽي لپ مان پنهنجي ٻچڙن جو ڳنڌڻ تيار ڪري رهي هُئي آسمان وڏ ڦڙي جي روپ ۾ خيمي وارين انهن ڏتڙيل مائن ۽ سُگهڙ سنڌياڻين ۽ سهميل انهن جي معصوم ٻارڙن مٿان ٺٺولي ڪري رهيو هو. ............. !!!​

296939_10150321285538216_794048215_8042515_195639051_n.jpg


303783_10150321286028216_794048215_8042521_349032697_n.jpg


300909_10150321286168216_794048215_8042522_1732932509_n.jpg


317581_10150321285858216_794048215_8042518_1065803324_n.jpg


305139_10150321286313216_794048215_8042523_916761004_n.jpg


296749_10150321288158216_794048215_8042536_1447922934_n.jpg

گنجو ٽڪر ضلعو حيدرآباد ڪالهوڪي تيز برسات ۾ پنهنجي سندرتا ۾ نکري پيو هو

304201_10150321282248216_794048215_8042480_1716480203_n.jpg


321618_10150321286713216_794048215_8042525_465230033_n.jpg


310279_10150321286873216_794048215_8042526_391213634_n.jpg

ٻه مسيحا ٻه ڊاڪٽر ، ڊاڪٽر جي ايم گُل ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري گنجي ٽڪر تي پوندڙ برسات ۾
316659_10150321288513216_794048215_8042538_778328942_n.jpg

سعيد پور تعلقوبلڙي شاهه ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان جي آئل فيلڊ جو هڪڙو منظر​
 
جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

ڪجهه وڌيڪ تصويرون

320601_10150321285693216_794048215_8042517_65794851_n.jpg

گنجي ٽڪر واري رستي تي اُٺ ماما گيگڙو برسات جو مزو وٺي رهيو آهي

315821_10150321288373216_794048215_8042537_158876886_n.jpg

ٻارچاڻي ڳوٺ تعلقو بُلڙي شاهه ڪريم ۾ سارين جو فصل برسات ۾ ٻُڏو پيو آهي برسات وسي پئي

318914_10150321289368216_794048215_8042548_709257606_n.jpg

سعيد پور ٽنڊو محمد خان جو هڪڙو اسڪول

321571_10150321288958216_794048215_8042542_406817838_n.jpg


306895_10150321289128216_794048215_8042544_1804055538_n.jpg


305251_10150321289828216_794048215_8042553_828545400_n.jpg


برسات وسندي سعيد پور جي آس پاس جو نظارو
309403_10150321290153216_794048215_8042554_1754486108_n.jpg

ٽنڊو محمد خان پاندي واهه ۾ برسات وارو پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي
309145_10150321293798216_794048215_8042561_1618524385_n.jpg


314840_10150321293963216_794048215_8042562_1049316920_n.jpg


312825_10150321294588216_794048215_8042573_1961382866_n.jpg

پراڻي فوجي شوگر مل هاڻي صرف ٽنڊومحمد خان شگر مل جو برسات ۾ منظر​
 
جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

ڪجهه وڌيڪ تصويرون
300549_10150321294748216_794048215_8042577_1725962000_n.jpg

ٽنڊومحمد خان شوگر ملز ڪالوني جو ٻاهر کان ورتل منظر

300434_10150321294933216_794048215_8042580_841576387_n.jpg


296701_10150321295168216_794048215_8042584_134968781_n.jpg

سموري شهر جو گندو پاڻي جمع ڪندڙ ٽنڊو محمد خان جي اور فلو تاريخي کڏ سون پاري مان ٽريڪٽر ٽيوب ويل ذريعي برسات جو گندو پاڻي ڪڍيو پيو وڃي۔

316226_10150321295583216_794048215_8042591_719691301_n.jpg


296255_10150321295718216_794048215_8042595_229192254_n.jpg


315948_10150321295878216_794048215_8042598_831365907_n.jpg


309684_10150321296138216_794048215_8042603_470436683_n.jpg


313206_10150321296333216_794048215_8042604_383139092_n.jpg

جهريل جهوپڙن ۾ ٽٽل آسرو آهي ٽنڊو محمد خان ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ خيما تيز برسات جو منظر پريشان سنڌي ماروئڙن ۽ ان موتمار برسات ۾ هڪڙو ڪتو به شايد ڳندڻ لپي جو انتظار ۾

308699_10150321296493216_794048215_8042606_879937227_n.jpg


313375_10150321296653216_794048215_8042607_1743201056_n.jpg

برسات وسي ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ بجلي جو ٿنڀو ڪري پٽ پوڻ پارو هو پر پهريون ڀيرو شايد واپڊا وارا هن برسات ۾ انهي ڪرندڙ ٿنڀي کي زمين دوس ٿيڻ کان بچائي رهيا آهن۔​
 
جواب: سو ڳالهه ٿي ڪيم گنجي ٽڪر ۽ ٽنڊومحمد خان جي برسات جي۔۔۔۔ !

سائين نثار ناز سلام

اوهان جي تصويري رپورٽ گهڻو وڻي۔

مٿين رپورٽ ۾ گهڻا ڏک نظر آيا۔ سنڌ ججو ڏاکڻون ۽ لاڙ وارو حصو تازين برساتن سبب گهڻو تباهه ٿيو آهي۔ جنهن جا منظر اوهان جي تصويرن ۽ ٽي وي تي آيل رپورٽن مان واضح آهن۔

ٻئي طرف وري جبلن ۽ دڙن تي سجايل قدرتي ساوڪ به وڻندڙ لڳي۔ مان جڏهن حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاء وي ذريعي آيس ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ ۽ مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڪيئي ولر چرندي نظر آيا۔

ڪالهه جڏهن وسندڙ مينهن ۾ سپر هاء وي کان 45 ڪلوميٽر پري گڏاپ طرف ٿڌي ڊيم تي وياسون ته اهو نظارو به لاجواب هو۔ جبلن تان لٿل گهڻو پاڻي ٿڌي ڊيم ۾ گڏ ٿيو آهي ۽ وڻن، ٻيلن ۽ ٿيل گلڪاري به دل کي وڻندڙ هئي پر افسوس جو مونکي ڪيمرا ڪانه هئي۔
 
Back
Top