4shared web folder

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم،
    دوستو اسان جا تمام گهڻا ميمبر 4shared.com جي سائيٽ استعمال ڪندا آهن... هيءَ سائيٽ فائل اسٽور ڪرڻ جي لاءِ منهنجي خيال ۾ سڀ کان بهترين سروس آهي.. ان جي ڪاميابيءَ جو راز ميمبرن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏيڻ ۽ گهٽ کان گهٽ پابنديون لڳائڻ آهي. دوستو 4shared.com سائيٽ جي هڪ اهڙي سروس جيڪا مان کي تمام گهڻي پسند آهي جنهن ۾ توهان پنهنجي 4shared.com جي اڪائونٽ کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هڪ فولڊر جي طرح ڏسي سگهو ٿا. ۽ هڪ لوڪل فولڊر جي طرح سان ان ۾ ڪم ڪري سگهو ٿا. ان مان فائل کي ڪاپي ڪرڻ...ان ۾ فائل کي ايڊ ڪرڻ وغيره سڀ ڪجهه ان ۾ ممڪن آهي... يعني هيءَ هوندي توهان جي %100 فري ويب ڊسڪ..ان جي سائيز هوندي هڪ نارمل 4shared اڪائونٽ جي يعني پوري 15GB ...هاڻي توهان هر جائي تي ۽ هر وقت پنهنجي ڊيٽا کي پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا. ان جو استعمال تمام آسان آهي. ۽ ان جي ايڪٽيويشن به تمام آسان آهي..ته پوءِ اچو ته اسٽارٽ ٿا ڪريون.
    سڀ کان پهريان ته توهان وٽ 4shared.com جو اڪائونٽ هجڻ ضروري آهي... جي توهان جو اڪائونٽ ٺهيل نه آهي ته توهان فريءَ ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي سگهو ٿا.ان کان پوءِ My Computer کي اوپن ڪري Tools مينيو ۾ وڃي Map Network Drive تي ڪلڪ ڪيو. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    هڪ نئي ونڊو کلندي ان نئي ونڊو ۾ Sign up for online storage or connect to a network server تي ڪلڪ ڪيو. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    ان طرح Add Network Place Wizard جي ونڊو کلي ويندي.هاڻي توهان Next تي ڪلڪ ڪيو. پوءِ هڪ ٻي ونڊو کلي ويندي . ان ۾ توهان Choose another network location تي ڪلڪ ڪرڻو آهي. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    پوءِ Next تي ڪلڪ ڪيو. هاڻي هڪ نئي ونڊوکلي ويندي . هيءَ توهان کان Internet or Network Address گهرندي، ان ۾ توهان http:// webdav.4shared.com:80/wa لکڻو آهي. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    ان کان پوءِ Next تي ڪلڪ ڪيو.هي ڪنيڪٽ ٿيڻ جي لاءِ توهان جو user name ۽ password پڇندو. ان ۾ توهان پنهنجي 4shared.com جو پنهنجو user name ۽ password لکو. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    هاڻ سائين توهانجو ڪم ٿي ويو.15GB فري ويب اسپيس.. جيتريون چاهيو فائلس رکو ان ۾...۽ جتي چاهيو ۽ جيڪا چاهيو ڪاپي ڪيو ان مان... هي مڪمل توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ويب فولڊر هوندو.. هي بلڪل My Documents وغيره جي طرح جو فولڊر نظر ايندو توهان کي.. پر ان ۾ جيڪو ڪجهه به هوندو اهو توهان جي 4shared جي اڪائونٽ جو هوندو ۽ توهان ان ۾ جيڪو ڪجهه به ايڊ ڪندو اهو توهان جي 4shared جي اڪائونٽ ۾ ايڊ ٿيندو فائل کي پڪڙي يعني ڊريگ ڪري ان ۾ ايڊ يان اِن مان ڪاپي ٿي سگهي ٿي. ڏسو هيٺ ڏنل تصوير ۾

    [​IMG]

    نوٽ:- جي توهان اِن ويب فولڊر کي پنهنجي فليش يان ڊيسڪٽاپ تي رکڻو هجي ته My Network Places کي اوپن ڪري اتان ڪاپي ڪري فليش وغيره ۾ سيو ڪري سگهو ٿا.
    دوستو ضرور ٽرائي ڪيو... تمام ڪارآمد فري سروس آهي.
    اميد آهي ته توهان کي منهنجي هيءَ ڪاوش ضرور پسند ايندي وري ملنداسين هڪ نئين شيئرنگ سان تيستائين پنهنجي دوست ڊاڪٽر کي اجازت ڏيندا الله حافظ...
     
  2. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 4shared web folder

    سائين اڪائونٽ ڪونه پيو کلي ان جي وجه ڇا آهي۔۔۔؟
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 4shared web folder

    ڊاڪٽر صاحب جو انتهائي لاجواب ۽ ڪارائتو ليک
    ادا ممتاز توهان ڪهڙي اڪائونٽ جي ڳالهه پيا ڪريو۔۔۔ فورشيئرڊ اڪائونٽ جو پاسورڊ توهان کان وسري ته ناهي ويو۔۔۔ :smile:
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: 4shared web folder

    لاجواب ونڊ آهي ادا

    جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 4shared web folder

    ادا ڊاڪٽر صاحب تمام بهرين فائدي واري شيءَ جو ڏس ڏنو اٿو، لک شاباسون
    جاري رکجو
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: 4shared web folder

    سائين لاجواب ء ڪارائتي ونڊ
     
  7. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: 4shared web folder

    سائين لاجواب ء ڪارائتي ونڊ پر هڪ مسعلو پيش اچي رهيو آهي جڏهن آئون 4shared جي لنڪ لکي پوئي Next تي ڪلڪ ٿو ڪريان ته هڪ ايرر اچي ٿو وڄي ته"توهان جيڪو فولڊر لکيو آهي اهو انويلڊ آهي" وڌيڪ معلومات لائي هيٺين اسڪرين شاٽ ڏسو۔
    [​IMG]

    جيڪڏهن ان جو ڪو حل هجي ته اسان جي رهنمائي ڪريو۔
     
  8. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 4shared web folder

    سائيي گهڻي دفعه پاس ورڊ وڌو آهي پر ارور ٿي ٿو وڃي۔۔
     
  9. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 4shared web folder

    سائين توهان جي هدايت مطابق ڪوشش ڪئي پر 4 شئرڊ اڪائونٽ ارور اچي ٿو ايئين ڇو آهي ۽ ان جوڪارڻ ڇا آهي۔۔۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 4shared web folder

    دوست ڳالهه ۾ الجهندا هجن ته هتي ڪلڪ ڪري فورشيرڊ جي آفيشل پيج تي اچي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري وٺن۔۔۔
     
  11. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: 4shared web folder

    باقي سب ڪم ٿي ويو بس اوپن نه پيو ٿئي۔۔۔
    [​IMG]
     
  12. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: 4shared web folder

    ڪم ٿي ويو بس ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪيو هو
    سائين مهرباني۔۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو